Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 8:14 - Sindhi Bible

14 اسين ڇو ماٺ ڪري ويٺا آهيون؟ اوهين اُٿي گڏ ٿيو، هلو تہ ڪوٽن وارن شهرن ۾ هلي ويهون ۽ اُتي ماٺ ڪري ويهو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا اسان کي ماٺ ڪرائي آهي، ۽ اسان کي ڪَڙو پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو اٿس، ڇو جو اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 تڏهن ماڻهو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”جيئن تہ خداوند اسان جي خدا اسان لاءِ ناس ٿيڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اسان کي زهريلو پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو اٿس، ڇو تہ اسين هن جا ڏوهاري آهيون، پوءِ اسين ڇو هتي ماٺ ڪري ويٺا آهيون؟ پاڻ ۾ گڏ ٿيو ۽ هلو تہ ڪوٽن وارن شهرن ڏانهن ڀڄي هلون، پوءِ ڀلي اتي ناس ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 8:14
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود ابيشيءَ کي چيو تہ هاڻي بڪريءَ جو پٽ سبع اسان کي ابي سلوم کان بہ زيادہ نقصان پهچائيندو: تون پنهنجي ڌڻيءَ جا نوڪر وٺي وڃ ۽ انهيءَ جي پٺيان ڪاهي وڃ، متان هو پنهنجي لاءِ قلعي وارا شهر هٿ ڪري، ۽ ماڻهن جي نظر کان گم ٿي وڃي.


آءٌ گونگو ٿي ماٺ ڪري ويٺس، چڱي ڳالهہ چوڻ کان بہ بس ڪيم؛ تہ بہ منهنجو غم وري تازو ٿيو.


اُنهن مون کي کائڻ لاءِ پت ڏنو؛ ۽ منهنجي اُڃ لاهڻ لاءِ مون کي سرڪو پياريائون.


اي ڪسدين جي ڌيءَ تون ماٺ ڪري اوندهہ ۾ ويهہ: ڇالاءِ جو تون اڳتي بادشاهتن جي بيگم نہ سڏبينءَ.


اي خداوند اسين پنهنجي بڇڙائي قبول ڪريون ٿا، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي بدڪاري بہ: ڇالاءِ جو اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.


جيتوڻيڪ اسان جون بدڪاريون اسان تي شاهدي ٿيون ڏين، تہ بہ اي خداوند، تون پنهنجي نالي جي خاطر ڪجهہ ڪر: ڇالاءِ جو اسان وري وري ڏوهي ٿيا آهيون: اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.


تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند بنيمين بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هنن کي ناگدؤن کارائيندس ۽ پت جو پاڻي پياريندس: ڇالاءِ جو يروشلم جي نبين مان ئي ناپاڪي نڪري سڄي ملڪ ۾ پکڙي وئي آهي.


اچو تہ اسين پنهنجي شرم ۾ پئجي رهون، ۽ اسان جي خواري اسان کي ڍڪي ڇڏي: ڇالاءِ جو اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن پنهنجي جوانيءَ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ پئي ڪيو آهي: ۽ اسان خداوند پنهنجي خدا جو حڪم نہ پئي مڃيو آهي.


پر هيئن ٿيو تہ جڏهن بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر هن ملڪ ۾ آيو تڏهن اسان چيو تہ اچو تہ ڪسدين جي لشڪر جي ڊپ کان ۽ ارامين جي لشڪر جي ڊپ کان يروشلم ڏي هلون: تنهن ڪري اسين يروشلم ۾ رهندا اچون.


بلڪ پنهنجي دل جي نٺرائي موجب هو بعليم جي پٺيان هليا آهن، جيئن سندن ابن ڏاڏن کين سيکاريو.


تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس آءٌ هنن کي، يعني انهي قوم کي ناگدونا کارائيندس، ۽ پت جو پاڻي پياريندس.


منهنجو ڏک ۽ منهنجي مصيبت، منهنجو ساڙ ۽ منهنجو زهر ياد ڪر.


تڏهن موسيٰ هارون کي چيو تہ، هيءَ اها ئي ڳالهہ آهي جا خداوند فرمائي هئي، تہ جيڪي منهنجي ويجهو ايندا، تن ۾ آءٌ پاڪ سمجهيو ويندس، ۽ سڀني ماڻهن جي اڳيان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو: ۽ هارون ماٺ ڪري بيهي رهيو.


۽ جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو مائٽ، جو هن کي ساڙڻ لاءِ کڻي ٿو، تہ گهر مان هن جا هڏا ٻاهر ڪڍي، ۽ انهي کان پڇي ٿو جو گهر جي اندرين حصي ۾ آهي تہ ڪو ٻيو بہ اڃا تو وٽ آهي ڇا، تہ هو چوندا تہ نہ؛ تڏهن هو چوندو تہ ماٺ ڪر؛ ڇالاءِ جو اسين خداوند جو نالو ئي نٿا وٺي سگهون.


پر خداوند پنهنجي پاڪ هيڪل ۾ آهي، ۽ سڄي زمين هن جي اڳيان خاموش رهي.


اي سڀ ساهہ وارا، خداوند جي اڳيان ماٺ ۾ رهو. ڇالاءِ جو هو پنهنجي پاڪ مڪان مان اُٿيو آهي.


تڏهن هن کي شراب پيئڻ لاءِ ڏنائون، جنهن ۾ پت گڏيل هو؛ ۽ جڏهن هن اُهو چکيو، تڏهن پيئڻ جي نہ ڪيائين.


سو ائين نہ ٿئي تہ اوهان ۾ ڪو اهڙو مرد، يا زال، يا خاندان، يا قبيلو هجي، جنهن جي دل اڄوڪي ڏينهن خداوند اسان جي خدا کان ڦري وڃي، ۽ وڃي انهن قومن جي معبودن جي عبادت ڪري؛ متان اوهان منجهہ ڪا اهڙي پاڙ هجي جا پتي ۽ گوماندر جهڙو ڪؤڙو ڦل ڏئي؛


ڇالاءِ جو انهن جي ڊاک صدوم جي منهہ، ۽ عمورہ جي ٻنين جهڙي آهي: انهن جا انگور پت سان ڀريل آهن، ۽ انهن جا ڇڳا ڪوڙا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ