Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 7:14 - Sindhi Bible

14 تنهن ڪري جيڪو گهر منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي، جنهن تي اوهين ڀروسو رکو ٿا، ۽ اُها جاءِ جا مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني، تنهن جو اهڙو حال ڪندس، جهڙو مون سيلا جو ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 تنهنڪري آءٌ پنهنجي نالي تي سڏجندڙ هن گھر جو، جنهن تي اوهان جو ڀروسو آهي ۽ انهيءَ جاءِ جيڪا مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني هئي، تنهن جو بہ اهڙو ئي حال ڪندس جهڙو مون سيلا جو ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 7:14
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ خداوند جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر ساڙي ڇڏيو؛ ۽ يروشلم جا سڀ گهر، يعني سڀ وڏا گهر، باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيا.


۽ هي گهر جو اهڙو اُتانهون آهي، تنهن کي ڏسي جيڪو لنگهندو سو عجب ۾ پوندو ۽ چوندو تہ ڇالاءِ خداوند هن ملڪ سان، ۽ هن گهر سان هيئن ڪيو آهي؟


سو هن سيلا جي خيمي کي ڇڏي ڏنو، يعني انهي تنبوءَ کي جو هن ماڻهن ۾ کڙو ڪيو هو؛


اسان جي پاڪ ۽ اسان جي سهڻي هيڪل، جتي اسان جن ابن ڏاڏن تنهنجي تعريف ٿي ڪئي، تنهن کي باهہ ساڙي ڇڏيو آهي؛ ۽ اسان جون سڀ سٺيون شيون تباهہ ٿي ويون آهن.


مون پنهنجو گهر ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجو ورثو اُڇلائي ڇڏيو اٿم؛ مون پنهنجي دل جي پياري محبوبہ کي سندس دشمنن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو آهي.


تنهن ڪري ڏسو، آءٌ اوهان کي بلڪل وساري ڇڏيندس، ۽ اوهان کي پنهنجي حضور مان اُڇلائي ڇڏيندس، ۽ انهيءَ شهر کي بہ جو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو هو.


يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڏينهن ۾ ميڪاہ مورشتي نبوت ڪئي؛ ۽ هن يهوداہ جي سڄي قوم کي چيو تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ صيون ٻنيءَ وانگي کيڙيو ويندو، ۽ يروشلم پٿرن جو ڍڳ ٿي ويندو، ۽ هيڪل وارو جبل ٻيلي جي مٿانهن هنڌن جهڙو ٿيندو.


۽ تون انهن کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جي اوهين منهنجي نہ ٻڌندا ۽ جيڪا شريعت آءٌ اوهان جي اڳيان ٿو رکان تنهن تي نہ هلندا،


۽ هي گهر جو منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي تنهن ۾ منهنجي اڳيان بيهي ائين چوندا ڇا تہ اسان کي خلاصي ملي آهي؛ انهي لاءِ تہ اوهين اهي سڀ نفرت جهڙا ڪم ڪريو؟


پر جيڪو منهنجو مڪان سيلا ۾ هو، جتي پهرين مون پنهنجو نالو مقرر ڪيو، اُتي هاڻي اوهين وڃو ۽ ڏسو تہ مون پنهنجي قوم اسرائيل جي شرارت ڪري ان سان ڇا ڪيو آهي.


اوهين ڪوڙين ڳالهين تي ڀروسو نہ رکو جو چئو ٿا تہ خداوند جي هيڪل، خداوند جي هيڪل، هيءَ خداوند جي هيڪل آهي.


خداوند پنهنجي قربانگاهہ رد ڪري ڇڏي آهي، هن پنهنجي پاڪ مڪان کي ڌڪاريو آهي، هن انهيءَ جي محلاتن جون ڀتيون دشمن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيون آهن: هنن خداوند جي گهر ۾ اهڙو گوڙ مچايو آهي جهڙو سڳوري جماعت گڏ ٿيڻ جي ڏينهن ٿيندو آهي.


سون ڪيئن نہ جهڪو ٿي ويو آهي! تمام خالص سون ڪيئن نہ بدلجي ويو آهي! پاڪ مڪان جا پٿر سڀ ڪنهن گهٽيءَ جي چوٽيءَ تي اُڇليا ويا آهن.


تون پنهنجي ڀيڻ جي رستي تي پي هلي آهين؛ تنهنڪري آءٌ هن جو پيالو تنهنجي هٿ ۾ ڏيندس.


اسرائيل جي گهراڻي کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ پنهنجو پاڪ مڪان، جو اوهان جي طاقت جو فخر آهي، ۽ اوهان جي اکين جي خواهش آهي، ۽ جنهن تي اوهان جو هانءُ ٿو ڪُرڪي، تنهن کي آءٌ ناپاڪ ڪندس، ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئرون، جي اوهين پٺيان ڇڏي آيا آهيو، سي ترار سان ڪِرندا.


بلڪ جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا، اوهان جي سڀني قبيلن منجهان چونڊي ڪڍندو، انهي لاءِ تہ اتي پنهنجو نالو قائم ڪري، اتي، يعني هن جي مسڪن وٽ اوهين اچجو:


۽ اها تنهنجن سڀني شهرن ۾ توکي گهيريندي، ۽ جيسين تنهنجون اوچيون ۽ مضبوط ڀتيون، جن تي تنهنجو ڀروسو آهي، سي ڀڄي ڪري پون: ۽ اها جيڪو ملڪ خداوند تنهنجي خدا توکي ڏنو آهي، تنهن منجهہ تنهنجن سڀني شهرن ۾ توکي گهيرو ڪندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ