Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 52:7 - Sindhi Bible

7 تنهن کان پوءِ شهر جي ڀت هڪڙي هنڌان ڀڃي وڌائون، ۽ سڀ جنگي مرد اُٿي ڀڳا، ۽ رات جو ٻن ڀتين جي وچ وارو در، جو بادشاهہ جي باغ جي پاسي کان هو، تنهن رستي شهر مان نڪري ٻاهر ٿيا؛ (هاڻي ڪسدي شهر جي چوڌاري موجود هئا:) ۽ هو عرباہ جو رستو ڏيئي هليا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 بابل وارن هڪڙي هنڌان شهر جي ڀت ڀڳي. تنهن وقت جنگي جوڌا ان دروازي منجھان ڀڄي ٻاهر نڪري ويا جيڪو بادشاهہ جي باغ جي ڀرسان گھٽيءَ ۾ هو، جڏهن تہ بابل وارا شهر جو گھيرو ڪيو بيٺا هئا. اهي اردن ماٿريءَ وارو رستو وٺي ڀڄڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 52:7
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن شهر جي ڀت کي هڪڙي هنڌان ڀڃي وڌائون ۽ سڀ جنگي ماڻهو رات جي وقت ٻن ڀتين جي وچ واري دروازي کان ڀڄي نڪتا، جو دروازو بادشاهہ جي باغ جي ڀرسان هو: (هاڻي انهيءَ وقت ڪلدي شهر جي چوڌاري گهيرو ڪيو بيٺا هئا:) ۽ بادشاهہ عرباہ جي رستي کان هليو ويو.


ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ حڪم ڏئي هنن کي هن شهر ڏي آڻيندس؛ ۽ اُهي انهي سان وڙهندا، ۽ انهي کي وٺندا، ۽ باهہ سان ساڙيندا: ۽ آءٌ يهوداہ جي شهرن کي اهڙو ويران ڪندس جو ڪوبہ منجهن رهڻ وارو ڪونہ هوندو.


۽ صدقياہ جي يارهين ورهيہ ۾، چوٿين مهيني جي نائين تاريخ، شهر جي ڀت هڪڙي هنڌان ڀڃي وڌائون:)


تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي تہ اُن جا جوان ماڻهو سندس گهٽين ۾ ڪِرندا ۽ سڀ جنگي مرد انهيءَ ڏينهن چپ ڪرايا ويندا.


۽ لنگهڻ جون جايون اوچتيون ورتيون ويون آهن ۽ ڪانا ڪک باهہ ۾ ساڙي مچ ڪيا اٿن، ۽ جنگي ماڻهو ڊڄي ويا آهن.


اُٿو تہ رات جو ڪاهي هلون ۽ سندس محلات ناس ڪري ڇڏيون.


۽ هنن ۾ جو سردار اونداهيءَ ۾ ڪلهي تي سامان کڻي هليو ويندو: هو ڀت کوٽي ٽُنگ ڪري اُنهي مان اُهو کڻي ويندو: هو پنهنجو منهن ڍڪيندو، ڇالاءِ جو پنهنجين اکين سان زمين نہ ڏسندو.


۽ تون هنن جي اکين آڏو ڏينهن جي وقت پنهنجو سامان ٻاهر ڪڍي آڻ، جيئن مسافريءَ لاءِ سامان ڪڍبو آهي: ۽ شام جي وقت تون پاڻ هنن جي ڏسندي نڪري وڃ، جيئن شهر نيڪالي ڏنل ماڻهو نڪرندا آهن.


۽ اسان جي قيد جي ٻارهين سال ۾، ڏهين مهيني جي پنجين تاريخ، هيئن ٿيو تہ هڪڙو شخص، جو يروشلم مان ڀڄي نڪتو هو، تنهن مون کي اچي چيو تہ شهر تباهہ ٿي ويو آهي.


۽ آءٌ پنهنجو منهن اوهان کان ڦيرائيندس، ۽ اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان ماريا ويندا: جيڪي اوهان کان نفرت ٿا ڪن سي اوهان تي حڪومت ڪندا؛ ۽ ڪوبہ اوهان جي پٺيان نہ پوندو تڏهن بہ اوهين ڀڄندا ويندا.


۽ جيڪي اوهان مان پنهنجي دشمن جي ملڪ ۾ باقي رهندا، تن جي دلين ۾ آءٌ خوف پيدا ڪندس: ۽ اهي پن اُڏامڻ جي کڙڪي تي بہ ڀڄي ويندا؛ ۽ هو ائين ڀڄندا، جيئن ڪو ترار کان ڀڄي؛ ۽ ڪوبہ سندن پيڇو نہ ڪندو تہ بہ هو ڪري پوندا.


۽ اوهين ڀت جي ڦاٽن مان ٻاهر نڪري وينديون، هرڪا سنئين پنهنجي اڳيان ويندي، ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ، اوهين هارمون ۾ اُڇلايون وينديون.


خداوند توکي تنهنجن دشمنن جي اڳيان مارائي ڀڄائيندو: تون هڪڙي رستي کان انهن تي ڪاهي ويندين، ۽ ستن رستن کان انهن جي اڳيان ڀڄي ويندين: تون دنيا جي سڀني بادشاهتن ۾ رلندو وتندين.


جيڪڏهن انهن جو ٽڪر کين وڪڻي نہ ڇڏي ها، ۽ خداوند انهن کي حوالي نہ ڪرائي ها، تہ ڪيئن هڪڙو ڄڻو هزار جي پٺيان پوي ها، ۽ ٻہ ڄڻا ڏهن هزارن کي ڀڄائي ڪڍن ها؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ