اي يهوداہ جا ماڻهو ۽ يروشلم جا رهاڪو، اوهين خداوند جي لاءِ پنهنجو طهر ڪرايو ۽ پنهنجي دل جا کولا لاهي اُڇلائي ڇڏيو: متان منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگي اوهان جن بڇڙن ڪمن سبب پکڙي پئي، ۽ اهڙي ٻري جو ڪوبہ وسائي نہ سگهيس.
ساڳيءَ طرح سڀيئي يهودي جي موآب ۽ بني عمون منجهہ، ۽ ادوم ۽ ٻين سڀني ملڪن ۾ هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ بابل جي بادشاهہ يهوداہ جي ڪن ماڻهن کي ڇڏي ويو آهي، ۽ انهن تي جدلياہ بن اخيقام، بن سافن کي حاڪم مقرر ڪيو اٿس؛
آءٌ ڪهڙن سان ڳالهايان ۽ ڪنهن کي تاڪيد ڪريان تہ ٻڌن؟ ڏس، هن جو ڪن اڻ طهريل آهي، ۽ هو ٻڌي نٿا سگهن: ڏس خداوند جو ڪلام هنن جي لاءِ هڪڙو مهڻو ٿي پيو آهي؛ هنن کي انهي مان ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي.
۽ يونتن پنهنجي زرهہ بردار جوان کي چيو تہ اچ تہ هنن اڻ طهريلن جي فوج ۾ هلون: من خداوند اسان جي لاءِ ڪم ڪري: ڇالاءِ جو ڇڏائڻ جي لاءِ خداوند کي گهڻن يا ٿورن جي ڪابہ رڪاوٽ ڪانهي
۽ دائود جي آس پاس جيڪي ماڻهو بيٺا هئا تن کي هن چيو تہ جيڪو ماڻهو هن فلستيءَ کي ماري، ۽ اسرائيل تان اهو داغ دور ڪندو تنهن سان ڇا ڪيو ويندو؟ ڇالاءِ جو هي اڻطهريل فلستي ڪير آهي جو جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي ٿو هاڪاري؟