Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 1:38 - Sindhi Bible

38 يسوع ڦري هنن کي ايندو ڏسي، کين چيو تہ اوهين ڇا ٿا ڳوليو؟ هنن چيس تہ اي ربي (يعني استاد) تون ڪٿي ٿو رهين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

38 يسوع ڦري انهن کي پنهنجي پويان ايندي ڏسي چيو تہ ”اوهين ڪهڙي ڳولا ۾ آهيو؟“ تنهن تي انهن جواب ڏنو تہ ”اي ربي (يعني گرو)! اوهين ڪٿي رهو ٿا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 عيسيٰ ڦري انهن کي پنهنجي پويان ايندي ڏسي چيو تہ ”اوهين ڪهڙي ڳولا ۾ آهيو؟“ تنهن تي انهن جواب ڏنو تہ ”اي ربي (يعني استاد)! اوهين ڪٿي رهو ٿا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

38 عيسيٰ ڦري انھن کي پنھنجي پويان ايندي ڏسي چيو تہ ”اوھان کي ڇا گھرجي؟“ تنھن تي انھن جواب ڏنو تہ ”اي ربي (يعني استاد)! اوھين ڪٿي رھو ٿا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 1:38
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀاڳا آهن تنهنجا ماڻهو، سڀاڳا آهن تنهنجا نوڪر، جي هميشہ تنهنجي اڳيان بيهن ٿا، ۽ تنهنجي ڏاهپ ٻڌن ٿا.


مون خداوند کي هڪڙو سوال ڪيو آهي، ۽ انهي جو آءٌ طالب رهندس؛ تہ آءٌ سڄي ڄمار خداوند جي گهر ۾ گذاريان، ۽ خداوند جو جمال ڏسان، ۽ سندس هيڪل ۾ ڌيان ڪريان.


ڏاهن سان گهم ڦر تہ تون بہ ڏاهو ٿين: پر بي عقلن جو سنگتي انهيءَ لاءِ هلاک ٿيندو.


جيڪي ان کي هٿ وجهي جهلين ٿا تن جي لاءِ اُها حياتيءَ جو وڻ آهي: ۽ جيڪو اُن کي وٺي جهلي ٿو سو سڀاڳو آهي.


سڀاڳو آهي اُهو ماڻهو جو منهنجي ٻڌي ٿو، ۽ هر روز منهنجن دروازن تي خبردار ٿي بيهي ٿو، ۽ منهنجن درن جي چانئٺ تي منتظر ٿي بيهي ٿو.


اي خداوند تون هميشہ قائم آهين؛ تنهنجو تخت پيڙهي بہ پيڙهي هلندو هلي.


۽ مريم نالي سنديس ڀيڻ هئي، جنهن يسوع جي پيرن وٽ ويهي سندس ڪلام ويٺي ٻُڌو.


هاڻي ماڻهن جا ميڙاڪا ساڻس پئي ويا، تنهن تي هن ڦري چين تہ


۽ هو اُٿي پيءُ وٽ آيو، پر اڃا پري ئي هو تہ پڻس ڏٺس، ۽ مٿس ڪهل اچي ويس، ۽ ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چُميائينس.


۽ جڏهن يسوع اُنهي هنڌ آيو، تڏهن مٿي نهاري چيائينس، تہ اي زڪي، جلدي ڪري لهي اچ، ڇالاءِ جو اڄ مون کي تنهنجي گهر ٽڪڻو آهي.


۽ خداوند ڦري پطرس ڏانهن نهاريو، تنهن تي پطرس کي خداوند جي ڳالهہ ياد آئي، جو چيو هئائينس تہ اڄ ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳي ٽي ڀيرا تون منهنجو انڪار ڪندين.


پر جنهن ماڻهوءَ مان ڀوت نڪري ويا هئا، تنهن کيس عرض ڪيو تہ مون کي پاڻ وٽ رهڻ ڏي: پر هن کيس روانو ڪري چيو تہ


۽ هنن ٻن شاگردن هن کي ائين چوندو ٻُڌو، ۽ يسوع جي پٺيان ويا.


هن چيو تہ هلي ڏسو. پوءِ هو آيا ۽ جتي هو رهندو هو، اُهو هنڌ اچي ڏٺائون؛ ۽ اُهو ڏينهن وٽس ٽڪيا: اُهو اٽڪل ڏهين بجي جو وقت هو.


نتن ايل جواب ڏنس تہ اي اُستاد، تون خدا جو فرزند آهين، تون اسرائيل جو بادشاهہ آهين.


اُهي فلپس وٽ آيا، جو گليل واري بيت صيدا شهر جو ويٺل هو، ۽ سوال ڪري چيائونس، تہ سائين اسان جي مرضي آهي تہ يسوع کي ڏسون.


هاڻي يسوع کي سڀ خبر هئي تہ مون سان ڇا ٿيڻو آهي، تنهنڪري نڪري آيو، ۽ چيائين تہ ڪنهن کي ٿا ڳوليو؟


تڏهن وري پڇيائين تہ ڪنهن کي ٿا ڳوليو؟ هنن چيو تہ يسوع ناصريءَ کي.


سو رات جو وٽس آيو ۽ چيائينس تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون خدا جي طرفان اُستاد ٿي آيو آهين: ڇالاءِ تہ جيڪي معجزا تون ڏيکارين ٿو، سي جيڪر ڪوبہ ڏيکاري نہ سگهي، جيڪڏهن خدا ساڻس نہ هجي.


۽ اُنهن يوحنا وٽ اچي کيس چيو تہ اي اُستاد، اُهو جو يردن جي هن ڀر تو ساڻ هو، جنهن بابت تو شاهدي ڀري آهي، ڏس اُهو بپتسما پيو ڏئي، ۽ سڀيئي ماڻهو هن وٽ پيا وڃن.


ايتري ۾ شاگردن عرض ڪري چيس، تہ اي اُستاد، ڪجهہ کاءُ.


۽ جڏهن سمنڊ جي پار ڳولي اچي لڌائونس، تڏهن چيائونس تہ اي اُستاد، تون هتي ڪڏهن آئين؟


تڏهن پطرس لهي انهن ماڻهن وٽ آيو ۽ چيائين، تہ اِجهو، جنهن کي اوهين ڳوليو ٿا، سو آئون آهيان: اوهين ڪيئن آيا آهيو؟


انهي ڪري جڏهن مون کي سڏڻ آيا، تڏهن ڪنهن بہ عذر کانسواءِ آئون هليو آيس. هاڻي ٻُڌايو تہ مون کي ڇو گهُرايو اٿوَ؟


۽ روٿ چيو تہ مون کي منٿ نہ ڪر تہ توکي ڇڏي هلي وڃان ۽ تنهنجي پٺيان نہ هلان ۽ موٽي وڃان: ڇالاءِ جو جيڏانهن تون ويندينءَ اوڏانهن آءٌ بہ هلنديس؛ ۽ جتي تون رهندينءَ اُتي آءٌ بہ رهنديس: تنهنجي قوم منهنجي قوم ٿيندي، ۽ تنهنجو خدا منهنجو خدا ٿيندو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ