Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 6:16 - Sindhi Bible

16 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين رستن تي بيهي ڏسو، ۽ جهونين واٽن ۾ پڇا ڪريو، تہ چڱو رستو ڪٿي آهي، پوءِ انهي تي هلو تہ اوهان جا روح آرام پائيندا: پر هنن چيو تہ اسين انهي تي نہ هلنداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”اوهين چوواٽن تي بيهي ڏسو، ۽ اصلي رستي جي پڇا ڪريو، هائو، پڇا ڪريو تہ اهو چڱو رستو ڪٿي آهي. انهيءَ تي ئي هلو تہ اوهين سڪون حاصل ڪندا. پر اوهين چئو ٿا تہ ’اسين انهيءَ تي ڪونہ هلنداسون.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 6:16
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ تون آسمان ۾ ٻڌج، ۽ پنهنجن ٻانهن جو، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جو گناهہ معاف ڪج، جو تون انهيءَ وقت هنن کي سيکارين ٿو تہ ڪيئن چڱي رستي تي هلن؛ ۽ جيڪا زمين تو پنهنجي قوم کي ورثو ڪري ڏني آهي تنهن تي مينهن موڪلج.


۽ ڏس، خداوند جي سڀني ڳالهين ۾ امرياہ سردار ڪاهن اوهان جي مٿان آهي، ۽ بادشاهہ جي سڀني ڳالهين ۾ زبدياہ بن اسماعيل، يهوداہ جي گهراڻي جو سردار، اوهان جي مٿان آهي: لاوي بہ اوهان جي اڳيان عملدار ٿيندا. همت سان هلو، ۽ خداوند نيڪ ماڻهن سان هجي.


اي منهنجي جان تون پنهنجي آرامگاهہ ۾ موٽي اچ؛ ڇو جو خداوند تو سان ڏاڍي ڀلائي ڪئي آهي.


اي يعقوب جا گهراڻا اوهين اچو تہ پاڻ خداوند جي روشنائي ۾ هلون.


جنهن کي هن چيو تہ هيءَ آرام جي جاءِ آهي، جيڪي ٿڪل آهن، تن کي اوهين آرام ڏيو؛ هيءَ فرحت جي جاءِ آهي: تڏهن بہ هنن نہ ٻڌو.


جڏهن اوهين ساڄي يا کاٻي پاسي ڦرندا تڏهن تنهنجا ڪن تنهنجي پٺيان هڪڙو آواز ٻڌندا تہ رستو هي آهي، اوهين انهي تي هلو.


قديم زماني جون اڳوڻيون ڳالهيون ياد ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ خدا آهيان، ۽ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ آءٌ خدا آهيان ۽ مون جهڙو ٻيو ڪونهي؛


هو سلامتيءَ ۾ داخل ٿو ٿئي؛ جيڪي بہ پنهنجي سچائيءَ تي هلن ٿا سي پنهنجن بسترن تي آرام ٿا ڪن.


شريعت ڏي ۽ شاهديءَ ڏانهن نظر ڪريو! جيڪڏهن اُهي هن ڪلام موافق نہ ڳالهائين، تہ يقيناً هنن جي لاءِ صبح ڪونہ ٿيندو.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هو ڪوشش ڪري منهنجي قوم جا رستا سکندا، ۽ منهنجي نالي جو قسم کڻي چوندا تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، جيئن ڪ هنن منهنجي قوم کي بعل جو قسم کڻڻ سيکاريو، تہ پوءِ هو منهنجي قوم جي وچ ۾ اڏجي ويندا.


پر هو چون ٿا تہ ڪابہ اميد ڪانهي: ڇالاءِ جو اسين پنهنجن تجويزن تي هلنداسين، ۽ اسان مان هرڪو پنهنجي بڇڙي دل جي نٺرائي موجب ڪم ڪندو.


پر منهنجي قوم مون کي وساري ڇڏيو آهي، هنن باطل شين لاءِ لوبان ساڙيو آهي؛ ۽ هن انهن کي سندن واٽن ۾، يعني قديم رستن تي گمراهہ ڪيو، تہ هو گس وٺي وڃن، ۽ انهي رستي تي هلن جو ٺاهيو نہ ويو آهي،


تون بنا نعلن رهڻ کان پنهنجو پير جهل، ۽ پنهنجي نڙيءَ کي اُڃ کان بچاءِ: پر تو چيو تہ اُميد ڪانهي: اصلي نہ؛ ڇالاءِ جو منهنجي ڌارين سان محبت لڳل آهي، ۽ آءٌ انهن جي پٺيان ويندس.


تنهنجي سک جي وقت مون تو سان ڳالهايو پر تو چيو تہ آءٌ ڪين ٻڌندس، ننڍي هوندي کان اها تنهنجي عادت ٿي رهي آهي تہ تون منهنجو آواز نٿو مڃين.


پنهنجي لاءِ رستي جا نشان کڙا ڪر، پنهنجي لاءِ سونهپ جا ڪاٺ جوڙيو: شاهي رستي سان دل لڳاءِ، يعني اهو رستو جنهن تان تون وئين: اي اسرائيل جي ڪنواري موٽي اچ، تون پنهنجن هنن شهرن ڏي موٽي اچ.


من خداوند تنهنجو خدا اسان کي اهو رستو ڏيکاري جنهن تي هلون ۽ اُهو ڪم ڏيکاري جو ڪريون.


جيڪو ڪلام تو اسان کي خداوند جي نالي سان ٻڌايو آهي، سو تنهنجي واتان نہ ٻڌنداسين.


هو پنهنجا منهن صيون ڏي ڪري انهي بابت پڇا ڪندا، ۽ چوندا تہ اوهين اچي خداوند سان گڏجو ۽ دائم قائم عهد اقرار ڪريو، جو ڪڏهن بہ وساريو نہ ويندو.


پر هن ڳالهہ بابت مون هنن کي حڪم ڏيئي چيو، تہ منهنجو آواز ٻڌو، ۽ آءٌ اوهان جو خدا ٿيندس ۽ اوهين منهنجي قوم ٿيندا: جنهن رستي جو آءٌ اوهان کي حڪم ڏيان انهي تي هلو، تہ اوهان جو ڀلو ٿئي.


پر هنن نہ ٻڌو ۽ نہ ڪن ڏنو، پر پنهنجي مرضيءَ تي، ۽ پنهنجي خراب دل جي نٺرائي تي هليا، ۽ پٺ تي ويا ۽ اڳتي نہ وڌيا.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين پنهنجا رستا ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو تہ آءٌ اوهان کي هن هنڌ رهائيندس.


اوهين منهنجي ٻانهي موسيٰ جي شريعت، يعني اُهي حڪم ۽ فيصلا جي مون هن کي حورب ۾ اسرائيل جي لاءِ ڏنا، تن کي ياد رکو.


پر ابراهيم چيو تہ اُنهن وٽ موسيٰ ۽ نبي آهن، اُنهن جي ٻُڌن.


تڏهن يسوع چين تہ اڃا ٿوري ساعت نُور اوهان وٽ آهي، جيسين نُور اوهان وٽ آهي، تيسين نُور ۾ هلو تہ متان اونداهي نہ اچي مٿان پئيوَ. ۽ جيڪو اونداهيءَ ۾ ٿو هلي، تنهن کي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان.


جيڪڏهن اوهين اهي ڳالهيون سمجهي انهن تي هلندا تہ مبارڪ آهيو.


اوهين پاڪ لکيتون ڳوليو ڦوليو ٿا، ڇالاءِ جو ڀانئيو ٿا تہ انهن ۾ اسان لاءِ هميشہ جي زندگي آهي، ۽ اهي ئي آهن جي منهنجي بابت شاهدي ٿيون ڀرين؛


هاڻي هي ٿسلونيڪيءَ جي يهودين کان وڌيڪ چڱا ماڻهو هئا، جو هنن وڏي شوق سان ڪلام قبول ڪيو، ۽ روز بروز پاڪ ڪتاب پڙهي ڏسندا هئا تہ اِهي ڳالهيون برابر ائين آهن يا نہ.


۽ انهن ختني وارن جو بہ ابو ٿئي، جن جو نہ فقط ختنو ٿيل آهي پر جي اسان جي پيءُ ابراهيم جي انهي ايمان جي پيروي بہ ٿا ڪن، جو هن کي بنا ختني واريءَ حالت ۾ هو.


اڳوڻا ڏينهن ياد ڪر، گهڻين پيڙهين تي غور ڪر: پنهنجي پيءُ کان پڇ، تہ اهو توکي سمجهائي؛ پنهنجن بزرگن کان پڇ، تہ اهي توکي ٻڌائين.


تنهنڪري جهڙيءَ طرح اوهان مسيح يسوع خداوند کي قبول ڪيو آهي، تهڙيءَ طرح انهي ۾ هلندا رهو،


ڇالاءِ جو انهي جي ڪري بزرگن جي لاءِ الاهي شاهدي ڏني ويئي هئي.


تان تہ اوهين سست نہ ٿيو، پر انهن جهڙا ٿيو، جي ايمان ۽ تحمل جي ڪري واعدن جا وارث ٿا ٿين.


انهيءَ هوندي بہ هنن پنهنجي قاضين کي نہ مڃيو، ڇالاءِ جو هو ٻين معبودن جي پيروي ڪري زنا ڪندا رهيا، ۽ انهن کي سجدو ڪندا رهيا: جنهن رستي تي هنن جا ابا ڏاڏا خداوند جا حڪم مڃي هلندا هئا، تنهن کان سگهو ئي ڦري ٻئي پاسي ويا: ۽ انهن وانگر نہ هليا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ