Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 1:13 - Sindhi Bible

13 جي نہ رت مان، نہ جسم جي خواهش مان، نہ انسان جي ارادي مان، پر خدا مان پيدا ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 اهي رواجي طرح شرير جي خواهش يا انساني مرضيءَ سان ايشور جا ٻار نہ ٿيا، پر ايشور خود کين پنهنجو ٻار بڻايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اهي رواجي طرح جسماني خواهش يا انساني مرضيءَ سان خدا جا ٻار نہ ٿيا، پر خدا خود کين پنهنجو ٻار بڻايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 اھي رواجي طرح جسماني خواھش يا انساني مرضيءَ سان خدا جا ٻار نہ ٿيا، پر خدا خود کين پنھنجو ٻار بڻايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 1:13
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ٻار سندس پيٽ ۾ چُرڻ پرڻ لڳا، تڏهن هن چيو تہ ڇو منهنجو هي حال ٿيو آهي؟ تنهنڪري هوءَ خداوند کان پڇڻ ويئي.


هاڻي اسحاق عيسوءَ کي پيار ڪندو هو؛ ڇالاءِ جو هو کيس پنهنجي شڪار جو گوشت کارائيندو هو، پر ربقہ جو پيار يعقوب تي هو.


تنهن تي اسحاق کي ڏاڍي ڏڪڻي وٺي ويئي ۽ چوڻ لڳو تہ تڏهن اهو ڪير هو، جو مون وٽ شڪار کڻي آيو، ۽ مون تنهنجي اچڻ کان اڳي اهو کاڌو ۽ هن کي برڪت ڏنيم؟ هائو، اهو ئي مبارڪ ٿيندو.


۽ منهنجي واسطي لذيذ طعام، جهڙو مون کي وڻندو آهي، تهڙو تيار ڪري مون وٽ کڻي اچ تہ آءٌ اهو کاوان؛ ۽ مرڻ کان اڳي توکي برڪت ڏيان.


تنهنجا ماڻهو تنهنجي قدرت جي ڏينهن خوشيءَ سان پاڻ کي پيش ڪندا: تنهنجا جوان پاڪيزگيءَ جي جمال سان، ۽ صبح جي پيٽ مان نڪتل ماڪ وانگي تو وٽ آهن.


۽ پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ ڀانئيو، تہ ابراهيم اسان جو پيءُ آهي؛ ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خدا هنن پهڻن مان ابراهيم جي لاءِ ٻار پيدا ڪري ٿو سگهي.


يسوع جواب ڏيئي چيس تہ آئون توکي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو نئين سر پيدا نہ ٿيندو تہ خدا جي بادشاهت ڏسي ڪين سگهندو.


مون پوکيو ۽ اپلوس پاڻي ڏنو، پر خدا انهي کي وڌايو.


ڇالاءِ جو اهو خدا ئي آهي، جو اوهان ۾ پنهنجي نيڪ ارادي کي پوري ڪرڻ لاءِ نيت ۽ عمل ٻئي پيدا ٿو ڪري.


تڏهن هن اسان کي نجات ڏني، نہ اسان جي راستبازيءَ جي ڪمن ڪري، پر پنهنجي رحم موجب نئين پيدائش جي غسل، ۽ پاڪ روح جي وسيلي، جو اسان کي نئين سر پيدا ٿو ڪري،


هن پنهنجيءَ مرضيءَ سان حق جي ڪلام جي وسيلي اسان کي پيدا ڪيو، تہ اسين سندس پيدا ڪيل خلقت مان هڪڙي قسم جو پهريون ڦل ٿيون.


ڇالاءِ جو اوهين فاني ٻج مان نئين سر پيدا نہ ٿيا آهيو، پر غير فاني ٻج مان، يعني خدا جي ڪلام جي وسيلي، جو زندہ ۽ قائم آهي.


اسان جي خداوند يسوع مسيح جو خدا ۽ پيءُ مبارڪ هجي، جنهن پنهنجي بيحد رحم سان يسوع مسيح جي مُئلن مان جي اُٿڻ جي ڪري اسان کي زيادہ اُميد جي لاءِ وري نئين سر پيدا ڪيو؛


نوزاد ڄاول ٻارن وانگر اُنهي نج روحاني کير جا خواهشمند ٿيو، تہ انهي تي نپجي نجات حاصل ڪريو؛


جيڪو خدا مان نئين سر پيدا ٿيو آهي سو گناهہ نٿو ڪري، ڇالاءِ جو هن جو ٻج منجهس رهي ٿو: ۽ هو گناهہ ڪري ئي ڪين سگهندو، ڇالاءِ جو هو خدا مان پيدا ٿيل آهي.


اي پيارو، اچو تہ هڪٻئي کي پيار ڪريون: ڇالاءِ جو پيار خدا جي طرفان آهي؛ ۽ جيڪو پيار ٿو ڪري سو خدا مان پيدا ٿيو آهي، ۽ خدا کي سڃاڻي ٿو.


جنهن کي اهو ايمان آهي تہ يسوع ئي مسيح آهي، سو خدا مان نئين سر پيدا ٿيو آهي، ۽ جيڪو پيدا ڪندڙ کي پيار ٿو ڪري، سو انهي کي بہ پيار ٿو ڪري جنهن کي هن پيدا ڪيو آهي.


اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪو خدا مان پيدا ٿيل آهي سو گناهہ نٿو ڪري؛ پر جيڪو خدا مان پيدا ٿيو هو، سو هن جي حفاظت ٿو ڪري، ۽ اهو بڇڙو کيس هٿ لائي نٿو سگهي.


ڇالاءِ جو جيڪو خدا مان پيدا ٿيو آهي، سو دنيا تي غالب ٿو پوي؛ ۽ اهو غلبو جنهن دنيا کي فتح ڪيو آهي، سو اسان جو ايمان آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ