Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 7:32 - Sindhi Bible

32 تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن انهي کي اڳتي وري توفت ڪري نہ سڏيندا، ۽ نہ هنوم جي پٽ جي وادي سڏيندا، پر ڪوس جي وادي سڏيندا: ڇالاءِ جو توفت ۾ ايستائين پيا دفن ڪندا جيستائين دفن ڪرڻ جي جاءِ باقي نہ بچندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ ياد رکو، اُهو ڏينهن اچي رهيو آهي جنهن ڏينهن ماڻهو ان کي آئيندہ ’توفت‘ يا ’هنوم ماٿري‘ نہ سڏيندا پر ’ڪوس جي ماٿري‘ ڪري سڏيندا، ڇاڪاڻ‌‌تہ قتل ٿي ويلن جي لاشن پورڻ جي جاءِ نہ هئڻ سبب توفت بہ قبرستان بڻجي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 7:32
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ توفت، جو بني هنوم جي واديءَ ۾ آهي، تنهن کي هن پليت ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي پٽ يا پنهنجي ڌيءَ کي مولڪ جي لاءِ باهہ مان نہ لنگهائي.


۽ هنن کي چئج تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ هن قوم ۽ هن شهر کي ائين ڀڃندس جيئن ڪو ٺڪر جو ٿانو ڀڃي، جو وري سڄو ڪري نہ سگهجي: ۽ هو انهن کي توفت ۾ دفن ڪندا، جيستائين ڪ دفن ڪرڻ جي جاءِ ڪانہ رهندي.


۽ يروشلم جا گهر ۽ يهوداہ جي بادشاهن جا گهر، جي ناپاڪ ٿيا آهن، سي توفت جي جاءِ جهڙا ٿيندا؛ يعني اُهي سڀ گهر جن جي ڀتين تي هنن آسمان جي سڄي لشڪر لاءِ لوبان ساڙيو آهي، ۽ پيئڻ واريون قربانيون معبودن لاءِ اوتيون اٿن،


۽ بن هنوم جي وادي، جا ڪنڀارن جي دروازي جي لنگهہ وٽ آهي، تنهن ڏي نڪري وڃ، ۽ اُتي جيڪي ڳالهيون آءٌ توسان ڪريان سي تون پڌريون ڪر:


تنهن ڪري ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن هن هنڌ کي وري توفت، يا بن هنوم جي وادي نہ سڏيندا، پر ڪوس جي وادي سڏيندا.


۽ مڙهن ۽ ڪيريءَ جي سڄي وادي، ۽ سڀ ٻنيون قدرون جي نهر تائين، ۽ اُڀرندي ڏي گهوڙي واري دروازي جي ڪنڊ تائين، خداوند جي لاءِ پاڪ ٿينديون؛ اُهو پٽي ڪڍيو نہ ويندو، ۽ نہ وري ڪڏهن هيٺ اُڇلايو ويندو.


۽ هنن توفت، جو هنوم جي پٽ جي واديءَ ۾ آهي، تنهن تي مٿانهان مڪان اڏيا آهن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئن کي باهہ ۾ ساڙين؛ پر مون اهڙو حڪم نہ ڪيو، ۽ نہ اهڙي ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي.


۽ اوهان جون قربانگاهون سڀ ويران ٿينديون، ۽ اوهان جون سج جون مورتون ڀڄي پونديون، ۽ آءٌ اوهان جا ڪُٺل ماڻهو اوهانجن بُتن جي اڳيان اُڇلائي وجهندس.


۽ آءٌ اوهان جون مٿانهيون جايون ڊاهي ڇڏيندس، ۽ اوهان جون سج جون مورتون وڍي ڇڏيندس، ۽ اوهان جا لاش اوهان جي معبودن جي لاشن تي اُڇلائيندس؛ ۽ منهنجو روح اوهان کان نفرت ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ