Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 52:3 - Sindhi Bible

3 ڇالاءِ جو خداوند جي ڪاوڙ ڪري يروشلم ۽ يهوداہ ۾ اهڙو حال ٿيو جو هن انهن کي پنهنجي حضور مان ڪڍي ڇڏيو: ۽ صدقياہ بابل جي بادشاهہ جي برخلاف فساد ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 خداوند جي غضب جي ڪري ئي يروشلم وارن بلڪ سڄي يهوداہ وارن جو اهڙو حال ٿيو ۽ آخرڪار خداوند انهن کي پنهنجي حضور مان تڙي ڇڏيو. اهو هيئن ٿيو جو صدقياہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خلاف بغاوت ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 52:3
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏس اڄ تو مون کي هتان ڪڍي ڇڏيو آهي، ۽ آءٌ تنهنجي حضوريءَ کان پري ٿي ويندس؛ ۽ زمين تي رلندس ۽ ڌڪا کائيندس ۽ جيڪو مون کي ڏسندو، سو ماري وجهندم.


سو قائن خداوند جي حضوريءَ مان نڪري ويو ۽ عدن جي اڀرندي پاسي نود جي ملڪ ۾ وڃي رهيو.


۽ خداوند جي ڪاوڙ وري بہ اسرائيل تي ڀڙڪي ۽ انهيءَ دائود کي انهن جي برخلاف چوريو، ۽ چيائينس تہ وڃي اسرائيل ۽ يهوداہ جو شمار ڪر.


برڪت وارو هجي خداوند تنهنجو خدا، جو تو مان راضي هو ۽ جنهن توکي اسرائيل جي تخت تي ويهاريو: خداوند اسرائيل کي هميشہ پيار ڪندو هو، تنهنڪري هن توکي بادشاهہ ڪيو تہ عدالت ۽ انصاف ڪرين.


تنهنڪري خداوند اسرائيل تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ انهن کي پنهنجي اکين کان ٽاري ڇڏيائين: يهوداہ جي فرقي کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ بچيو.


۽ خداوند اسرائيل جي ساري نسل کي رد ڪري ڇڏيو، ۽ انهن تي مصيبتون نازل ڪيائين، ۽ انهن کي ڦرلٽ ڪندڙن جي حوالي ڪيائين، ۽ نيٺ هنن کي پنهنجي نظر کان برطرف ڪري ڇڏيائين.


نيٺ خداوند اسرائيل کي پنهنجي نظر کان برطرف ڪري ڇڏيو، جيئن ڪ هن پنهنجن سڀني ٻانهن نبين جي معرفت فرمايو. انهيءَ طرح اسرائيلي پنهنجي ملڪ مان کڄي اسور ۾ آيا، جتي اڄ ڏينهن تائين آهن.


ڇالاءِ جو خداوند جي ڪاوڙ جي ڪري يروشلم ۽ يهوداہ ۾ ائين پئي ٿيو، جيسين ڪ هن اُنهن کي پنهنجي حضور مان ڪڍي برطرف ڪري ڇڏيو: ۽ صدقياہ بابل جي بادشاهہ جي برخلاف فساد ڪيو.


۽ هو نبوڪدنضر کان بہ باغي ٿيو، جنهن کيس خدا جو قسم کڻايو هو: پر هن خداوند اسرائيل جي خدا ڏانهن منهن ڪرڻ کان پنهنجي گردن سخت ڪئي، ۽ پنهنجي دل ڏاڍي ڪئي.


انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي ابن ڏاڏن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ ڳولا ڪرڻ ۾ اچي: جنهن مان توکي تواريخ جي ڪتاب ۾ ڏسڻ ۾ ايندو، ۽ معلوم ٿيندو، تہ هي شهر هڪڙو باغي شهر آهي، ۽ انهيءَ مان بادشاهن ۽ پرڳڻن کي نقصان آهي، ۽ هنن اڳي بہ انهيءَ ساڳي هنڌ فساد برپا ڪيو آهي: انهيءَ سبب هي شهر ويران ٿي ويو هو.


ملڪ ۾ ڏوهن هئڻ ڪري انهي جا گهڻائي بادشاهہ آهن، مگر سمجهہ ۽ علم وارن ماڻهن جي ڪري انهي جو انتظام گهڻي تائين هلندو.


اي ملڪ افسوس آهي تنهنجي حال تي، جڏهن تنهنجو بادشاهہ هڪڙو ٻار آهي، ۽ تنهنجا امير صبح جو کائين ٿا!


۽ آءٌ مصرين کي هڪڙي ظالم حاڪم جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس: ۽ هڪڙو زبردست بادشاهہ انهن تي حڪم هلائيندو؛ خداوند لشڪرن جو خداوند، ائين ٿو فرمائي.


ڇالاءِ جو ڏسو، خداوند، لشڪرن جو خداوند، يروشلم ۽ يهوداهہ مان سهارو ۽ ٽيڪ، ۽ مانيءَ جي ۽ پاڻيءَ جي اميد کڻي وٺندو؛


آءٌ چوان ٿو تہ تنهنجي مشورت ۽ جنگ جي طاقت سڀ وات جون ڳالهيون آهن: آخر ڪنهن جي ڀروسي تي تو مون سان فساد ڪيو آهي؟


تڏهن خداوند مون کي چيو تہ جيتوڻيڪ موسيٰ ۽ سموئيل منهنجي اڳيان کڻي بيهن تہ بہ جيڪر منهنجي دل هن قوم ڏي ڪڏهن بہ نہ لڙي: انهن کي منهنجي نظر اڳيان ڪڍي ڇڏ تہ ڀلي هليا وڃن.


۽ آءٌ اوهان کي پنهنجي نظر کان برطرف ڪندس، جيئن مون اوهان جن سڀني ڀائرن کي، يعني افرائيم جي سڄي نسل کي اُڇلائي ڇڏيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ