Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 7:30 - Sindhi Bible

30 ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ بني يهوداہ اُهي ڪم ڪيا آهن جي منهنجي نظر ۾ خراب آهن: ۽ جيڪو گهر منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي تنهن ۾ هنن پنهنجون ڪراهت جهڙيون شيون رکيون آهن، ۽ انهي کي پليت ڪيو اٿن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 خداوند فرمائي ٿو تہ ”يهوداہ وارن اُهي ئي ڪم ڪيا آهن جيڪي منهنجي نظر ۾ برا آهن. هنن ڪراهت جهڙيون شيون يعني بت ٺاهي منهنجي نالي پٺيان سڏجندڙ هيڪل ۾ رکي ان کي پليت ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 7:30
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هن وري اُهي مٿانهيون جايون جوڙايون، جي سندس پيءُ حزقياہ ڊاهي ڇڏيون هيون؛ ۽ هن بعل جي لاءِ قربانگاهون اڏايون؛ ۽ هڪڙو يسيرت بہ جوڙايو، جيئن ڪ اسرائيل جي بادشاهہ اخي آب ڪيو هو، ۽ آسمان جي سڀني تارن جي عبادت ڪيائين، ۽ اُنهن جي بندگي ڪيائين.


۽ هن خداوند جي گهر ۾ قربانگاهون جوڙايون، جن بابت خداوند فرمايو هو تہ يروشلم ۾ آءٌ پنهنجو نالو رکندس.


۽ جيڪا يسيرت جي مورت هن جوڙائي هئي سا هن انهيءَ گهر ۾ رکائي، جنهن جي بابت خداوند دائود کي ۽ سندس پٽ سليمان کي فرمايو هو، تہ هن گهر ۾، ۽ يروشلم ۾، جو اسرائيل جي سڀني فرقن مان مون پسند ڪيو آهي، آءٌ هميشہ لاءِ پنهنجو نالو قائم رکندس:


۽ آخز جي مٿينءَ ڪوٺيءَ جي ڇت تي جي قربانگاهون يهوداہ جي بادشاهن جوڙايون هيون، ۽ جي قربانگاهون خداوند جي گهر جي ٻن ايوانن ۾ منسي جوڙايون هيون، سي بادشاهہ ڊهرائي خاڪ ڪري ڇڏيون، ۽ اُها خاڪ اُتان کڻائي قدرون جي نهر ۾ اُڇلارائي ڇڏي.


هن ڌاريا معبود ۽ مورت خداوند جي گهر مان ڪڍي ڇڏيا، ۽ سڀ قربانگاهون جي خداوند جي گهر جي جبل تي، ۽ يروشلم ۾ جوڙايون هئائين، سي سڀ ڪڍي شهر جي ٻاهران اُڇلائي ڇڏيائين.


ڇالاءِ جو هن وري مٿانهيون جايون جوڙايون، جي سندس پيءُ حزقياہ ڀڃي ڇڏيون هيون؛ ۽ هن بعليم جي لاءِ قربانگاهون کڙيون ڪيون ۽ يسيرتون جوڙايائين، ۽ آسمان جي ساري لشڪر جي عبادت ڪيائين، ۽ انهن جي بندگي ڪيائين.


۽ بت جي اُڪريل مورت جا هن جوڙي هئي، سا خدا جي گهر ۾ رکيائين، جنهن گهر بابت خدا دائود ۽ سندس پٽ سليمان کي چيو تہ هي گهر ۽ يروشلم، جن کي مون اسرائيل جي سڀني فرقن مان پسند ڪيو آهي، تن ۾ آءٌ پنهنجو نالو هميشہ لاءِ قائم رکندس:


آءٌ بہ انهن جي وهمن کي چونڊيندس، ۽ جن ڳالهين کان هو ڊڄن ٿا سي مٿانئن آڻيندس؛ ڇالاءِ تہ جڏهن مون سڏيو تڏهن ڪنهن بہ جواب ڪونہ ڏنو؛ جڏهن مون ڳالهايو تڏهن انهن نہ ٻڌو؛ جيڪي منهنجيءَ نظر ۾ خراب هو سو انهن ڪيو، ۽ جنهن مان آءٌ راضي نہ هوس سو پسند ڪيائون.


۽ پهرين آءٌ هنن جي بدڪاري ۽ گناهہ جو ٻيڻو بدلو ڏيندس؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ڪراهت جهڙين شين جي مڙهن سان منهنجي زمين کي پليت ڪيو آهي، ۽ منهنجي ميراث کي پنهنجن نفرت جهڙين شين سان ڀري ڇڏيو اٿن.


ڇالاءِ جو نبي توڙي ڪاهن ٻئي ناپاڪ آهن؛ هائو، خداوند ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجي گهر ۾ هنن جي شرارت ڏٺي آهي.


۽ هنن پنهنجون ڪراهت جهڙيون شيون انهي گهر ۾ رکيون، جو منهنجي نالي سان ٿو سڏجي، انهي لاءِ تہ انهي کي پليت ڪن.


۽ هنن بعل جا اُهي مٿانهان مڪان جوڙيا، جي هنوم جي واديءَ ۾ آهن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجن ڌيئن کي مولڪ جي لاءِ باهہ مان لنگهائين؛ جنهن جي ڪرڻ لاءِ مون نہ هنن کي حڪم ڏنو، نڪي اها ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي تہ هو اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ڪن، ۽ يهوداہ کان گناهہ ڪرائين.


باقي هن جي زيور جي سونهن، سا هنن وڏائي لاءِ رکي: ۽ هن پنهنجي ڪراهت جهڙين شين، ۽ نفرت جهڙين شين جون مورتون انهي مان جوڙيون: تنهنڪري مون انهن کي سندن لاءِ ناپاڪ ڪيو.


۽ هٿ جهڙي صورت ڊگهي ڪري هن منهنجي مٿي جي وارن جي هڪڙي چڳ ورتي؛ ۽ روح مون کي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ مٿي کڻي، خداوند جي رويائن ۾، يروشلم جي اندرئين ايوان جي اُتر واري دروازي وٽ آڻي لاٿو؛ جتي حسد جي مورت رکيل هئي، جا حسد پيدا ڪري ٿي.


۽ هٿيار هن جي طرفان کڙا ٿيندا، ۽ هو پاڪ مڪان جي بي ادبي ڪندا، يعني قلعي جي، ۽ مدامي سوختني قرباني کڻي ويندا، ۽ ويران ڪندڙ ڪراهت جهڙي شيءِ اُتي رکندا.


۽ هو هڪڙي هفتي لاءِ هڪڙو مضبوط عهد اقرار ڪندو؛ ۽ اڌ هفتي لاءِ هو قرباني ۽ نذرانو بند ڪرائي ڇڏيندو؛ ۽ ڪراهت جهڙين شين جي کنڀ تي هڪڙو اهڙو ايندو جو ويران ڪري ڇڏيندو؛ ۽ جيڪي ٺهرايو ويو آهي، تنهن جي پوري ٿيڻ تائين اُنهي ويران ڪندڙ تي غضب نازل ٿيندو رهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ