Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 6:9 - Sindhi Bible

9 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هو اسرائيل جي باقي بچيلن کي ڊاک وانگي چڱيءَ طرح چونڊي گڏ ڪندا: تون ڊاک چونڊيندڙ وانگي پنهنجو هٿ وري ڦيرائي ٽوڪرين ۾ وجهہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 قادرِمطلق خداوند مون کي فرمايو تہ ”اسرائيل ملڪ جي باقي بچيلن کي انگورن جي داڻن وانگر چونڊي پٽيو ويندو. سو تون پنهنجو هٿ وڌائي جيترن کي بچائي سگھين بچاءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 6:9
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن مان ڪوبہ ڪونہ بچندو: ڇالاءِ جو آءٌ عنتوت جي ماڻهن تي خرابي آڻيندس، يعني هنن جي سزا جو سال.


ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ گهڻن مهاڻن کي گهرائيندس، ۽ هو انهن کي ڦاسائيندا؛ ۽ پوءِ آءٌ گهڻا شڪاري گهرائيندس، ۽ اُهي سڀ ڪنهن جبل تان، ۽ سڀ ڪنهن ٽڪريءَ ۽ ٽڪرن جي چرن مان انهن کي هڪالي شڪار ڪندا.


جيڪڏهن ڊاک چونڊڻ وارا تو وٽ اچن، تہ جيڪر ڪي ڊاک جا داڻا ڇڏي نہ وڃن ڇا؟ جيڪڏهن چور رات جو اچن تہ جيڪر ايستائين ڦرلٽ نہ ڪن ڇا جيستائين ڪ کين ڪافي هٿ اچي؟


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ انهي خراب گهراڻي مان جيڪي باقي بچندا، ۽ جيڪي انهن سڀني هنڌن تي رهندڙ هوندا جتي مون هنن کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو آهي، سي سڀيئي حياتيءَ کان موت کي وڌيڪ پسند ڪندا.


۽ قربانگاهہ مان هڪڙو ٻيو ملائڪ نڪتو، جنهن کي باهہ تي اختيار هو، ۽ هن تکي ڏاٽي واري کي وڏي آواز سان سڏي چيو، تہ پنهنجو تکو ڏاٽو هلاءِ ۽ زمين جي ڊاک جا ڇڳا گڏ ڪر؛ ڇالاءِ جو ڊاک بلڪل پچي راس ٿي ويئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ