Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 52:28 - Sindhi Bible

28 اُهي ماڻهو جن کي نبوڪدرضر ستين سال ۾ قيد ڪري وٺي ويو سي ٽي هزار ۽ ٽيويهہ يهودي هئا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 جن ماڻهن کي نبوڪدنضر قيد ڪري وٺي ويو، تن جو شمار هن طرح آهي: سندس بادشاهيءَ جي ستين سال ٽي هزار ٽيويهہ ماڻهو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 52:28
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪي ترار کان بچي نڪتا هئا، تن کي هو بابل ڏي وٺي ويو: اهي هن ۽ هن جي پٽن جا ٻانها ٿيا، جيسين ڪ فارس جي بادشاهت نہ آئي:


هاڻي انهيءَ پرڳڻي جا ماڻهو، جي قيد ٿي ويلن مان موٽي ويا، ۽ جن کي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر بابل ۾ وٺي ويو هو، ۽ جي سڀ موٽي يروشلم ۾ يهوداہ ۾ پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آيا؛


تہ پرڳڻي جا ماڻهو هي آهن، جي قيد ۾ کڄي ويل ماڻهن مان موٽي آيا هئا، جن کي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر کڻي ويو هو، ۽ جيڪي پوءِ موٽي يروشلم ۽ يهوداہ ۾ آيا، ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي شهر ۾ ويو؛


ڏکڻ وارا شهر بند ٿي ويا آهن، ۽ ڪوبہ انهن کي کولڻ وارو ڪونهي: يهوداہ سموري ساري قيد ٿي وئي آهي؛ اُهي سڀ گرفتار ٿي کڄي ويا آهن.


۽ نبوڪدرضر جي ارڙهين ورهيہ ۾ هو يروشلم مان اٺ سو ٻٽيهہ ماڻهو قيد ڪري وٺي ويو:


ان جا دشمن غالب پيا آهن، ان جا ويري خوش پيا گذارين؛ ڇالاءِ جو خداوند اُن کي سندس گهڻين بدڪارين سبب ڏک ڏنو آهي: ان جا ننڍا ٻار دشمن جي اڳيان قيد ٿي ويا آهن.


تون چئُہ تہ آءٌ اوهان جي لاءِ نشان آهيان: جيئن مون ڪيو آهي، تيئن هنن سان بہ ڪيو ويندو: هنن کي شهر نيڪالي ملندي، ۽ هو قيد ٿي ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ