Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 1:19 - Sindhi Bible

19 ۽ يوحنا جي شاهدي هيءَ آهي، تہ جڏهن يهودين يروشلم مان ڪاهن ۽ لاوي وٽس موڪليا، تہ پڇي اچوس تہ تون ڪير آهين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 يوحنا جي شاهدي هن طرح آهي تہ جڏهن يروشلم جي يهودي اڳواڻن يوحنا ڏانهن ڪاهن ۽ لاوي موڪليا، جن اچي کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آهين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 يحيٰ جي شاهدي هن طرح آهي تہ جڏهن يروشلم جي يهودي اڳواڻن يحيٰ ڏانهن ڪاهن ۽ لاوي موڪليا، جن اچي کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آهين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 يحيٰ جي شاھدي ھن طرح آھي تہ جڏھن يروشلم جي يھودي اڳواڻن يحيٰ ڏانھن ڪاھن ۽ لاوي موڪليا، جن اچي کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آھين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 1:19
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اُهو شاهديءَ لاءِ آيو، تہ نُور بابت شاهدي ڀري، تہ سڀيئي هن جي ڪري ايمان آڻين.


تڏهن يهودي ويڙهي ويس، ۽ چيائونس تہ تون اسان کي ڪيستائين شڪ ۾ رکندين؟ جيڪڏهن تون مسيح آهين تہ اسان کي صاف چئي ڏي.


تنهن تي يهودين کيس سنگسار ڪرڻ لاءِ وري بہ پهڻ کنيا.


۽ گهڻيئي يهودي مارٿا ۽ مريم وٽ سندن ڀاءُ جي لاءِ عذرخواهي ڪرڻ آيا هئا.


تڏهن يهودين جواب ڏيئي چيس، تہ تون جو هي ڪم ٿو ڪرين، تنهن لاءِ اسان کي ڪهڙي نشاني ٿو ڏيکارين؟


تڏهن يهودين چيو تہ هن هيڪل کي ٺهڻ ۾ ڇائيتاليهہ ورهيہ لڳا آهن، ۽ تون اُهو ٽن ڏينهن ۾ کڙو ڪري بيهاريندين ڇا؟


تڏهن جيڪو ماڻهو ڇُٽي چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن کي يهودي چوڻ لڳا تہ اڄ سبت آهي، سو توکي کٽولو کڻڻ روا نہ آهي.


پوءِ انهي ماڻهوءَ وڃي يهودين کي ٻُڌايو تہ اُهو يسوع آهي، جنهن مون کي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي.


۽ انهي سبب ڪري يهودي، يسوع کي ستائڻ لڳا، ڇالاءِ جو هن سبت جي ڏينهن اهڙا ڪم ٿي ڪيا.


انهي سبب ڪري يهودي هيڪاري کيس مارڻ لاءِ وجهہ ڳولڻ لڳا، ڇالاءِ جو هن نہ رڳو سبت ٿي ڀڳو، پر خدا کي خاص پنهنجو پيءُ سڏي، پاڻ کي خدا جي برابر ٿي ڪيائين.


تڏهن يهودي هن بابت سُر پُر ڪرڻ لڳا، ڇالاءِ جو هن چيو تہ آسمان مان جا ماني لهي آئي آهي، سا آئون آهيان.


تنهن تي يهودي پاڻ ۾ اچي اٽڪيا، ۽ چوڻ لڳا تہ هي ماڻهو اسان کي پنهنجو گوشت ڪيئن کائڻ لاءِ ڏيندو؟


۽ هنن ڳالهين کانپوءِ يسوع گليل ۾ پئي گهُميو: ڇالاءِ تہ مرضي نہ هيس تہ يهوديہ ۾ گهُمان، جو يهودين کيس مارڻ لاءِ پئي وجهہ ڳوليا.


تڏهن يهودي عيد تي کيس ڳولڻ لڳا، ۽ پئي چيائون تہ هو ڪٿي آهي؟


تنهن تي يهودي عجب ۾ پئي چوڻ لڳا تہ هن کي بنا پڙهڻ ڳڙهڻ جي علم ڪيئن آيو؟


تنهن تي يهودي چوڻ لڳا، تہ متان پاڻ کي ماريندو تہ ڪين، جو چوي ٿو تہ جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اوڏانهن اوهين اچي ڪين سگهندا؟


يهودين جواب ڏيئي چيس تہ اسان پوري ڳالهہ ڪين ڪئي آهي، تہ تون سامري آهين، ۽ تو ۾ ڀوت آهي؟


يهودين چيس تہ هاڻي اسان سمجهيو تہ تو ۾ ڀوت آهي. ابراهيم مري ويو، ۽ نبي مري ويا، ۽ تون ٿو چئين تہ جيڪو منهنجي ڪلام تي هلندو، سو موت جو مزو اصل نہ چکندو.


تنهن تي يهودين چيس تہ تون پنجاهہ ورهين جو بہ ڪين آهين، ۽ تو ابراهيم کي ڏٺو آهي ڇا؟


۽ جڏهن يوحنا پنهنجو دور پورو ڪرڻ تي هو، تڏهن چيائين، تہ اوهين ڀانئيو ٿا تہ آئون ڪير آهيان؟ آئون اُهو ناهيان؛ پر ڏسو، مون کانپوءِ اُهو شخص ٿو اچي، جنهن جي پيرن جي جُتيءَ جي ڌاڳن ڇوڙڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان.


تنهن تي پولس چيو، تہ يوحنا توبهہ جي بپتسما ڏيندو هو، ۽ ماڻهن کي چوندو هو تہ جيڪو مون کانپوءِ اچڻ وارو آهي، يعني يسوع، تنهن تي ايمان آڻجو.


تون ڪوڙهہ جي بيماريءَ کان سنڀاليندو رهج، ۽ جيڪي لاوي ڪاهن اوهان کي سيکارين، انهي موجب خبرداريءَ سان عمل ڪج: جيئن مون انهن کي حڪم ڏنو آهي، تيئن اوهين خبرداريءَ سان ڪندا رهجو.


۽ جيڪو پيغام اسان هن کان ٻُڌو، سو هي آهي ۽ اوهان کي ڏيون ٿا، تہ خدا روشني آهي، ۽ منجهس اوندهہ اصل ڪانهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ