Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 7:17 - Sindhi Bible

17 تون نٿو ڏسين ڇا تہ هو يهوداہ جي شهرن ۾ ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ ڇا ٿا ڪن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 تون نہ ٿو ڏسين ڇا تہ هو کُليو کُلايو يروشلم جي گھٽين ۾ بلڪ پوري يهوداہ جي شهرن ۾ ڇا ٿا ڪندا وتن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 7:17
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ هنن تي سندن ڪل شرارت جي نسبت ۽ پنهنجي فتويٰ جاري ڪندس؛ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙيو اٿن، ۽ پنهنجي هٿن جي جوڙيلن شين کي سجدو ڪيو اٿن.


۽ جيڪي ڪسدي هن شهر سان وڙهن ٿا سي اچي هن شهر کي باهہ ڏيئي ساڙيندا، ۽ اُهي گهر بہ جن جي ڇتين تي هن بعل جي لاءِ لوبان پئي ساڙيو آهي ۽ ٻين معبودن جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون پئي هاريون آهن، جنهن ڪري مون کي ڪاوڙ ڏياري اٿن.


۽ اهو هن سبب ڪري جو بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ، سندن بادشاهن، ۽ سندن اميرن، سندن ڪاهنن، ۽ سندن نبين، ۽ يهوداہ جي ماڻهن ۽ يروشلم جي رهاڪن خرابي ڪري مون کي ڪاوڙ ڏياري آهي.


پر جيڪو بہ لفظ اسان جي واتان نڪتو آهي سو ضرور اسين پورو ڪنداسين، يعني آسمان جي راڻي لاءِ لوبان ساڙينداسين ۽ انهي جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون هارينداسين، جيئن اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن، اسان جن بادشاهن ۽ اسان جن اميرن يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ پي ڪيو آهي: ڇالاءِ جو انهي وقت اسان وٽ گهڻو کاڌو موجود هو، ۽ چڱي حال ۾ هئاسين، ۽ ڪابہ خرابي ڪانہ ڏٺيسين.


انهيءَ هوندي بہ مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي، صبح جو سوير اُٿي موڪليا، ۽ چيم تہ اڙي اهو ڪراهت جهڙو ڪم جو آءٌ ڌڪاريان ٿو سو نہ ڪريو.


جنهن ڪري منهنجو غضب ۽ منهنجي ڪاوڙ ڀڙڪي نڪتي، ۽ يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ ٻرڻ لڳي؛ ۽ هو زبون ۽ ويران ٿي ويا آهن، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.


مون توکي پنهنجي قوم ۾ هڪڙو ٺلهہ ۽ قلعو ڪيو آهي؛ انهي لاءِ تہ تون انهن جو رستو سڃاڻين ۽ آزمائين.


تنهن ڪري تون انهيءَ قوم جي لاءِ دعا نہ گهر، نڪي انهن جي لاءِ وڏيون دانهون ڪر يا عرض ڪر، نڪي مون وٽ انهن جي شفاعت ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي نہ ٻڌندس.


ٻار ڪاٺيون گڏ ڪن ٿا، ۽ پيءُ باهہ ٻاري ٿو، ۽ زالون اٽو ڳوهين ٿيون، تہ آسمان جي راڻي لاءِ لوليون پچائين؛ ۽ ٻين معبودن لاءِ پيئڻ وارا نذرانا اوتين، انهي لاءِ تہ مون کي ڪاوڙ ڏيارين.


۽ اُهي اوهان کي تڏهن تسلي ڏيندا جڏهن اوهين انهن جي راهہ ۽ انهن جا ڪم ڏسندا: ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ اوهين ڄاڻندا تہ جيڪي انهي ۾ مون ڪيو آهي سو سبب کان سواءِ نہ ڪيو اٿم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ