Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 8:22 - Sindhi Bible

22 جلعاد ۾ مرحم ڪونهي ڇا؟ اُتي ڪو طبيب ناهي ڇا؟ تڏهن ڇو منهنجي قوم جي ڌيءَ چڱي ڀلي نٿي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 جِلعاد ۾ ڪا دوا ڪانهي ڇا؟ اتي ڪو حڪيم ڪونهي ڇا؟ پر منهنجي قوم جا زخم انهن کان ڇٽڻ جا ناهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 8:22
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هو ويهي ماني کائڻ لڳا، ۽ هنن اکيون مٿي کڻي نهاريو، تہ ڇا ٿا ڏسن تہ اسماعيلين جو هڪڙو قافلو جلعاد کان ٿو اچي ۽ ساڻن گڏ اُٺن تي مصالحہ، سرهاڻيون ۽ مُر آهي، جي مصر ڏانهن کڻي ٿا وڃن.


تڏهن سندن پيءُ اسرائيل کين چيو، تہ جي ائين ئي آهي تہ هيئن ڪريو، هن ملڪ جي عمدن ميون مان ڪي پنهنجن ٻورن ۾ وجهو، ۽ ٿورو سرهو تيل، ٿوري ماکي، مصالحہ، مَر، پستا ۽ باداميون، اهي سڀ سوکڙيءَ طور انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ کڻي وڃو.


تو يهوداہ کي اصل رد ڪري ڇڏيو آهي ڇا؟ تنهنجي روح کي صيون کان نفرت آئي آهي ڇا؟ ڇو تو اسان کي اهڙو ماريو آهي جو اسين ڇٽي چڱا ڀلا نٿا ٿيون؟ اسين خير سلامتيءَ جي لاءِ منتظر هئاسين، پر خير ڪونہ ٿيو؛ ۽ شفا جي وقت لاءِ منتظر هئاسين، پر اُٽلندو خوف پيدا ٿيو!


ڇالاءِ جو خداوند يهوداہ جي بادشاهہ جي گهراڻي جي نسبت هيئن ٿو فرمائي، تہ تون منهنجي لاءِ جلعاد وانگر ۽ لبنان جي چوٽي وانگر آهين: انهي هوندي بہ آءٌ ضرور توکي اهڙو ڪندس جهڙا بيابان ۽ اُجاڙ شهر.


اي مصر جي ڪنواري ڌيءَ، تون جلعاد ۾ وڃي ملم وٺ: گهڻيون دوائون اجايون ٿي ڪم آڻين؛ تنهنجي لاءِ ڇٽڻ ڪونهي.


بابل اوچتو ڪري پيو آهي، ۽ ناس ٿي ويو آهي: اُن جي لاءِ واويلا مچايو؛ اُن جي سور لاءِ ملم کڻي وڃو تہ من هو ڇٽي چڱو ڀلو ٿئي.


جهڙيءَ طرح کوهہ پنهنجو پاڻي اُڇلائي ڪڍي ٿو تيئن هو پنهنجي شرارت اُڇلي ٿو: انهي ۾ زبردستي ۽ مار پئي ٻڌجي؛ منهنجي اڳيان سدائين بيماري ۽ زخم آهن.


اڙي جي منهنجو مٿو پاڻي هجي ها، ۽ منهنجون اکيون لڙڪن جو چشمو هجن ها تہ چڱو هو، جو آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڌيءَ جي ڪُٺلن جي لاءِ پيو روئان ها!


۽ آءٌ يروشلم کي ڍير، ۽ گدڙن جي جوءِ ڪندس؛ ۽ آءٌ يهوداہ جي شهرن کي اهڙو ويران ڪندس جو ڪوبہ اُتي رهڻ وارو ڪونہ هوندو.


اي يروشلم جي ڌيءَ، توکي ڪهڙي ثابتي ڏيان؟ ڪنهن سان توکي مشابهت ڏيان؟ اي صيون جي ڪنواري ڌيءَ، تنهنجو ڪنهن سان مقابلو ڪريان جو توکي تسلي ڏيان؟ ڇالاءِ جو تنهنجو ڦاٽ سمنڊ جيڏو وڏو آهي: ڪير انهيءَ کي پوري سگهندو؟


يهوداہ ۽ اسرائيل جا رهاڪو تنهنجا واپاري هئا، هو تنهنجي سوداگري مال وٺڻ جي لاءِ منت ۽ پتنگ جي ڪڻڪ، ۽ ماکي، ۽ تيل ۽ بلسان ڏيندا هئا.


هاڻي بني روبن ۽ بني جد وٽ چوپايو مال تمام گهڻو هو: سو جڏهن انهن يعزير ۽ جلعاد جي زمين ڏٺي، ۽ سمجهيائون تہ اهو هنڌ چوپائي مال جي لائق آهي؛


۽ اُتي هڪڙي زال هئي، جنهن کي ٻارهن ورهين کان رت پوندو هو، ۽ جنهن پنهنجي سڄي موڙي طبيبن پٺيان وڃائي هئي، پر ڪوبہ ڇُٽائي نہ سگهيو هوس،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ