Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 1:48 - Sindhi Bible

48 نتن ايل کيس چيو تہ تون مون کي ڪيئن ٿو سڃاڻين؟ يسوع هن کي جواب ڏيئي چيو تہ جڏهن تون انجير جي وڻ هيٺان هُئين ۽ فلپس توکي ڪوٺيو، تنهن کان اڳي مون توکي ڏٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

48 تڏهن نٿن‌ايل کانئس پڇيو تہ ”اوهين مون کي ڪيئن ٿا سڃاڻو؟“ يسوع وراڻيس تہ ”فلپس جي تو کي سڏي اچڻ کان اڳ ۾ مون تو کي انجير جي وڻ هيٺان ڏٺو هو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

48 تڏهن نٿن‌ايل کانئس پڇيو تہ ”اوهين مون کي ڪيئن ٿا سڃاڻو؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”فلپس جي تو کي سڏي اچڻ کان اڳ ۾ مون تو کي انجير جي وڻ هيٺان ڏٺو هو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

48 تنھن تي نٿن⁠ايل کانئس پڇيو تہ ”اوھين مون کي ڪيئن ٿا سڃاڻو؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”فلپس جي تو کي سڏڻ کان اڳ ۾ مون تو کي انجير جي وڻ ھيٺان ڏٺو ھو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 1:48
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيندو تہ انهن جي سڏڻ کان اڳي آءٌ جواب ڏيندس؛ ۽ اُهي اڃا ڳالهائيندا هوندا، تہ آءٌ سندن ٻڌندس.


فلپس، ۽ برتلمئي، توما، ۽ متي محصولي ٺيڪيدار؛ حلفيءَ جو پٽ يعقوب، ۽ ٿدئي،


پر جڏهن تون دعا گهرين، تڏهن پنهنجي اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ وڃ، ۽ در پوري پنهنجي پيءُ کان دعا گهر، جو ڏسڻ ۾ نٿو اچي، ۽ تنهنجو پيءُ جو پوشيدگيءَ ۾ ڏسي ٿو، سو توکي اجر ڏيندو.


اُهو فلپس بيت صيدا جو ويٺل هو، جتي اندرياس ۽ پطرس بہ رهندا هئا.


اُهي فلپس وٽ آيا، جو گليل واري بيت صيدا شهر جو ويٺل هو، ۽ سوال ڪري چيائونس، تہ سائين اسان جي مرضي آهي تہ يسوع کي ڏسون.


فلپس چيو تہ اي خداوند، اسان کي پيءُ ڏيکار تہ اسان لاءِ بس آهي.


۽ هن کي ضرورت ڪانہ هئي تہ انسان بابت ڪوبہ شاهدي ڀري؛ ڪيئن جو هن ڄاتو ٿي تہ انسان ۾ ڇا ڇا آهي.


پوءِ يسوع اکيون مٿي کڻي ڏٺو تہ هڪ وڏو ميڙاڪو وٽس پيو اچي، تڏهن فلپس کي چوڻ لڳو تہ هيترا جي کائيندا، سو ماني ڪٿان ڳنهون؟


فلپس هن کي جواب ڏنو، تہ هڪڙي هڪڙي کي ٿورو کائڻ لاءِ ملي، تہ بہ اُنهن لاءِ ٻن سون دينارن جون مانيون پوريون نہ ٿينديون.


۽ سندس دل جا ڳُجهہ ظاهر ٿي پوندا، ۽ نيٺ هو گوڏا کوڙي خدا کي سجدو ڪندو، ۽ قبول ڪندو تہ تحقيق خدا اوهان ۾ آهي.


تنهنڪري جيسين ڪ خداوند نہ اچي، تيسين وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، جو هو اونداهيءَ ۾ لڪل شيون سوجهري ۾ آڻيندو ۽ دلين جون رٿون ظاهر ڪندو. پوءِ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي تعريف خدا جي طرفان ٿيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ