Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 1:50 - Sindhi Bible

50 يسوع هن کي جواب ڏيئي چيو، تہ مون جو توکي انجير جي وڻ هيٺان ڏٺو، تنهنڪري ايمان آندو اٿيئي ڇا؟ تون انهي کان بہ وڏيون ڳالهيون ڏسندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

50 يسوع چيس تہ ”ڇا تون انهيءَ ڪري وشواس ٿو آڻين جو مون تو کي ٻڌايو تہ تو کي انجير جي وڻ هيٺ ڏٺو هئم؟ پر تون هن کان بہ وڏيون ڳالهيون ڏسندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

50 عيسيٰ چيس تہ ”ڇا تون انهيءَ ڪري ايمان ٿو آڻين جو مون تو کي ٻڌايو تہ تو کي انجير جي وڻ هيٺ ڏٺو هئم؟ پر تون هن کان بہ وڏيون ڳالهيون ڏسندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

50 عيسيٰ چيس تہ ”ڇا تون انھيءَ ڪري ايمان ٿو آڻين جو مون تو کي ٻڌايو تہ مون تو کي انجير جي وڻ ھيٺ ڏٺو ھو؟ تون ھن کان بہ وڏيون ڳالھيون ڏسندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 1:50
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو جنهن وٽ ڪي آهي تنهن کي ڏنو ويندو ۽ اُنهي وٽ ججهو ٿي پوندو: پر جنهن وٽ ڪي ڪينهي، تنهن کان پاڻ جيڪي اٿس سو بہ کسي وٺبو.


۽ رستي جي ڀرسان هڪڙو انجير جو وڻ ڏسي انهي ڏانهن آيو، ۽ ڏٺائين تہ پنن کانسواءِ منجهس ٻيو ڪي ڪينهي، سو هن کي چوڻ لڳو تہ اڄ ڏينهن کان وٺي ڪڏهن بہ تو ۾ ڦل نہ ٿئي، ۽ انهي دم اُهو انجير جو وڻ سُڪي ويو.


ڇالاءِ جو جنهن وٽ ڪي آهي، تنهن کي ٻيو بہ ڏيو، ۽ انهي وٽ ججهو ئي گڏ ٿيندو: پر جنهن وٽ ڪي ڪينهي، تنهن کان پاڻ جيڪي وٽس آهي سو بہ کسي وٺبو.


۽ اها مبارڪ آهي جنهن ايمان آندو، ڇو جو جيڪي ڳالهيون خداوند جي پاران کيس ٻڌايون ويون آهن، سي پوريون ٿينديون.


يسوع اهو ٻُڌي هن تي عجب کاڌو، ۽ جيڪي ماڻهو سندس پٺيان پئي آيا، تن ڏانهن منهن ڪري چيائين تہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ مون هيڏو ايمان اسرائيل ۾ بہ ڪونہ ڏٺو.


نتن ايل جواب ڏنس تہ اي اُستاد، تون خدا جو فرزند آهين، تون اسرائيل جو بادشاهہ آهين.


وري هن کي چيائين تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ اوهين آسمان کي کُليل ۽ خدا جي ملائڪن کي ابن آدم تي مٿي چڙهندو ۽ لهندو ڏسندا.


يسوع چيس، تہ مون ڪين چيو تہ جي ايمان آڻيندينءَ تہ خدا جو جلال ڏسندينءَ؟


يسوع چيس تہ تو مون کي ڏٺو آهي، تنهنڪري ايمان آندو اٿيئي: پر مبارڪ آهن اُهي، جن بنا ڏٺي ايمان آندو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ