Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 10:29 - Sindhi Bible

29 منهنجو پيءُ جنهن اُهي مون کي ڏنيون آهن، سو سڀني کان وڏو آهي؛ ۽ ڪنهن کي بہ اها طاقت ڪانهي تہ پيءُ جي هٿ مان اُهي کسي سگهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 منهنجو پتا، جنهن مون کي اهي ڏنيون آهن سو سڀني کان وڏو آهي ۽ ڪوبہ منهنجي پتا کان اهي کسي نہ سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 منهنجو پيءُ، جنهن مون کي اهي ڏنيون آهن سو سڀني کان وڏو آهي ۽ ڪوبہ منهنجي پيءُ کان اهي کسي نہ سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 منھنجو پيءُ، جنھن مون کي اھي ڏنيون آھن سو سڀني کان وڏو آھي ۽ ڪوبہ منھنجي پيءُ کان اھي کسي نہ سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 10:29
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند عظيم آهي، ۽ گهڻيءَ تعريف جي لائق آهي؛ ۽ سندس عظمت دريافت ڪرڻ کان ٻاهر آهي.


هاڻي مون کي خبر پيئي آهي تہ خداوند سڀني معبودن کان وڏو آهي، جنهن هن اُمت کي مصرين جي هٿان ڇڏايو آهي، ڇالاءِ جو انهن مغروريءَ سان هنن جي برخلاف ڪيو.


هن جون نشانيون ڪهڙيون نہ وڏيون آهن! ۽ هن جا عجيب ڪم ڪهڙا نہ عظيم آهن! هن جي بادشاهت هميشہ لاءِ آهي، ۽ هن جي سلطنت پيڙهي بہ پيڙهي آهي.


پر لعنت آهي اُنهيءَ دغاباز تي، جنهن جي گلي ۾ نر هوندي بہ هو خداوند جي لاءِ عيب واري جانور جي مڃت مڃي اُها قربان ٿو ڪري: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ وڏو بادشاهہ آهيان، ۽ منهنجو نالو قومن ۾ مهيب آهي.


۽ آئون کين هميشہ جي زندگي ٿو ڏيان؛ ۽ اُهي ڪڏهن برباد ڪونہ ٿينديون ۽ ڪوبہ منهنجي هٿ مان اُنهن کي ڪين کسيندو.


اوهان ٻُڌو آهي جو چيومانوَ تہ آئون هليو ٿو وڃان، ۽ وري اوهان وٽ ايندس. جيڪڏهن اوهان جو مون تي پيار هجي ها، تہ هوند خوش ٿيو ها، جو آئون پيءُ وٽ ٿو وڃان: ڇوتہ پيءُ مون کان وڏو آهي.


۽ هن کانپوءِ آئون دنيا ۾ نہ آهيان، پر اهي دنيا ۾ آهن، ۽ آئون تو وٽ ٿو اچان. اي پاڪ بابا، پنهنجو نالو جو تو مون کي ڏنو آهي، تنهن ۾ اُنهن کي رکي وٺ، تہ اُهي هڪ ٿين، جيئن اسين پاڻ هڪ آهيون.


جيئن تو هن کي سڀني ماڻهن تي اختياري بخشي آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي تو کيس ڏنا آهن، تن کي هو هميشہ جي زندگي بخشي.


جيڪي ماڻهو تو مون کي دنيا مان ڏنا آهن، تن کي مون تنهنجو نالو ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي: اُهي تنهنجا هئا، ۽ تو اُهي مون کي ڏنا آهن، ۽ انهن تنهنجو ڪلام بجا آندو آهي.


آئون هنن لاءِ ٿو سوال ڪريان: دنيا لاءِ نٿو ڪريان، پر اُنهن لاءِ، جي تو مون کي ڏنا آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي تنهنجا آهن.


جيڪي بہ پيءُ مون کي ڏئي ٿو، سي مون وٽ ايندا، ۽ جيڪو مون وٽ اچي ٿو، تنهن کي آئون اصل ڪڍي ڪين ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ