Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 1:9 - Sindhi Bible

9 سچو نُور جو هرهڪ انسان کي روشن ٿو ڪري، سو جهان ۾ اچڻو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 اها حقيقي روشني جيڪا هر هڪ انسان تي چمڪندي آهي سا پاڻ سنسار ۾ اچڻ واري هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اها حقيقي روشني جيڪا هر هڪ انسان تي چمڪندي آهي سا پاڻ دنيا ۾ اچڻ واري هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 اھا سچي روشني جيڪا ھر ھڪ انسان تي چمڪي ٿي سا اچڻ واري ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 1:9
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هائو، هو فرمائي ٿو تہ اها هڪڙي تمام خسيس ڳالهہ آهي تہ يعقوب جي قبيلن کي اُٿارڻ لاءِ، ۽ اسرائيل جي بچيلن کي قائم ڪرڻ لاءِ تون منهنجو بندو ٿين: آءٌ توکي غير قومن لاءِ روشنائي ڪري ڏيندس، تہ زمين جي ڇيڙي تائين تون منهنجي نجات پهچائين.


شريعت ڏي ۽ شاهديءَ ڏانهن نظر ڪريو! جيڪڏهن اُهي هن ڪلام موافق نہ ڳالهائين، تہ يقيناً هنن جي لاءِ صبح ڪونہ ٿيندو.


پر جي تنهنجي اک بڇڙي هوندي، تہ تنهنجو سڄو بدن اوندهہ سان ڀريل هوندو. تنهنڪري جيڪا روشني تو ۾ آهي، سا جي اوندهہ ٿي پيئي تہ اُها ڪيڏي نہ وڏي اوندهہ چئبي.


تنهنڪري جيڪڏهن تنهنجو سڄو بدن روشنيءَ سان ڀريل آهي، ۽ ڪنهن بہ ڀاڱي ۾ اونداهي نہ آهي، تہ ساڳيو جيئن ڏيئو پنهنجي تجليءَ سان توکي سوجهرو ٿو ڏئي، تيئن تنهنجو سڄو ئي بدن روشنيءَ سان ڀريل رهندو.


هن ۾ زندگي هئي؛ ۽ اُها زندگي ماڻهن جو نُور هئي.


اُهو شاهديءَ لاءِ آيو، تہ نُور بابت شاهدي ڀري، تہ سڀيئي هن جي ڪري ايمان آڻين.


آئون نُور ٿي جهان ۾ آيو آهيان، تہ جيڪو مون تي ايمان آڻي، سو اونداهيءَ ۾ نہ رهي.


يسوع چيس تہ واٽ ۽ سچ ۽ زندگي آئون آهيان: منهنجي وسيلي ڌاران ڪوبہ پيءُ وٽ نٿو اچي.


ڊاک جي سچي ول آئون آهيان، ۽ منهنجو پيءُ باغبان آهي.


تڏهن يسوع چين، تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ اُهو موسيٰ ڪين هو جنهن اوهان کي آسمان مان ماني ڏني، پر منهنجو پيءُ اوهان کي آسمان مان سچي ماني ٿو ڏئي.


۽ هن بابت ماڻهن ۾ ڏاڍي سُر پُر هلي: ڪن پئي چيو تہ هو نيڪ ماڻهو آهي: ۽ ٻين پئي چيو تہ نہ، هو ماڻهن کي گمراهہ ٿو ڪري.


جيڪڏهن اسين چئون تہ اسين بي گناهہ آهيون، تہ اسين پاڻ کي ٺڳيون ٿا ۽ اسان ۾ سچائي ڪانهي.


وري اوهان ڏانهن هڪڙو نئون حڪم ٿو لکان، جا ڳالهہ منجهس توڙي اوهان ۾ سچي آهي؛ ڇالاءِ جو اوندهہ گذرندي ٿي وڃي، ۽ سچي روشني هاڻي چمڪڻ لڳي آهي.


۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آهي، ۽ اسان کي سمجهہ ڏني اٿس، تہ جيڪو سچو آهي تنهن کي ڄاڻون؛ ۽ جيڪو سچو آهي تنهن ۾ اسين آهيون، يعني سندس فرزند يسوع مسيح ۾. اهوئي سچو خدا ۽ هميشہ جي زندگي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ