Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 6:15 - Sindhi Bible

15 جڏهن هنن ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا تڏهن هو شرمندا هئا ڇا؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم نہ آيو، نہ هنن کي ڪو حياءُ ٿيو: تنهن ڪري جيڪي ڪرندا، تن ۾ هو بہ ڪِرندا: خداوند ٿو فرمائي تہ جڏهن آءٌ کين سزا ڏيڻ لاءِ ايندس تڏهن هو هيٺ اُڇلايا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم ڪونهي آيو، کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي. سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا. جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 6:15
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ صبح جو هيئن ٿيو جو وڏيءَ ننڍيءَ کي چيو تہ ڏس، ڪالهہ رات آءٌ پنهنجي پيءُ سان سُتي هيس: اچ تہ اڄ رات بہ هن کي مئي پياريون ۽ تون وڃي ساڻس گڏ سمهہ، تہ اسين پنهنجي پيءُ جو نسل قائم رکون.


هاڻي تون وڃ، ۽ جنهن جاءِ بابت مون توکي حڪم ڏنو آهي، اتي پنهنجيءَ قوم کي وٺي وڃ: ڏس، منهنجو فرشتو تنهنجي اڳيان هلندو: تنهن هوندي بہ جنهن ڏينهن آءٌ بدلو وٺندس، تنهن ڏينهن آءٌ انهن کي سندن گناهہ جي سزا ڏيندس.


جيڪو گهڻي ملامت کان پوءِ بہ پنهنجي گردن سخت ڪري ٿو، سو اوچتو برباد ٿيندو ۽ ڪوبہ علاج ڪونہ ٿيندس.


هو رڳو قيدين هيٺان ڪنڌ جهڪائيندا ۽ قتل ٿيلن هيٺان ڪرندا. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


هنن جي چهري جو ڏيک هنن تي شاهدي ٿو ڏئي؛ ۽ هو سدوم وانگي پنهنجو گناهہ ظاهر ڪري ٻڌائين ٿا ۽ لڪائين نٿا. افسوس آهي هنن جي روح تي: ڇالاءِ جو هنن پاڻ پنهنجي سر تي خرابي آندي آهي.


تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي تہ جيڪي نبي منهنجي نالي تي پيشنگوئي ٿا ڪن، ۽ جيتوڻيڪ مون هنن کي نہ موڪليو، تڏهن بہ هو چون ٿا تہ ترار ۽ ڏڪار هن ملڪ تي نہ ايندو: اهي نبي ترار ۽ ڏڪار سان ئي ماري کپايا ويندا.


هائو، اي خداوند، توکي خبر آهي تہ هنن منهنجي قتل ڪرڻ لاءِ ڪهڙي صلاح ڪئي آهي؛ هنن جي بدڪاري معاف نہ ڪر، نڪي هنن جو گناهہ پنهنجي نظر کان لڪائي ڇڏ: بلڪ هنن کي پنهنجي اڳيان اونڌو ڪري ڪيراءِ، پنهنجي ڪاوڙ جي وقت هنن سان جوڳي هلت ڪر.


جنهن ڪري هنن جو رستو سندن لاءِ اهڙو ٿيندو جهڙيون اونداهيءَ ۾ ترڪڻيون جايون، هو اڳتي هڪاليا ويندا ۽ انهي ۾ ڪري پوندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ انهن تي خرابي آڻيندس، يعني انهن جي سزا جو سال.


تنهن ڪري مينهن جهلجي ويو آهي، ۽ پوئين برسات بہ ڪانہ پئي آهي؛ انهي هوندي بہ تنهنجي پيشاني ڪسبيءَ جهڙي هئي، ۽ شرمندي ٿيڻ کان تو انڪار ڪيو.


هو اڄ ڏينهن تائين پشيمان نہ ٿيا آهن، نڪي ڊنا آهن، نڪي منهنجي شريعت تي يا منهنجن قانونن تي هليا آهن، جي مون اوهان جي اڳيان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن جي اڳيان رکيا.


خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڳالهين ڪري آءٌ سزا نہ ڏيندس ڇا؟ اهڙي قوم کان منهنجو روح وير نہ وٺندو ڇا؟


خداوند ٿو فرمائي تہ اهڙين ڳالهين جي ڪري آءٌ سزا نہ ڏيندس ڇا؟ اهڙي قوم کان منهنجو روح وير نہ وٺندو ڇا؟


جڏهن هنن ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا تڏهن ڪي هو شرمندا ٿيا هئا ڇا؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم نہ آيو، ۽ نڪي هنن کي ڪو حياءُ ٿيو: تنهن ڪري جيڪي ڪرڻ وارا آهن تن ۾ هو بہ ڪِرندا: خداوند ٿو فرمائي تہ هنن جي سزا جي وقت هو هيٺ اُڇلايا ويندا.


ڏاها ماڻهو شرمندا ٿيا آهن، هو ڊڄي ويا آهن ۽ گرفتار ٿيا آهن: ڏس هنن خداوند جو ڪلام رد ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ هنن ۾ ڪهڙي قسم جي ڏاهپ آهي؟


انهي طرح جيڪا ڀِت اوهان اڻ گڏيل ڪچي گاري سان جوڙي آهي، تنهن کي آءٌ ڀڃي ڊاهي ڇڏيندس؛ جنهنڪري ان جو بنياد ظاهر ٿي پوندو، ۽ اُها ڪِري پوندي، ۽ انهي جي وچ ۾ اوهين مري چٽ ٿي ويندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


۽ اُهي بي حيا ۽ سنگدل اولاد آهن؛ تہ بہ آءٌ توکي انهن وٽ ٿو موڪليان: ۽ تون انهن کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي.


ڇالاءِ جو ان جو رت ان جي وچ ۾ آهي، هن اُهو اُگهاڙي ٽڪر تي رکيو؛ هن اُهو زمين تي نہ هاري وڌو تہ مٽيءَ سان ڍڪجي وڃي.


۽ تون ڏينهن جو ٿاٻو کائيندين، ۽ نبي بہ تو سان گڏ رات جو ٿاٻو کائيندو؛ ۽ آءٌ تنهنجي ماءُ کي ناس ڪري ڇڏيندس.


سزا جا ڏينهن آيا آهن، بدلي وٺڻ جا ڏينهن اچي پهتا آهن؛ اسرائيل پاڻهي ڄاڻندو: نبي بي عقل آهي، جنهن ماڻهوءَ ۾ روح آهي سو چريو آهي، اهو تنهنجي بدڪاريءَ جي گهڻائيءَ ڪري ٿيو آهي، ۽ هن ڪري جو دشمني وڏي آهي.


تنهنڪري اوهان جي لاءِ رات ٿيندي، ۽ اوهين ڪوبہ رويا ڪونہ ڏسندا، ۽ اوهان جي لاءِ اونداهي ٿيندي، تہ اوهين ڪابہ فال نہ وجهو؛ ۽ نبين تان سج لهي ويندو، ۽ انهن جي مٿان ڏينهن ڪارو ٿي ويندو.


انهن مان جيڪو تمام چڱو آهي سو ڪانڊيري جهڙو آهي ۽ جيڪو تمام سچو آهي سو ڪنڊن جي لوڙهي کان بہ خراب آهي: تنهنجي پهري وارن جو ڏينهن يعني تنهنجي سزا جو ڏينهن اچي پهتو آهي: هاڻي هنن ۾ حيراني پريشاني پوندي.


اي بي شرم قوم، اوهين پاڻ کي گڏ ڪريو، هائو گڏ ٿيو.


ان جي وچ ۾ خداوند سچو آهي؛ اُهو بي انصافي نہ ڪندو؛ هر روز صبح جو هو پنهنجي عدالت ظاهر ڪري ٿو ۽ ڪڏهن بہ گُسي نٿو، پر بي انصاف ماڻهوءَ کي شرم ڪونهي.


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ جيڪو نبين مان نبوت ڪندو، سو پنهنجي رويا کان شرمندو ٿيندو؛ ۽ نڪي هو ٺڳڻ لاءِ، وارن جي چادر ڍڪيندا.


هنن کي ڇڏي ڏيو؛ هو انڌا سونهان آهن. جيڪڏهن انڌو انڌي جو سونهون ٿيندو تہ ٻئي کڏ ۾ ڪِرندا.


جن جي پڇاڙي فنا آهي، ۽ جي پيٽ جا پوڄاري آهن، ۽ شرم جي ڳالهين ۾ فخر ٿا ڪن، ۽ جن کي رڳو دنيا جي شين جو فڪر ٿو رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ