Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 8:17 - Sindhi Bible

17 ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ اوهان ۾ اهڙا نانگ ۽ سپ موڪليندس، جن کي منڊ لڳي نہ سگهندو، ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ اُهي اوهان کي ڏنگيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 خداوند ٿو فرمائي تہ ”خبردار ٿجو، آءٌ اوهان منجھہ اهڙا زهريلا نانگ موڪليندس، جن تي ڪو منتر اثر نہ ڪندو، ۽ اُهي اوهان کي ڏنگي وجھندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 8:17
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خدا انهن جا ڏند سندن وات ۾ ڀڃي ڇڏ: اي خداوند جوان شينهن جون ڏاٺون ڀڃي ڇڏ.


جيڪڏهن منڊ لڳڻ کان اڳي نانگ ڏنگيندو تہ پوءِ مانڊيءَ مان ڪوبہ فائدو نہ پهچندو.


اي فلستين تون سڄي ساري انهيءَ ڪري خوشي نہ ڪر، تہ جنهن لٺ توکي ڌڪ هنيو هو، سا ڀڄي پيئي آهي: ڇالاءِ جو نانگ جي نسل مان هڪڙو سپ نڪرندو، جنهن مان هڪڙو باهہ ڪڍندڙ اُڏامندڙ ازدها پيدا ٿيندو.


جيئن ڪو ماڻهو شينهن کان ڀڳو ۽ رڇ منهن ۾ مليس؛ يا گهر ۾ ويو ۽ ڀت تي هٿ رکي ٽيڪ ڏيئي بيٺو ۽ نانگ ڏنگي ويس.


۽ جيتوڻيڪ هو پاڻ کي ڪرمل جي چوٽيءَ تي وڃي لڪائيندا، تہ بہ آءٌ هنن کي ڳولي ڪڍندس؛ ۽ جيتوڻيڪ هو منهنجي نظر کان گسائي سمنڊ جي تري ۾ وڃي لڪندا، تہ بہ اُتي آءٌ نانگن کي حڪم ڏيندس تہ کين ڏنگي وڃن.


تڏهن خداوند انهن ماڻهن ۾ تمام زهريلا نانگ موڪليا، جن ماڻهن کي ڏنگيو؛ ۽ اسرائيلين مان گهڻا ماڻهو مري ويا.


اهي بک سان ڳري ويندا، ۽ سخت گرميءَ سان ڀسم ٿي ويندا؛ آءٌ انهن تي جهنگلي جانورن جا ڏند، ۽ زمين تي سرندڙ جيتن جو زهر موڪليندس.


ڇالاءِ جو انهن گهوڙن جو زور سندن واتن ۽ سندن پڇن ۾ هو: انهن جا پڇ نانگن جهڙا هئا، ۽ کين سسيون بہ هيون، جن سان هنن ايذاءُ ٿي رسايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ