Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 6:10 - Sindhi Bible

10 آءٌ ڪهڙن سان ڳالهايان ۽ ڪنهن کي تاڪيد ڪريان تہ ٻڌن؟ ڏس، هن جو ڪن اڻ طهريل آهي، ۽ هو ٻڌي نٿا سگهن: ڏس خداوند جو ڪلام هنن جي لاءِ هڪڙو مهڻو ٿي پيو آهي؛ هنن کي انهي مان ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 مون کيس وراڻيو تہ ”آءٌ جو ساڻن ڳالهايان تہ منهنجي ڪير ٻڌندو؟ آءٌ ڪنهن کي تاڪيد ڪريان؟ هنن جي ڪنن ۾ ٻجا پيل آهن سو هو ڪونہ ٿا ٻڌن. تو خداوند جي فرمان کان هنن کي چڙ آهي. هنن کي انهيءَ ۾ ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 6:10
40 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر انهي جي خوشي خداوند جي شريعت ۾ آهي؛ ۽ رات ڏينهن سندس شريعت تي غور ٿو ڪري.


آءٌ تنهنجي قانونن کان خوش رهندس: ۽ تنهنجو ڪلام ڪين وساريندس.


اي خداوند آءٌ تنهنجيءَ نجات جو مشتاق آهيان؛ ۽ تنهنجيءَ شريعت ۾ منهنجي خوشي آهي.


تنهنجيون شاهديون منهنجي خوشي ۽ منهنجيون صلاح ڪار آهن.


مون کي پنهنجن حڪمن جي واٽ تي هلاءِ؛ ڇو جو انهيءَ ۾ منهنجي خوشي آهي.


انهن جي دل چرٻيءَ وانگر سڻڀي ٿي پيئي آهي؛ پر آءٌ تنهنجيءَ شريعت ۾ خوش ٿو ٿيان.


شل تنهنجون رحمتون مون تي نازل ٿين، تہ آءٌ جيئرو رهان: ڇو جو تنهنجيءَ شريعت ۾ منهنجي خوشي آهي.


اي منهنجا خدا، تنهنجيءَ مرضيءَ موجب هلڻ تي آءٌ ڏاڍو خوش آهيان؛ هاڻي تنهنجي شريعت منهنجيءَ دل جي اندر آهي.


تنهن تي موسيٰ خداوند جي حضور ۾ عرض ڪري چيو تہ ڏس، جڏهن بني اسرائيل منهنجي ڳالهہ نہ مڃي، تہ فرعون منهنجي ڳالهہ ڪيئن مڃيندو؟ آءٌ تہ ڳالهائڻ ۾ بہ هٻڪندو آهيان.


تنهنجي نظر گهڻين شين تي پوي ٿي پر اهي ڏسين نٿو؛ هن جا ڪن کليل آهن، پر هو ٻڌي نٿو.


جيڪو پيغام اسان کي مليو آهي، تنهن تي ڪنهن ايمان آندو آهي؟ ڪنهن تي خداوند جي ٻانهن ظاهر ٿي آهي؟


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ وڃي يهوداہ جي ماڻهن ۽ يروشلم جي رهاڪن کي چئُہ تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين نصيحت وٺي منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌندا ڇا؟


اي يهوداہ جا ماڻهو ۽ يروشلم جا رهاڪو، اوهين خداوند جي لاءِ پنهنجو طهر ڪرايو ۽ پنهنجي دل جا کولا لاهي اُڇلائي ڇڏيو: متان منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگي اوهان جن بڇڙن ڪمن سبب پکڙي پئي، ۽ اهڙي ٻري جو ڪوبہ وسائي نہ سگهيس.


اي بي عقل ۽ بي سمجهہ قوم، جنهن کي اکيون آهن ۽ ڏسي نٿي، ۽ جنهن کي ڪن آهن پر ٻڌي نٿي، هاڻي هيءُ ٻڌو:


۽ هاڻي خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان هي سڀ ڪم ڪيا آهن، ۽ مون اوهان سان سوير اُٿي ڳالهايو پر اوهان نہ ٻڌو: ۽ مون اوهان کي سڏيو پر اوهان جواب ڪونہ ڏنو:


انهي هوندي بہ هنن منهنجي نہ ٻڌي ۽ نہ ڪن ڏنائون، پر هنن پنهنجي ابن ڏاڏن کان بہ بڇڙي هلت ڪئي.


مصر، ۽ يهوداہ، ۽ ادوم کي، ۽ بني عمون ۽ موآب کي، ۽ انهن سڀني کي جن جي وارن جون ڪنڊون ڪتريل آهن، ۽ جي بيابان ۾ ٿا رهن: ڇالاءِ جو سڀ قومون اڻ طهريل آهن، ۽ اسرائيل جو سڄو گهراڻو دل ۾ اڻ طهريل آهي.


پر اسرائيل جو گهراڻو تنهنجي نہ ٻڌندو؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي ٻڌڻ نٿا گهرن: ڇا اسرائيل جي گهراڻي وارا سڀ سخت پيشاني ۽ سنگدل آهن.


۽ جيڪڏهن اُهو نگهبان ترار ايندي ڏسي، ۽ قرناءِ وڄائي، ۽ ماڻهن کي خبردار ڪري؛


انهي هوندي بہ جي تون انهي شرير کي پنهنجي رستي کان ڦرڻ لاءِ خبردار ڪندين ۽ هو انهي کان نہ ڦرندو؛ تہ هو پنهنجي بدڪاريءَ ۾ برابر مرندو، پر تو پنهنجو ساهہ بچايو آهي.


تڏهن امصياہ بيت ايل جي ڪاهن اسرائيل جي بادشاهہ يربعام ڏي چوائي موڪليو تہ عاموس اسرائيل جي گهراڻي جي وچ ۾ تنهنجي برخلاف منصوبو ٻَڌو آهي: ۽ ملڪ هن جون ڳالهيون سهي نٿو سگهي.


پر جڏهن هن ڏٺو تہ گهڻا فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ مون وٽ پيا اچن، تڏهن انهن کي چوڻ لڳو، تہ اي نانگن جا ٻچا، اوهان کي ڪنهن خبردار ڪيو تہ جيڪو غضب اچڻ وارو آهي تنهن کان ڀڄو؟


تڏهن شريعت جي هڪڙي عالم وراڻي ڏيئي چيو، تہ اي اُستاد، هي جيڪي تون چئين ٿو تنهن ۾ اسان کي بہ طعنو ٿو هڻين.


۽ اوڏيءَ ئي مهل فقيهن ۽ سردار ڪاهنن ڪوشش ڪئي تہ جهليونس، ڇالاءِ جو اُنهن سهي ڪيو تہ هن هيءُ مثال اسان تي آندو آهي؛ پر ماڻهن کان ڊنا ٿي.


ٿيڻي نہ آهي جو دنيا اوهان سان نفرت ڪري، پر مون سان نفرت ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ آئون هن بابت شاهدي ٿو ڏيان تہ سندس ڪم بڇڙا آهن.


پوءِ اُهي فريسي جي ساڻس هئا، تن اهي ڳالهيون ٻُڌي چيس، تہ اسين بہ انڌا آهيون ڇا؟


اوهين جي ضدي، ۽ دل ۽ ڪَنن جا نامختون آهيو، سي هميشہ پاڪ روح جو مقابلو ٿا ڪريو، جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا، تيئن اوهين بہ ٿا ڪريو.


۽ هن گوڏا کوڙي وڏي سڏ چيو، تہ اي خداوند، هي ڏوهہ هنن تي نہ وجهہ. ايترو چئي هو سمهي پيو.


ڇالاءِ جو اندر واريءَ انسانيت جي ڪري مون کي خدا جي شريعت پسند ٿي اچي:


پر خداوند توکي اڄوڪي ڏينهن تائين نہ اهڙي دل ڏني آهي جا سمجهي، نہ اهڙيون اکيون ڏنيون آهن جي ڏسن، ۽ نہ اهڙا ڪن ڏنا آهن جي ٻڌن.


جنهن جي منادي ڪري اسين سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي نصيحت ٿا ڪريون، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پوري دانائيءَ سان تعليم ٿا ڏيون، انهي لاءِ تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي اسين مسيح ۾ ڪامل ڪري پيش ڪريون.


ڇالاءِ جو اهڙو وقت ايندو، جڏهن ماڻهو صحيح تعليم جي برداشت نہ ڪندا؛ پر ڪَنن جي خارش ڪري پنهنجين خواهشن موجب پنهنجي لاءِ گهڻا ئي اُستاد آڻي گڏ ڪندا،


ايمان ئي جي ڪري جيڪي ڳالهيون اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون هيون، تن جي نسبت ۾ خدا نوح کي خبردار ڪيو، ۽ هن خدا جي خوف کان پنهنجي خاندان جي بچاءَ لاءِ هڪڙي ٻيڙي تيار ڪئي؛ ۽ ائين ڪرڻ سان هن جهان کي ڏوهاري ٺهرايو، ۽ پاڻ انهيءَ راستبازيءَ جو وارث ٿيو جا ايمان جي ڪري آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ