Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 6:25 - Sindhi Bible

25 ميدان تي نہ وڃو، نہ رستي جي ڀرسان گهمو؛ ڇالاءِ جو چوڌاري دشمن جي ترار ۽ خوف آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 اسين شهر کان ٻاهر وڃي نہ ٿا سگھون، نڪي رستن تي نڪري ٿا سگھون، ڇاڪاڻ تہ دشمنن جي تلوار ۽ خوف اسان کي هر طرف کان وڪوڙي ڇڏيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 6:25
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن ڏينهن ۾ جيڪو ٻاهر ٿي ويو يا جيڪو اندر ٿي آيو، تنهن جي لاءِ سلامتي ڪانہ هئي، پر ملڪ جي سڀني رهاڪن کي گهڻيون تڪليفون رسنديون هيون.


سڀ ڪنهن پاسي کان خوف هن کي ڊيڄاريندا، ۽ هن جي پٺيان پئي کيس ڀڄائيندا.


ڇو جو مون گهڻن کان پنهنجي گلا ٻڌي آهي، هر ڪنهن پاسي مون کي ڊپ آهي: جڏهن اُنهن پاڻ ۾ گڏجي منهنجي برخلاف صلاح ڪئي، تڏهن منهنجي ساهہ ڪڍڻ جو منصوبو رٿيائون.


پر جي اوهين منڪر ۽ باغي ٿيندا تہ ترار اوهان کي کائي ويندي: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي واتان ائين فرمايو آهي.


جيڪڏهن آءٌ ميدان تي نڪري ويندس، تہ پوءِ ترار جا ڪُٺل ڏسج! ۽ جيڪڏهن آءٌ شهر ۾ ويندس، تہ پوءِ ڏڪار جا ڏتڙيل ڏسج! نبي توڙي ڪاهن ٻئي ملڪ ۾ پيا گهمن، پر ڪابہ خبر ڪانہ ٿي پوين.


ڇالاءِ جو مون گهڻن جو الزام ۽ هر طرف خوف ٻڌو آهي، منهنجا سڀ گهاٽا دوست بہ منهنجي ٿرڪڻ لاءِ منتظر آهن ۽ چون ٿا تہ هن جي شڪايت ڪريو تہ پوءِ اسين بہ هن جي شڪايت ڪنداسين: شايد هو ٺڳجي پوي، ۽ اسين هن تي غالب پئون ۽ هن کان پنهنجو وير وٺون.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسان ڏڪڻي ۽ ڊپ جو آواز ٻڌو آهي، نہ خير سلامتي جو.


تڏهن مون چيو تہ هاءِ اي خداوند خدا! يقيناً تو هن قوم سان ۽ يروشلم سان ڏاڍي دغا ڪئي آهي جو چيو اٿيئي تہ اوهين سلامت رهندا؛ پر حقيقت ڪري ترار اچي جان تائين پهتي آهي.


اوهين يهوداہ ۾ پڌرائي ڪريو ۽ يروشلم ۾ اشتهار ڏيو؛ ۽ چئو تہ اوهين ملڪ ۾ قرناءِ وڄايو: وڏيون رڙيون ڪري چئو تہ اوهين پاڻ ۾ گڏ ٿيو، پوءِ اچو تہ ڪوٽ وارن شهرن ۾ هلون.


ڇو مون اهو ڏٺو آهي؟ هو ڊڄي پٺ تي موٽي ويا آهن؛ ۽ هنن جا بهادر مرد شڪست کائي ويا آهن، ۽ اهڙا جلد ڀڄي ويا آهن جو پٺ تي ئي نٿا نهارين: خداوند ٿو فرمائي، تہ هر طرف خوف آهي.


هو انهن جا تنبو ۽ انهن جا ڌڻ وٺندا؛ هو انهن جا پردا ۽ انهن جا سڀ ٿانوَ ۽ انهن جا اُٺ پنهنجي لاءِ کڻي ويندا: ۽ هو انهن کي رڙيون ڪري چوندا تہ هر طرف خوف آهي.


ڏس، خداوند، لشڪرن جو خداوند فرمائي ٿو، تہ جيڪي تنهنجي چوڌاري آهن تن مان آءٌ توتي خوف آڻيندس؛ ۽ اوهان مان هرڪو منهن سامهون ٻاهر هڪاليو ويندو، ۽ جيڪي رلندا وتن تن کي ڪوبہ گڏ ڪرڻ وارو ڪونہ ٿيندو.


اسين ڇو ماٺ ڪري ويٺا آهيون؟ اوهين اُٿي گڏ ٿيو، هلو تہ ڪوٽن وارن شهرن ۾ هلي ويهون ۽ اُتي ماٺ ڪري ويهو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا اسان کي ماٺ ڪرائي آهي، ۽ اسان کي ڪَڙو پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو اٿس، ڇو جو اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.


اسان سلامتيءَ لاءِ نهاريو، پر چڱائي ڪانہ آئي: ۽ شفا جي وقت لاءِ منتظر رهياسين پر خوف ڏٺوسين!


تو سڀ ڪنهن پاسي منهنجا خوف سڏي گڏ ڪيا، جيئن عيد جي ڏينهن ماڻهو گڏ ٿيندا آهن، ۽ ڪوبہ خداوند جي ڪاوڙ جي ڏينهن ڀڄي نہ ڇٽو ۽ نہ بچيو: جن کي مون ڪڏايو ۽ پالي وڏو ڪيو، تن کي منهنجي دشمن ماري کپائي ڇڏيو.


آءٌ بہ تاڙيون وڄائيندس ۽ پنهنجي ڪاوڙ پوري ڪندس: مون خداوند ائين فرمايو آهي.


هو پنهنجي چيلهہ سان کٿا بہ ٻَڌندا، ۽ خوف هنن کي ڍڪي ڇڏيندو؛ ۽ سڀني جي منهن تي شرم هوندو، ۽ انهن سڀني جا مٿا گنجا هوندا.


ڇوتہ اُهي ڏينهن توتي اچي ڪڙڪندا، جڏهن تنهنجا دشمن تنهنجي چوڌاري مورچو ٻَڌي توکي ويڙهي ويندا، ۽ چوطرف اچي توکي سوڙهو گهٽيندا!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ