Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 8:18 - Sindhi Bible

18 شل ڏک کان آءٌ پاڻ کي تسلي ڏئي سگهان! منهنجي دل منهنجي اندر ۾ ماندي ٿي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 منهنجو ڏک حد کان ٻاهر آهي، منهنجي دل اندر ۾ ماندي ٿي ٿئي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 8:18
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند مون کي جلد جواب ڏي؛ منهنجو روح ماندو ٿو ٿئي، مون کان پنهنجو منهن نہ لڪاءِ؛ متان آءٌ انهن جهڙو ٿيان جيڪي قبر ۾ ٿا پون.


تنهن ڪري مون چيو تہ مون ڏي نہ نهاريو؛ آءٌ زار زار رئندس. مون کي پنهنجيءَ قوم جي ڌيءَ جي لٽجڻ ڪري تسلي ڏيڻ لاءِ تڪليف نہ ڪريو.


نبين جي بابت منهنجي دل منهنجي اندر ۾ سست ٿي پيئي آهي ۽ منهنجا سڀ هڏا پيا ڏڪن؛ آءٌ نشئي ماڻهوءَ جهڙو آهيان ۽ اُنهيءَ ماڻهو جهڙو، جنهن تي شراب غالب ٿيو هجي؛ اهو سڀ خداوند ۽ سندس پاڪ ڪلام جي ڪري.


منهنجا آنڊا، منهنجا آنڊا! منهنجي دل ۾ اصل درد آهي؛ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ بي آرام آهي؛ آءٌ ماٺ ۾ رهي نٿو سگهان؛ ڇالاءِ جو اي منهنجا روح تو قرناءِ جو آواز ۽ جنگ جو نعرو ٻڌو آهي.


اسان انهيءَ جي ناموس ٻڌي آهي؛ اسان جا هٿ سست ٿيندا وڃن: اسان کي مصيبت آڻي جهليو آهي، ۽ اهڙا سور اٿئون جهڙا ويامندڙ زال کي ٿيندا آهن.


اڙي جي منهنجو مٿو پاڻي هجي ها، ۽ منهنجون اکيون لڙڪن جو چشمو هجن ها تہ چڱو هو، جو آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڌيءَ جي ڪُٺلن جي لاءِ پيو روئان ها!


انهيءَ ڪري اسان جي دل ماندي آهي؛ انهن ڳالهين ڪري اسان جي اکين ۾ ڌنڌ آهي؛


مون ٻڌو ۽ منهنجي دل ڏڪي ويئي، ۽ آواز ٻڌڻ تي منهنجا چپ ڏڪڻ لڳا؛ منهنجي هڏن ۾ ساڙ گهڙي ويو، ۽ آءٌ بيٺي بيٺي ڏڪڻ لڳس: پر آءٌ صبر ۾ انهي قوم جي مصيبت جي ڏينهن جو منتظر آهيان، جي گڏجي حملو ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ