Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 6:6 - Sindhi Bible

6 ڇالاءِ تہ لشڪرن جي خداوند هيئن فرمايو آهي، تہ اوهين وڻ وڍي ڇڏيو ۽ يروشلم جي اڳيان هڪڙو بند ٻڌو: اهو ئي شهر آهي جنهن تي آفت اچڻي آهي؛ اُهو اندر ۾ سمورو ظلم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 قادرِمطلق خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”يروشلم تي حملي ڪرڻ لاءِ وڻ وڍي انهن سان شهر جي ڪوٽ تائين دِڪو ٻڌو وڃي. هن شهر کي ضرور سزا ملڻ گھرجي، اهو ظلم سان ڀرجي ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 6:6
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو خداوند اسور جي بادشاهہ بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ هو هن شهر ۾ ڪين ايندو، نڪي هن تي تير هڻندو، نڪي ڍال کڻي هنجي اڳيان ايندو، نڪي هن جي سامهون ڪو بند ٻڌندو.


ڇالاءِ جو جيترا ڀيرا آءٌ ڳالهايان ٿو اوترا ڀيرا غضب ۽ بربادي ٿو پڪاريان: ڇاڪاڻ تہ خداوند جو ڪلام سڄو ڏينهن منهنجي لاءِ طعنو ۽ مهڻو ڪيو ويو آهي.


پر تنهنجون اکيون ۽ تنهنجي دل فقط تنهنجي لالچ لاءِ، ۽ بيگناهہ رت وهائڻ لاءِ، ۽ ظلم ۽ زبردستي ڪرڻ لاءِ آهن.


ڏس، شهر جي وٺڻ لاءِ اُن تائين بند ٻڌجي ويا آهن؛ ۽ شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي، جي انهي سان وڙهن ٿا، ڇالاءِ جو ترار ۽ ڏڪار ۽ مرض اچي پيا آهن: ۽ جيڪي تو چيو آهي سو اچي ظاهر ٿيو آهي؛ ۽ ڏس، تون اُهو ڏسين ٿو.


جنهن ڏينهن اهو شهر بنايو ويو هو تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين منهنجي ڪاوڙ ۽ جوش پيدا ڪرڻ جو سبب پي ٿيو آهي؛ اُنهي لاءِ تہ آءٌ هنن کي پنهنجي منهن تان ٽاري ڇڏيان:


ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا هن شهر جي گهرن بابت، ۽ يهوداہ جي بادشاهن جي گهرن بابت، جي گهيري ۽ ترار کان بچاءُ جي لاءِ ڀڃي ڇڏيا ويا هئا، هيئن ٿو فرمائي، تہ


(يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي نائين ورهيہ جي ڏينهن مهيني ۾ بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر ۽ سندس سڄو لشڪر يروشلم تي ڪاهي آيو ۽ اچي انهي کي گهيرو ڪيائون؛


خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڳالهين ڪري آءٌ سزا نہ ڏيندس ڇا؟ اهڙي قوم کان منهنجو روح وير نہ وٺندو ڇا؟


خداوند ٿو فرمائي تہ اهڙين ڳالهين جي ڪري آءٌ سزا نہ ڏيندس ڇا؟ اهڙي قوم کان منهنجو روح وير نہ وٺندو ڇا؟


۽ انهي کي گهيرو ڪر ۽ انهي جي سامهون دمدما جوڙ، ۽ انهي جي سامهون هڪڙو بند ٻڌ؛ ۽ انهي جي سامهون لشڪرگاهہ جا تنبو کڙا ڪر، ۽ انهي جي چوڌاري ڀتين ڀڃڻ واريون ڪَلون بيهار.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هي يروشلم آهي؛ مون انهي کي قومن جي وچ ۾ رکيو آهي ۽ انهي جي چوڌاري ٻيا ملڪ آهن.


پوءِ اُتر جو بادشاهہ ايندو ۽ هڪڙو بند ٻَڌائيندو، ۽ هڪڙو مضبوط قلعي وارو شهر وٺندو: ۽ ڏکڻ جون ٻانهون، توڙي هن جا چونڊيل ماڻهو، پير جهلي نہ سگهندا، نڪا پير جهلڻ جي ڪا طاقت هوندي.


افسوس آهي انهي شهر تي، جو فسادي، ۽ پليت، ۽ ظالم آهي.


ڇوتہ اُهي ڏينهن توتي اچي ڪڙڪندا، جڏهن تنهنجا دشمن تنهنجي چوڌاري مورچو ٻَڌي توکي ويڙهي ويندا، ۽ چوطرف اچي توکي سوڙهو گهٽيندا!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ