Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 6:30 - Sindhi Bible

30 ماڻهو هنن کي روپي جو مٺ سڏيندا، ڇالاءِ جو خداوند هنن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 ماڻهو هنن کي کوٽو سڪو ڪري سڏيندا، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند کين رد ڪري ڇڏيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 6:30
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند اسرائيل جي ساري نسل کي رد ڪري ڇڏيو، ۽ انهن تي مصيبتون نازل ڪيائين، ۽ انهن کي ڦرلٽ ڪندڙن جي حوالي ڪيائين، ۽ نيٺ هنن کي پنهنجي نظر کان برطرف ڪري ڇڏيائين.


تو زمين جي سڀني بدڪارن کي مَٺ وانگي ڪڍي ڦٽو ڪيو آهي: تنهن ڪري آءٌ تنهنجين شاهدين کي پيار ٿو ڪريان.


جتي خوف ڪونہ هو، اُتي هو ڏاڍا ڊڄي ويا: ڇالاءِ تہ جيڪي توکي گهيرو ٿا ڪن تن جي هڏين کي خدا ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي؛ تو انهن کي شرمندو ڪيو، ڇو تہ خدا کين رد ڪري ڇڏيو آهي.


چانديءَ جو مٺ ڪڍي ڇڏڻ سان، سوناري لاءِ هڪڙو باسڻ نڪري ظاهر ٿئي ٿو.


تنهنجي چاندي مٺ تي پئي آهي، تنهنجو شراب پاڻيءَ سان گڏجي پيو آهي.


۽ آءٌ پنهنجو هٿ توتي ڦيريندس ۽ تنهنجو سمورو مٺ ڪڍي توکي صاف ڪندس، ۽ تنهنجي ساري قلعي ڪڍي ڇڏيندس:


تو يهوداہ کي اصل رد ڪري ڇڏيو آهي ڇا؟ تنهنجي روح کي صيون کان نفرت آئي آهي ڇا؟ ڇو تو اسان کي اهڙو ماريو آهي جو اسين ڇٽي چڱا ڀلا نٿا ٿيون؟ اسين خير سلامتيءَ جي لاءِ منتظر هئاسين، پر خير ڪونہ ٿيو؛ ۽ شفا جي وقت لاءِ منتظر هئاسين، پر اُٽلندو خوف پيدا ٿيو!


۽ جيڪڏهن اها قوم، يا اُهو نبي، يا ڪو ڪاهن تو کان پڇي ۽ چوي تہ خداوند جو ڪلام ڪهڙو آهي؟ تہ تون انهن کي چئج تہ ڪهڙو ڪلام؟ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان کي اُڇلائي ڇڏيندس.


اُهو ڪلام جو خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو،


اي يروشلم پنهنجا وار وڍي اُڇلائي ڇڏ، ۽ اُگهاڙين ٽڪرين تي زاري ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن پيڙهيءَ تي خداوند جي ڪاوڙ آهي تنهن کي هن رد ڪري ڇڏي ڏنو آهي،


پر تو اسان کي بلڪل رد ڪري ڇڏيو آهي، تون اسان تي ڏاڍو ڪاوڙيل آهين.


منهنجو خدا انهن کي اُڇلائي ڇڏيندو، ڇالاءِ جو هنن سندس نہ ٻڌي؛ ۽ هو قومن منجهہ دربدر ٿيندا.


۽ مون هڪڙي مهيني ۾ ٽن ريڍارن کي ماريو؛ ڇالاءِ جو منهنجي جان انهن کان بيزار هئي، ۽ هنن جي روح ۾ منهنجي لاءِ ڌڪار هئي.


اوهين زمين جو لوڻ آهيو: پر جيڪڏهن لوڻ جو سواد هليو وڃي تہ هن کي ڇا سان سلوڻو ڪبو؟ انهي کانپوءِ اُهو ڪنهن بہ ڪم جو ڪونہ آهي، پر رڳو هن لائق آهي تہ اُڇلائي ڇڏجي، ۽ ماڻهن جي پيرن هيٺ لتاڙجي.


تڏهن آئون چوان ٿو تہ خدا پنهنجي اُمت کي رد ڪيو ڇا؟ اصل ئي نہ! ڇالاءِ جو آئون بہ اسرائيلي آهيان، ۽ ابراهيم جي نسل، ۽ بنيمين جي قبيلي مان آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ