Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 7:18 - Sindhi Bible

18 ٻار ڪاٺيون گڏ ڪن ٿا، ۽ پيءُ باهہ ٻاري ٿو، ۽ زالون اٽو ڳوهين ٿيون، تہ آسمان جي راڻي لاءِ لوليون پچائين؛ ۽ ٻين معبودن لاءِ پيئڻ وارا نذرانا اوتين، انهي لاءِ تہ مون کي ڪاوڙ ڏيارين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 ٻار ڪاٺيون گڏ ڪن ٿا، پيئر باهہ ٻارين ٿا ۽ مائرون اٽو ڳوهين ٿيون تہ جيئن انهيءَ ديويءَ لاءِ لوليون پچائين، جنهن کي هو آسمان جي راڻيءَ ٿا سڏين. هو غير معبودن لاءِ اوتڻ واريون قربانيون ٿا پيش ڪن، تہ جيئن مون کي چڙ ڏيارين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 7:18
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بلڪ جيڪي توکان اڳي هئا تن کان بہ وڌيڪ تو بڇڙائي ڪئي آهي، ۽ وڃي ٻيا معبود پنهنجي لاءِ جوڙيا اٿيئي، ۽ پلٽيل بت بنايا اٿيئي، جنهنڪري مون کي ڪاوڙايو اٿيئي، ۽ مون کي پنهنجي پٺيان اُڇلائي ڇڏيو اٿيئي:


مون توکي مٽيءَ مان چاڙهي مٿي ڪيو، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل تي توکي بادشاهہ ڪيم؛ تہ بہ تون يربعام جي رستي تي هليو آهين، ۽ منهنجي قوم اسرائيل کان گناهہ ڪرايو اٿيئي، جنهنڪري هنن جي گناهن سبب مون کي ڪاوڙ آئي؛


جيڪي خداوند کي ڇڏي ڪنهن ٻئي معبود کي ٿا مڃين، تن جا ڏک وڌندا ويندا: آءٌ انهن جي لاءِ رت واريون پيئڻ جون قربانيون ڪين چاڙهيندس، نڪي پنهنجيءَ زبان سان انهن جا نالا وٺندس.


ڇالاءِ جو يروشلم فنا ٿي ويو آهي، ۽ يهوداهہ ڪري پيو آهي، ڇالاءِ جو سندن زبان ۽ سندس ڪم خداوند جي برخلاف آهن، ۽ هو هن جي جلال جي اکين کي ڪاوڙائين ٿا.


وادين جي لسن پهڻن ۾ تنهنجو حصو آهي؛ اُهي تنهنجي نصيب ۾ آهن: انهن ئي جي لاءِ تو پيئڻ واري قرباني اوتي آهي، ۽ نذرانو پيش ڪيو اٿيئي. انهن ڳالهين هوندي منهنجي ڪاوڙ ٿڌي ٿيندي ڇا؟


پر اوهين جي خداوند کي ڇڏيو ٿا، جي منهنجي پاڪ جبل کي وساريو ٿا، ۽ جي نصيب جي جنتري ٺاهيو ٿا، ۽ جي قسمت لاءِ گڏيل شراب جو پيالو ٿا ڀريو؛


بلڪ اهڙي اُمت جا هميشہ منهنجي روبرو مون کي چڙ ٿي ڏياري، جا باغن ۾ قربانيون ٿي چاڙهي، ۽ سرن تي لوبان ٿي ساڙي؛


۽ آءٌ هنن تي سندن ڪل شرارت جي نسبت ۽ پنهنجي فتويٰ جاري ڪندس؛ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙيو اٿن، ۽ پنهنجي هٿن جي جوڙيلن شين کي سجدو ڪيو اٿن.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، جنهن توکي زمين ۾ لڳايو، تنهن توتي خرابيءَ جو حڪم جاري ڪيو آهي، ۽ انهي جو سبب اسرائيل جي گهراڻي ۽ يهوداہ جي گهراڻي جي اُها بڇڙائي آهي جا هنن پنهنجي لاءِ ڪئي آهي، جو بعل جي اڳيان لوبان ساڙي مون کي ڪاوڙ ڏياري اٿن.


۽ سندن اولاد پنهنجون قربان گاهون، ۽ پنهنجون يسيرتون، ساون وڻن جي ڀرسان ۽ مٿانهين ٽڪرين تي ياد ٿو رکي.


۽ يروشلم جا گهر ۽ يهوداہ جي بادشاهن جا گهر، جي ناپاڪ ٿيا آهن، سي توفت جي جاءِ جهڙا ٿيندا؛ يعني اُهي سڀ گهر جن جي ڀتين تي هنن آسمان جي سڄي لشڪر لاءِ لوبان ساڙيو آهي، ۽ پيئڻ واريون قربانيون معبودن لاءِ اوتيون اٿن،


انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهان منهنجي ڳالهہ نہ مڃي آهي؛ انهي لاءِ تہ پنهنجن هٿن جي ڪمن سان مون کي ڪاوڙ ڏياري پاڻ کي نقصان پهچايو.


۽ جيڪي ڪسدي هن شهر سان وڙهن ٿا سي اچي هن شهر کي باهہ ڏيئي ساڙيندا، ۽ اُهي گهر بہ جن جي ڇتين تي هن بعل جي لاءِ لوبان پئي ساڙيو آهي ۽ ٻين معبودن جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون پئي هاريون آهن، جنهن ڪري مون کي ڪاوڙ ڏياري اٿن.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان ۽ اوهان جن زالن پنهنجن واتن سان ڳالهايو آهي، ۽ پنهنجن هٿن سان اُهو پورو ڪيو اٿوَ، ۽ چيو اٿوَ تہ آسمان جي راڻيءَ لاءِ لوبان ساڙڻ ۽ اُن جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون هارڻ واسطي جيڪي اسان مڃتائون مڃيون آهن، سي ضرور پوريون ڪنداسين: تڏهن اوهين پنهنجون مڃتائون قائم ڪريو ۽ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪريو.


انهيءَ هوندي بہ مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي، صبح جو سوير اُٿي موڪليا، ۽ چيم تہ اڙي اهو ڪراهت جهڙو ڪم جو آءٌ ڌڪاريان ٿو سو نہ ڪريو.


تون نٿو ڏسين ڇا تہ هو يهوداہ جي شهرن ۾ ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ ڇا ٿا ڪن؟


جوان ماڻهن جنڊ کنيا، ۽ ٻار ڪاٺين جي بار هيٺ آٿڙجي ڪِريا.


تو مصر سان بہ زناڪاري ڪئي آهي، جي تنهنجا پاڙيسري ۽ وڏا قداور آهن؛ ۽ مون کي ڪاوڙ ڏيارڻ لاءِ تو پنهنجي زناڪاري وڌائي آهي.


ڇالاءِ جو جڏهن مون هنن کي انهي زمين ۾ آندو هو جنهن جي کين ڏيڻ لاءِ مون قسم کنيو، تڏهن هنن سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ ۽ سڀ ڪنهن ٿلهي وڻ ڏانهن نگاهہ ڪئي، ۽ اُتي پنهنجون قربانيون چاڙهيائون، ۽ اُتي پنهنجو ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙو نذرانو پيش ڪيائون؛ ۽ اُتي پنهنجون خوشبودار شيون رکيائون ۽ پيئڻ واريون قربانيون بہ اوتيائون.


۽ هن مون کي خداوند جي گهر جي اندرئين ايوان ۾ آندو ۽ ڏسو، اُتي خداوند جي هيڪل جي در وٽ، اڳ واري ورانڊي ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾، اٽڪل پنجويهہ ماڻهو بيٺا هئا، جن جون پٺيون خداوند جي هيڪل ڏي هيون، ۽ سندن منهن اُڀرندي ڏي هئا؛ ۽ انهن اُڀرندي ڏانهن سج جي عبادت پي ڪئي.


تڏهن هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، تو هي ڏٺو آهي؟ تہ يهوداہ جو گهراڻو جو هي گندگيون ٿو ڪري، سو اها هلڪي ڳالهہ آهي ڇا؟ ڇالاءِ جو هنن ملڪ کي ظلم زبردستيءَ سان ڀري ڇڏيو آهي، ۽ مون کي ڪاوڙ ڏيارڻ لاءِ ڦري ويا آهن: ۽ ڏس، هو ٽاري پنهنجي نڪ وٽ ٿا آڻين.


اسين خداوند کي غيرت ڏياريون ٿا ڇا؟ ۽ اسين هن کان زور وارا آهيون ڇا؟


انهن هن کي ڌارين جي سبب غيرت ڏياري، ۽ مڪروهہ شين جي ڪري کيس ڪاوڙايائون.


جيڪو خدا ناهي تنهن جي سبب انهن مون کي غيرت ڏياري آهي؛ ۽ پنهنجين اجاين ڳالهين جي ڪري مون کي ڪاوڙايو اٿن: سو آءٌ بہ انهن کي اهڙن ماڻهن جي سبب غيرت ڏياريندس جي اُمت نہ آهن؛ ۽ هڪڙيءَ بي عقل قوم جي ڪري کين ڪاوڙائيندس.


يا جڏهن تون آسمان ڏانهن نهارين، ۽ سج، چنڊ ۽ تارا يعني آسمان جي ساري خلقت کي ڏسي گمراهہ ٿين ۽ انهن کي سجدو ڪرين، ۽ انهن جي عبادت ڪرين، جن کي خداوند تنهنجي خدا زمين جي سڀني قومن لاءِ رکيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ