Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 6:14 - Sindhi Bible

14 هنن سلامتي، سلامتي، چئي منهنجي قوم جي ڦٽ جو ڪچو علاج ڪيو آهي، پر حقيقت ڪري سلامتي ڪانهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 منهنجي قوم جا ڦٽ بہ هنن کي معمولي رهڙون نظر اچن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو هو ’خير آهي، خير آهي،‘ چوندا وتن ٿا، جڏهن تہ ڪوبہ خير ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 6:14
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ سڀ ماڻهو موٽائي تو وٽ وٺي ايندس: جنهن ماڻهوءَ جو تون گهورو آهين، سو اهڙو آهي جهڙو ڄڻ تہ سڀ ماڻهو موٽي مليا: انهيءَ ڪري سڀ ماڻهو صحيح سلامت رهندا.


پير جي تريءَ کان وٺي مٿي تائين انهي ۾ ڪابہ تندرستي ڪانهي، پر زخم ۽ گهاءَ، ۽ ڪنا ٿيندڙ ڦٽ آهن: اهي نہ بند ٿيا آهن، نہ پٽيءَ سان ٻڌل آهن ۽ نہ تيل سان نرم ڪيا ويا آهن.


اُهي غيب ڏسڻ واري کي چون ٿا تہ غيب نہ ڏسو، ۽ نبين کي چون ٿا تہ اسان کي نبوت جون سچيون ڳالهيون نہ ٻڌايو؛ اسان کي وڻندڙ ڳالهيون ٻڌايو، ۽ ڪوڙي نبوت ڪريو.


انهي ڏينهن، جڏهن خداوند پنهنجيءَ اُمت جي ڦٽ تي پٽي ٻڌندو، ۽ انهيءَ جي زخم جو ڌڪ ڇُٽائيندو، تڏهن چنڊ جي روشنائي سج جي روشنائي جهڙي ٿيندي، ۽ سج جي روشنائي ستوڻي، بلڪ ستن ڏينهن جي روشنائيءَ جهڙي ٿيندي.


تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا، ڏس، نبي هنن کي چون ٿا تہ اوهين ترار نہ ڏسندا، نڪي اوهان ۾ ڏڪار پوندو! پر آءٌ اوهان کي هن هنڌ يقيناً خير سلامتي ڏيندس.


۽ تون هنن کي هي ڪلام چئج، تہ منهنجون اکيون رات ڏينهن ڳوڙها پيون ڳاڙين، ۽ هو ڀلي تہ بس نہ ڪن؛ ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڪنواري ڌيءَ، هڪڙي وڏي ڦٽ سان، ۽ هڪڙي تمام وڏي زخم سان ڦٽجي پئي آهي.


جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا تن کي هو هميشہ پيا چون تہ خداوند فرمايو آهي تہ اوهان وٽ خير سلامتي هوندي؛ ۽ جيڪي پنهنجي دل جي نٺرائي پٺيان ٿا هلن تن مان هر هڪ کي هو چون ٿا تہ اوهان تي ڪابہ خرابي نہ ايندي.


ٻن ڀرين ورهين اندر آءٌ خداوند جي گهر جا اُهي سڀ ٿانوَ هن هنڌ موٽائي آڻيندس، جي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر هن هنڌان هٿ ڪري بابل ڏي کڻي ويو هو:


تڏهن مون چيو تہ هاءِ اي خداوند خدا! يقيناً تو هن قوم سان ۽ يروشلم سان ڏاڍي دغا ڪئي آهي جو چيو اٿيئي تہ اوهين سلامت رهندا؛ پر حقيقت ڪري ترار اچي جان تائين پهتي آهي.


هنن خداوند کان منڪر ٿي چيو آهي تہ هي اُهو ناهي؛ نڪي خرابي اسان جي مٿان ايندي، نڪي اسين ترار يا ڏڪار ڏسنداسين:


تنهنجن نبين تنهنجي لاءِ اجاين ۽ بي عقليءَ جهڙين ڳالهين جا خواب ڏٺا آهن؛ ۽ انهن تنهنجي بدڪاري ڳولي نہ لڌي آهي، جو تنهنجا قيدي موٽائي آڻين: پر هنن تنهنجي لاءِ بيهودا مضمون ۽ شهر نيڪاليءَ جا سبب ڏٺا آهن.


ڇالاءِ جو هنن منهنجي قوم کي ڀُلايو آهي، ۽ چيو اٿن تہ خير سلامتي آهي، پر خير سلامتي ڪانهي؛ ۽ جڏهن ڪو ڀِت جوڙي ٿو، تڏهن ڏسو، هو اُنهي کي اڻ گڏيل ڪچو گارو ٿا لڳائين.


يعني اسرائيل جا نبي جي يروشلم جي نسبت ۾ نبوت ڪن ٿا، ۽ ان جي خير سلامتيءَ جا رويا ڏسن ٿا، پر خير سلامتي آهي ئي ڪونہ؛ خداوند ائين ٿو فرمائي.


ڇالاءِ جو ڪوڙ سان، جن سچارن کي مون غمگين نہ ڪيو آهي، تن جي دل کي اوهان رنج ڪيو آهي؛ ۽ شرير جي هٿن کي زور وارو ڪيو اٿوَ، تہ اُهو پنهنجي خراب رستي کان باز نہ اچي ۽ جيئرو نہ رهي.


۽ جيڪڏهن نبي ٺڳجي ڪو ڪلام ڪندو، تہ مون خداوند انهي نبيءَ کي ڀنڀلايو آهي، ۽ آءٌ پنهنجو هٿ انهي تي ڊگهيريندس، ۽ انهي کي پنهنجي قوم اسرائيل مان وڍي ڇڏيندس.


جيڪڏهن ڪو ڪوڙو ماڻهو ڪوڙي روح سان ڪوڙ ڪري چوي، تہ آءٌ شراب ۽ نشي بابت پيشنگوئي ڪري ٻڌائيندس، تہ اهو ئي سندن نبي ٿو ٿئي!


جيڪي نبي منهنجي قوم کي گمراهہ ٿا ڪن، تن جي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ لقمو چٻاڙيندي هو سلام ٿا پڪارين، پر جي ڪو سندن وات نٿو ڀري تہ انهن سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿا ٿين:


جڏهن ماڻهو پيا چوندا تہ اطمينان ۽ سلامتي آهي، تڏهن جيئن حاملہ زال کي سور لڳندا آهن، تيئن اوچتو ئي اوچتو موت اچي مٿان ڪڙڪندو؛ ۽ ڪو وسيلو ڪونہ ٿيندو.


پر انهيءَ اُمت ۾ بہ ڪوڙا نبي پيدا ٿيا، جيئن ڪ اوهان ۾ بہ ڪوڙا اُستاد پيدا ٿيندا، جي ڳجهہ ڳوهہ ۾ برباد ڪندڙ بدعتون شروع ڪندا، ۽ ايتري قدر جو انهي ڌڻيءَ جو بہ انڪار ڪندا، جنهن کين خريد ڪيو، ۽ هو پاڻ کي جلد ئي برباد ڪري ڇڏيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ