Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 8:7 - Sindhi Bible

7 هائو، لقلق پکي پنهنجو مقرر ڪيل وقت ڄاڻي ٿو؛ ۽ قمري ۽ ابابيل ۽ ڪنگ پنهنجي وقت تي اچن ٿا؛ پر منهنجي قوم خداوند جي عدالت نٿي ڄاڻي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 لقلق پکي بہ پنهنجي لاءِ مقرر ڪيل موسم کان باخبر هوندو آهي. ڳيرا، ابابيل ۽ ڪنگ بہ پنهنجي لڏپلاڻ جي مند ڄاڻن ٿا. مگر اوهان منهنجي قوم کي اها خبر ئي ناهي تہ مون خداوند اوهان کي ڪهڙا قاعدا قانون ڏنا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 8:7
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

زمين تي گل نڪتا آهن؛ پکين جي ڳائڻ جي موسم آئي آهي، ۽ ڳيري جي ٻولي اسان جي ملڪ ۾ پيئي ٻڌجي؛


ڍڳو پنهنجي مالڪ کي سڃاڻي ٿو، ۽ گڏهہ پنهنجي ڌڻيءَ جو آهر ڄاڻي ٿو: پر اسرائيل کي اها بہ خبر ڪانهي، منهنجي قوم ويچار نٿي ڪري.


جڏهن هن جا ڏار ڪومائبا، تڏهن اهي ڀڃي ڇڏيا ويندا، ۽ زالون اچي انهن کي باهہ ڏينديون؛ ڇالاءِ جو انهيءَ قوم کي سمجهہ ڪانهي، تنهن ڪري سندن خالق کي مٿن رحم نہ ايندو، ۽ سندن جوڙيندڙ مٿن مهرباني ڪانہ ڏيکاريندو.


۽ انهن جي مجلس ۾ بربط ۽ تنبور ۽ دف ۽ بانسري آهن: پر انهن جو خداوند جي ڪم ڏي ڪوبہ ڌيان ڪونهي، نڪي انهن هن جي هٿن جي صفت تي ويچار ڪيو آهي.


ڇالاءِ جو منهنجي قوم بي عقل آهي ۽ مون کي نٿي سڃاڻي؛ اُهي نادان ڇوڪر آهن ۽ ڪابہ سمجهہ ڪونہ اٿن: اُهي برائي ڪرڻ لاءِ ڏاها آهن، پر ڀلائي ڪرڻ نٿا ڄاڻن.


جنهن ڪري ٻيلي مان هڪڙو شينهن اچي هنن کي ماريندو، ۽ رڻ پٽ وارو بگهڙ هنن کي لٽيندو؛ ۽ چيتو هنن جي شهرن جي اڳيان ڄڪ هڻندو، ۽ جيڪو اُتان ٻاهر نڪرندو سو ٽڪر ٽڪر ڪيو ويندو: ڇالاءِ جو هنن جا قصور گهڻا آهن، ۽ هنن جي بي وفائي وڌي وئي آهي.


تنهنڪري قاعدو قانون ڍرو ٿي ويو آهي؛ ۽ پوري عدالت ڪانہ ٿي ٿئي؛ ڇالاءِ جو شرير سچن کي گهيري ٿا وڃن، تنهنڪري عدالت ڏنگي ٿي ويئي آهي.


تڏهن مون پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريو، ۽ ڏسان تہ ٻہ زالون نڪري آيون، جن جي پيرن ۾ هوا هئي؛ هاڻي هنن جا پر لقلق پکيءَ جي پرن جهڙا هئا: ۽ اُهي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ ايفہ کي کڻي ويون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ