Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 6:17 - Sindhi Bible

17 ۽ مون اوهان تي نگهبان بيهاريا، ۽ چيم تہ قرناءِ جو آواز ٻڌو: پر هنن چيو تہ اسين ڪين ٻڌنداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 مون آگاهہ ڪرڻ لاءِ اوهان ڏانهن نبي موڪليا، جن اوهان کي چيو تہ ’نفيلن وسيلي خطري جو آواز ٻڌو،‘ پر اوهان جواب ڏنو تہ ’اسين ڪين ٻڌنداسين.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 6:17
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ادوم بابت ڪلام. شعير مان ڪو مون کي سڏي چوي ٿو تہ اي پهري وارا، رات جي ڪهڙي خبر آهي؟ اي پهري وارا، رات جي ڪهڙي خبر آهي؟


هن جا پهريدار انڌا آهن، اهي سڀ بي علم آهن؛ اهي سڀ گونگا ڪتا آهن، اهي ڀونڪي نٿا سگهن؛ اهي خواب پيا لهن؛ ۽ انهن کي سستي پسند آهي.


وڏي سڏ رڙيون ڪر، ڪوبہ سانگو نہ ڪر، تريءَ وانگي پنهنجو آواز بلند ڪر، منهنجيءَ اُمت کي سندس قصور، ۽ يعقوب جي گهراڻي کي سندس گناهہ، ظاهر ڪري ٻڌاءِ.


اي يروشلم، مون تنهنجين ڀتين تي پهريدار بيهاريا آهن، اهي نہ ڏينهن جو ۽ نہ رات جو، ڪڏهن بہ ماٺ ڪري ڪين ويهندا: اوهين جي خداوند جو ذڪر ڪندڙ آهيو سي ماٺ نہ ڪريو.


پر هو چون ٿا تہ ڪابہ اميد ڪانهي: ڇالاءِ جو اسين پنهنجن تجويزن تي هلنداسين، ۽ اسان مان هرڪو پنهنجي بڇڙي دل جي نٺرائي موجب ڪم ڪندو.


۽ خداوند اوهان ڏي صبح جو سوير اٿي پنهنجا ٻانها نبي موڪليا آهن؛ پر اوهان نہ ٻڌو آهي نہ ٻڌڻ لاءِ اوهان پنهنجو ڪن ڏنو؛


تنهن ڪري اي قومون اوهين ٻڌو، ۽ اي جماعت، اوهين ڄاڻو، تہ هنن منجهہ ڇا آهي.


۽ تون هنن کي چئُہ تہ هي اُها قوم آهي، جنهن خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌو آهي، ۽ نہ ڪا سيکت حاصل ڪئي اٿن: سچائي ناس ٿي ويئي آهي، ۽ هنن جي وات مان اُها نڪري ويئي آهي.


تڏهن ڇو هي يروشلم جا ماڻهو هميشہ جي برائيءَ لاءِ پٺ تي هٽي ويا آهن؟ هو ٺڳيءَ سان چهٽيل آهن، ۽ موٽڻ کان انڪار ٿا ڪن.


پر اسرائيل جو گهراڻو تنهنجي نہ ٻڌندو؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي ٻڌڻ نٿا گهرن: ڇا اسرائيل جي گهراڻي وارا سڀ سخت پيشاني ۽ سنگدل آهن.


قرناءِ پنهنجي وات تي رک. هو عقاب وانگر خداوند جي گهر تي ڪاهي ٿو اچي: ڇالاءِ جو هنن منهنجي عهد اقرار جي برخلاف، ۽ منهنجي شريعت جي برخلاف هلت ڪئي آهي.


آءٌ پنهنجي ديدگاهہ تي بيهندس، ۽ ٺلهہ تي بيهي نگاهہ ڪندس تہ ڏسان تہ هو مون سان ڇا ٿو ڳالهائي، ۽ پنهنجي فرياد بابت آءٌ ڪهڙو جواب ڏيان.


اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جهڙا نہ ٿيو، جن وٽ اڳين نبين پڪاري ٿي چيو، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ اوهين پنهنجين بڇڙين راهن کان باز اچو، پر خداوند ٿو فرمائي، تہ هنن نڪي ٻڌو، نہ مون ڏي ڪَن ڏنائون.


پر هنن ٻُڌڻ کان انڪار ڪيو ۽ پنهنجو ڪلهو ڪڍيو، ۽ پنهنجا ڪَن بند ڪيا تہ نہ ٻُڌن.


جيڪي اوهان جا اڳواڻ آهن، تن جا تابعدار ۽ فرمانبردار رهو: ڇالاءِ جو هو اوهانجن روحن جي فائدي لاءِ انهن وانگر سجاڳ ٿا رهن، جن کي حساب ڏيڻو پوندو؛ تان تہ هو اِهو ڪم خوشيءَ سان ڪن، نہ رنج سان، ڇالاءِ جو انهيءَ طرح اوهان کي ڪوبہ فائدو ڪونهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ