يرمياہ 7:23 - Sindhi Bible23 پر هن ڳالهہ بابت مون هنن کي حڪم ڏيئي چيو، تہ منهنجو آواز ٻڌو، ۽ آءٌ اوهان جو خدا ٿيندس ۽ اوهين منهنجي قوم ٿيندا: جنهن رستي جو آءٌ اوهان کي حڪم ڏيان انهي تي هلو، تہ اوهان جو ڀلو ٿئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible23 پر مون کين اهو حڪم ڏنو هو تہ ’منهنجي فرمانبرداري ڪريو تہ آءٌ اوهان جو خدا هوندس ۽ اوهين منهنجي قوم هوندا. جنهن رستي جو آءٌ اوهان کي حڪم ڏيان، تنهن تي هلو تہ جيئن اوهان جو ڀلو ٿئي.‘ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ انهي نبيءَ يا خوابن ڏسڻ واري کي ماري ڇڏجو؛ ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا جو اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو، ۽ توکي غلاميءَ جي گهر مان ڇڏايائين، تنهن جي برخلاف هن بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي، انهي لاءِ تہ جنهن رستي هلڻ لاءِ خداوند تنهنجي خدا توکي حڪم ڏنو آهي، تنهن کان ڦيرائي ٻئي پاسي ڪريئي. انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.
خاص ڪري انهي ڏينهن واريون ڳالهيون، جنهن ڏينهن تون حورب جبل وٽ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيٺين، ۽ جڏهن خداوند مون کي فرمايو، تہ اُمت کي منهنجي حضور ۾ آڻي گڏ ڪر، تہ آءٌ انهن کي پنهنجو ڪلام ٻڌايان؛ انهي لاءِ تہ جيترا ڏينهن هو زمين تي جيئرا رهن اوترا ڏينهن مون کان ڊڄڻ سکن، ۽ پنهنجن ٻارن کي بہ سيکارين.