Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 8:3 - Sindhi Bible

3 لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ انهي خراب گهراڻي مان جيڪي باقي بچندا، ۽ جيڪي انهن سڀني هنڌن تي رهندڙ هوندا جتي مون هنن کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو آهي، سي سڀيئي حياتيءَ کان موت کي وڌيڪ پسند ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 انهيءَ خراب قوم مان جيڪي باقي بچندا ۽ جيڪي انهن سڀني هنڌن تي رهندڙ هوندا جتي مون هنن کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو هوندو، سي سڀيئي حياتيءَ کان موت کي وڌيڪ پسند ڪندا. آءٌ قادرِمطلق خداوند ائين ٿو چوان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 8:3
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر پاڻ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ هڪڙي ڄار جي وڻ هيٺ ويهي رهيو: ۽ پنهنجي مرڻ جو سوال ڪرڻ لڳو: ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند، هاڻي بس، منهنجو ساهہ ڪڍ؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن کان بهتر نہ آهيان.


۽ جن جن ملڪن ۾ مون پنهنجي ڌڻ مان باقي بچيلن کي هڪالي ڇڏيو آهي، اُتان انهن کي اُڻي گڏ ڪندس، ۽ سندن واڙي ۾ موٽائي آڻيندس؛ ۽ هو ڦردار ٿيندا ۽ وڌندا ويجهندا.


پر چوندا تہ انهيءَ خداوند جو قسم، جنهن اسرائيل جي گهراڻي جي نسل کي اُتر واري ملڪ مان، ۽ جن جن ملڪن ۾ مون هنن کي هڪالي ڇڏيو هو، اُتان هنن کي ڪڍي وٺي آيو؛ پوءِ هو خود پنهنجي ملڪ ۾ رهندا.


۽ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان کان لڀندس ۽ اوهان جا قيدي موٽائي آڻيندس: ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان کي انهن سڀني قومن مان ۽ انهن سڀني هنڌن مان آڻي گڏ ڪندس، جن ڏي مون اوهان کي هڪالي ڪڍيو آهي؛ ۽ جنهن هنڌان اوهان کي مون قيد ڪرائي ڪڍيو آهي انهيءَ هنڌ اوهان کي موٽائي آڻيندس.


ڇالاءِ جو هن اسان ڏي بابل ۾ چوائي موڪليو آهي تہ هن قيد جي مدت وڏي آهي: اوهين گهر جوڙي اُن ۾ رهو، ۽ باغ پوکيو، ۽ انهن جو ڦر کائو.


تڏهن سڀ يهودي جتي جتي هڪالجي ويا هئا اُتان موٽي يهوداہ جي ملڪ ۾ جدلياہ وٽ مصفاہ ۾ آيا، ۽ شراب، ۽ گرميءَ وارا ميوا بي انداز گڏ ڪرڻ لڳا.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪا خرابي مون يروشلم تي ۽ يهوداہ جي سڀني شهرن تي آندي آهي، سا سڀ اوهان ڏٺي آهي؛ ۽ ڏس، اڄ اُهي اهڙا ويران آهن جو ڪوبہ ماڻهو انهن ۾ نٿو رهي.


جنهن ڪري منهنجو غضب ۽ منهنجي ڪاوڙ ڀڙڪي نڪتي، ۽ يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ ٻرڻ لڳي؛ ۽ هو زبون ۽ ويران ٿي ويا آهن، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هو اسرائيل جي باقي بچيلن کي ڊاک وانگي چڱيءَ طرح چونڊي گڏ ڪندا: تون ڊاک چونڊيندڙ وانگي پنهنجو هٿ وري ڦيرائي ٽوڪرين ۾ وجهہ.


اي خداوند، سچائي تنهنجي آهي، پر اسانجي، يعني يهوداہ جي ماڻهن، ۽ يروشلم جي رهاڪن، ۽ ساري اسرائيل لاءِ، جي ويجها توڙي پري انهن سڀني ملڪن ۾ آهن، جن ۾ تو هنن کي گناهہ ڪرڻ جي ڪري هڪالي ڇڏيو، منهن جي ڦڪائي آهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن اسين ڏسون ٿا.


۽ آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ دربدر ڪندس، ۽ اوهان جي پٺيان ترار ڪڍندس: ۽ اوهان جو ملڪ ويران، ۽ اوهان جا شهر غير آباد ٿي ويندا.


اي بني اسرائيل، هي ڪلام ٻڌ، جو خداوند اوهان جي برخلاف فرمايو آهي، ۽ انهن سڀني قبيلن جي برخلاف، جن کي هن مصر جي زمين مان ڪڍي آندو:


تنهنڪري اي خداوند، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ مون کان منهنجي حياتي وٺ، ڇالاءِ جو منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.


تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هن قبيلي جي برخلاف هڪڙي خرابي ٿو رٿيان، جنهن مان اوهين پنهنجون ڳچيون نہ بچائيندا، نڪي اوهين مغروري سان هلندا، ڇالاءِ جو اُهو خراب وقت آهي.


۽ هيئن ٿيندو، تہ جڏهن هي سڀ ڳالهيون توتي اچي پونديون، يعني برڪت ۽ لعنت، جا مون تنهنجي اڳيان رکي آهي، ۽ جن جن قومن ۾ خداوند تنهنجو خدا توکي هڪالي موڪليندو، تن سڀني ۾ تون انهن کي ياد ڪندين،


۽ اوهان جي جلاوطن ڪيلن مان جيڪڏهن ڪو زمين جي ڇيڙي تائين هوندو، تہ اتان بہ خداوند تنهنجو خدا توکي آڻي گڏ ڪندو:


۽ اُهي جبل ۽ ڇپن کي چوڻ لڳا تہ اسان تي ڪِري پئو، ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي تنهن جي نظر کان ۽ گهيٽي جي غضب کان اسان کي لڪايو:


۽ انهن ڏينهن ۾ ماڻهو موت کي ڳوليندا، پر ڪنهن بہ طرح لهندا ڪين؛ ۽ هو مرڻ گهُرندا، پر موت کانئن پيو ڀڄندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ