Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 9:17 - Sindhi Bible

17 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين ويچار ڪريو ۽ ماتم ڪندڙن زالن کي گهرايو تہ اچن؛ ۽ هوشيار زالن کي بہ سڏايو تہ اچن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”سوچو تہ هاڻ ڇا ٿيندو! ماتمي عورتن کي گھرايو، بلڪ انهيءَ ڪم ۾ اڃا بہ وڌيڪ ماهر عورتن کي گھرايو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 9:17
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يرمياہ بہ يوسياہ جي لاءِ ماتم ڪيو: ۽ سڀ ڳائيندڙ مرد توڙي ڳائيندڙ زالون اڄ ڏينهن تائين اوسارڻ ۾ يوسياہ جو ذڪر ڪنديون آهن؛ ۽ اهو اسرائيل ۾ هڪڙو دستوري قانون ڪري ڇڏيائون: ۽ ڏسو، اهو مرثين ۾ لکيل آهي.


جيڪي انهيءَ ڏينهن تي لعنت وجهن ٿا سي انهيءَ تي بہ لعنت وجهن، يعني اُهي جي واڳونءَ کي جاڳائڻ لاءِ تيار آهن.


هائو جيڪو مٿي آهي تنهن کان هو ڊڄنديون، ۽ رستي ۾ خوف هوندا؛ ۽ بادام جو وڻ ٻور ڪندو، مڪڙ بار ٿي پوندا، ۽ ڪرڙ ۾ ڏونئرا نہ ٿيندا: ڇالاءِ جو ماڻهو پنهنجي مدامي گهر ڏانهن هليو ويندو، ۽ ماتم ڪندڙ گهٽين ۾ هيڏي هوڏي پيا گهمندا.


اي يروشلم پنهنجا وار وڍي اُڇلائي ڇڏ، ۽ اُگهاڙين ٽڪرين تي زاري ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن پيڙهيءَ تي خداوند جي ڪاوڙ آهي تنهن کي هن رد ڪري ڇڏي ڏنو آهي،


خداوند دشمن وانگر ٿي بيٺو آهي، هن اسرائيل کي ڳهي ڇڏيو آهي؛ هو ان جون سڀ محلاتون ڳهي ويو آهي، هن اُن جا سڀ قلعا ناس ڪري ڇڏيا آهن: ۽ هن يهوداہ جي ڌيءَ لاءِ ماتم ۽ زاري وڌائي آهي.


اي آدمزاد، تون وري بہ صور جي لاءِ هڪڙو مرثيو کڻ؛


اهو آهي مرثيو، جنهن سان هو ماتم ڪندا، قومن جون ڌيئون انهي موجب ماتم ڪنديون، ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مصر ۽ ان جي سڄي جماعت لاءِ هو اُنهي سان ماتم ڪنديون.


اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهين هي ڪلام ٻڌو جو آءٌ اوهان جي لاءِ مرثئي طور کڻان ٿو.


انهيءَ ڏينهن هو تنهنجي برخلاف هڪڙو مثال کڻندا، ۽ مرثيو کڻي ماتم ڪندا، ۽ چوندا تہ اسين بلڪل لُٽجي ويا آهيون: هو منهنجي قوم جو حصو ٿو ڦيرائي، ۽ اهو ڪيئن نہ مون کان پري کڻي ٿو وڃي. هو اسان جون ٻنيون فسادين کي ورهائي ڏئي ٿو.


۽ جڏهن يسوع اُنهي سردار جي گهر ۾ آيو، ۽ بانسري وڄائيندڙن کي، ۽ ماڻهن جي ميڙاڪي کي گوڙ ڪندو ڏٺائين،


۽ هو عبادتخاني جي سردار جي گهر آيا، تہ ڇا ڏسي تہ گوڙ لڳو پيو آهي، ۽ ڏاڍو پيا روئن پِٽين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ