Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 1:43 - Sindhi Bible

43 ٻئي ڏينهن يسوع گليل ۾ وڃڻ جو ارادو ڪيو، ۽ فلپس کي وڃي گڏيو، ۽ چيائينس تہ منهنجي پٺيان اچ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

43 ٻئي ڏينهن تي يسوع گليل علائقي ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. اتي پهچي هو فلپس سان مليو ۽ کيس چيائين تہ ”منهنجي پٺيان هل.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

43 ٻئي ڏينهن تي عيسيٰ گليل علائقي ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. اتي پهچي هو فلپس سان مليو ۽ کيس چيائين تہ ”منهنجي پٺيان هل.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

43 ٻئي ڏينھن تي عيسيٰ گليل ڏانھن وڃڻ جو ارادو ڪيو. ھو وڃي فلپس سان مليو ۽ کيس چيائين تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 1:43
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جن مون کي نٿي گهريو سي منهنجي پڇا ٿا ڪن؛ جن مون کي نٿي ڳوليو، تن مون کي لڌو آهي: جا قوم منهنجي نالي سان سڏجڻ ۾ نٿي آئي، تنهن کي مون چيو تہ مون ڏانهن نهار، مون ڏانهن نهار.


فلپس، ۽ برتلمئي، توما، ۽ متي محصولي ٺيڪيدار؛ حلفيءَ جو پٽ يعقوب، ۽ ٿدئي،


هاڻي جڏهن هن ٻڌو تہ يوحنا کي جهلايو اٿن، تڏهن پاڻ نڪري گليل ڏانهن ويو؛


پر يسوع چيس تہ منهنجي پٺيان اچ؛ ڀلي تہ مردا پنهنجن مردن کي دفن ڪن.


۽ جڏهن يسوع اُتان اڳتي هليو، تڏهن متي نالي هڪڙو ماڻهو اڪٽ تي ويٺل ڏٺائين: ۽ هن کي چيائين تہ منهنجي پٺيان اچ؛ ۽ هو اُٿي سندس پٺيان هليو.


ڇالاءِ جو ابن آدم جيڪي گمراهہ ٿي ويا آهن تن کي ڳولڻ ۽ بچائڻ آيو آهي.


اهي ڳالهيون يردن جي پرئين ڀر بيت عنياہ ۾ ٿيون، جتي يوحنا بپتسما ٿي ڏني.


ٻئي ڏينهن هن يسوع کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي چيو، تہ ڏسو خدا جو گهيٽو، جو جهان جو گناهہ کڻي ٿو وڃي!


وري ٻئي ڏينهن يوحنا ۽ سندس شاگردن مان ٻہ ڄڻا بيٺا هئا؛


۽ هنن ٻن شاگردن هن کي ائين چوندو ٻُڌو، ۽ يسوع جي پٺيان ويا.


اُهو فلپس بيت صيدا جو ويٺل هو، جتي اندرياس ۽ پطرس بہ رهندا هئا.


اُهي فلپس وٽ آيا، جو گليل واري بيت صيدا شهر جو ويٺل هو، ۽ سوال ڪري چيائونس، تہ سائين اسان جي مرضي آهي تہ يسوع کي ڏسون.


فلپس چيو تہ اي خداوند، اسان کي پيءُ ڏيکار تہ اسان لاءِ بس آهي.


هيءَ سندس معجزن جي شروعات هئي، جا يسوع گليل جي قانا شهر ۾ ڪري، پنهنجو جلال ظاهر ڪيو، ۽ هن جي شاگردن مٿس ايمان آندو.


پوءِ يسوع اکيون مٿي کڻي ڏٺو تہ هڪ وڏو ميڙاڪو وٽس پيو اچي، تڏهن فلپس کي چوڻ لڳو تہ هيترا جي کائيندا، سو ماني ڪٿان ڳنهون؟


فلپس هن کي جواب ڏنو، تہ هڪڙي هڪڙي کي ٿورو کائڻ لاءِ ملي، تہ بہ اُنهن لاءِ ٻن سون دينارن جون مانيون پوريون نہ ٿينديون.


نہ انهي لاءِ تہ مون اها مراد اڳيئي حاصل ڪئي آهي، يا اڳيئي ڪامل ٿي چڪو آهيان: پر آئون ڌوڪيندو اڳتي ٿو وڃان، تہ من اُها شيءِ وڃي هٿ ڪريان، جنهن لاءِ مسيح بہ مون کي هٿ ڪيو آهي.


اسين پيار انهي لاءِ ٿا ڪريون ڇالاءِ جو هن پهرين اسان کي پيار ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ