يرمياہ 6:21 - Sindhi Bible21 تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، تہ آءٌ هن قوم جي اڳيان آٿڙائيندڙ شيون رکندس؛ ۽ انهن تي پيءُ ۽ پٽ گڏ آٿڙندا؛ پاڙيسري ۽ ان جو دوست گڏ چٽ ٿيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible21 تنهنڪري آءٌ هن قوم جي اڳيان طرح طرح جون ٿاٻو ڏيندڙ شيون رکندس. انهن تي پيئر ۽ پٽ هڪجهڙو ٿاٻڙبا ۽ پاڙيسري ۽ دوست سڀ گڏ ناس ٿيندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ پوءِ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي، ۽ سندس نوڪر ۽ ماڻهو، جي هن شهر ۾ مرض، ۽ ترار، ۽ ڏڪار کان باقي وڃي بچندا، تن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪد نضر جي هٿن ۾، ۽ سندن دشمنن جي هٿن ۾، ۽ جيڪي سندن حياتيءَ جا ڳولائو آهن تن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس: ۽ اهو هنن کي ترار جي ڌار سان ماريندو؛ هو انهن کي ڇڏي نہ ڏيندو، نہ انهن تي ڪو قياس ۽ نہ ڪو رحم ايندس.