Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 6:24 - Sindhi Bible

24 اسان انهيءَ جي ناموس ٻڌي آهي؛ اسان جا هٿ سست ٿيندا وڃن: اسان کي مصيبت آڻي جهليو آهي، ۽ اهڙا سور اٿئون جهڙا ويامندڙ زال کي ٿيندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 يروشلم وارا چون ٿا تہ ”اسان هنن جي هاڪ ٻڌي آهي، ان ڪري اسان جا ڍڍر ڍرا ٿي ويا آهن. اسان کي ذهني پريشانيءَ اچي وڪوڙيو آهي ۽ ويم ڪندڙ عورت جيان سورن اچي ورايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 6:24
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي هو ڏڪڻ لڳا، ۽ ويم واريءَ زال جهڙا سور اچي ٿين.


تنهن ڪري منهنجي ڪمر درد سان ڀريل آهي؛ جيئن ويامندڙ زال کي سور ٿيندا آهن، تيئن مون کي سورن اچي ورايو آهي: مون کي ايترو سور آهي جو آءٌ ٻڌي نٿو سگهان؛ آءٌ اهڙو ڊڄي ويو آهيان جو ڏسي نٿو سگهان.


جيترا ڀيرا اها لنگهندي، اوترا ڀيرا اها اوهان کي پڪڙيندي؛ ڇالاءِ جو هر صبح جو، ۽ ڏينهن جو، ۽ رات جو اُها اوهان تي اُٿلندي، ۽ انهي پيغام جو نتيجو رڳو ڊپ ٿيندو.


جڏهن هو تنهنجن دوستن کي حڪمران ڪندو تڏهن تون ڇا چوندين، جنهن صورت ۾ تو پاڻ هنن کي پنهنجي برخلاف سيکاريو آهي؟ ڇا تون انهيءَ زال وانگر جنهن کي سور لڳا هجن، سور ۾ نہ پوندين؟


اي لبنان جا رهاڪو، تون جو ديودارن ۾ پنهنجو آکيرو ٿو جوڙين، جڏهن تو تي ويم واريءَ زال جهڙا سور ايندا، تڏهن توتي ڪيترو نہ گهڻو افسوس ٿيندو:


هاڻي اوهين پڇو ۽ ڏسو تہ ڪنهن ماڻهوءَ کي ويم جا سور ٿيندا آهن ڇا: ڪهڙو سبب آهي جو آءٌ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٿو ڏسان تہ پنهنجا هٿ چيلهہ تي رکيو گهمي، جيئن ڪا سورن واري زال ڪندي آهي، ۽ سڀ منهن ڦري ڦڪا ٿي پيا آهن؟


ڇالاءِ جو مون هڪڙو آواز ٻڌو آهي جو انهي زال جهڙو آهي جا سورن ۾ هجي، انهي زال جهڙي دانهن جا پهريون ٻار ڄڻيندي آهي، صيون جي ڌيءَ جو آواز، جا پيئي سهڪي ۽ پنهنجا هٿ کڻي چوي ٿي تہ هاڻ مون سان ويل آهي! ڇالاءِ جو منهنجي جان هنن خونين جي اڳيان ماندي ٿي ٿئي.


قريوت وٺجي ويو آهي، ۽ مضبوط قلعا اوچتا هٿ ڪيا ويا آهن، ۽ موآب جي بهادر مردن جي دل انهي ڏينهن اهڙي ٿيندي جهڙي سورن واري زال جي دل.


دمشق ضعيف ٿي ويو آهي، هو ڀڄڻ جي لاءِ ڦري ٿو ۽ ڏڪڻي وٺي ويئي اٿس: رنج ۽ ڏکن ان کي آڻي ورايو آهي، جيئن سورن واري زال جو حال ٿيندو آهي.


بابل جي بادشاهہ هنن جي ناموس ٻڌي آهي ۽ انهي جا هٿ ڍرا ٿا ٿين: ڏکن ۽ سورن انهي کي آڻي ورايو آهي، جيئن سورن واري زال جو حال ٿيندو آهي.


سڀ هٿ سست ٿيندا، ۽ سڀ گوڏا پاڻيءَ جهڙا ضعيف ٿيندا.


تڏهن بادشاهہ بيلشضر کي ڏاڍو فڪر ٿيو، ۽ سندس چهرو ڦري ويو، ۽ سندس امير حيران پريشان ٿي ويا.


مون ٻڌو ۽ منهنجي دل ڏڪي ويئي، ۽ آواز ٻڌڻ تي منهنجا چپ ڏڪڻ لڳا؛ منهنجي هڏن ۾ ساڙ گهڙي ويو، ۽ آءٌ بيٺي بيٺي ڏڪڻ لڳس: پر آءٌ صبر ۾ انهي قوم جي مصيبت جي ڏينهن جو منتظر آهيان، جي گڏجي حملو ٿا ڪن.


جڏهن ماڻهو پيا چوندا تہ اطمينان ۽ سلامتي آهي، تڏهن جيئن حاملہ زال کي سور لڳندا آهن، تيئن اوچتو ئي اوچتو موت اچي مٿان ڪڙڪندو؛ ۽ ڪو وسيلو ڪونہ ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ