Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 52:17 - Sindhi Bible

17 ۽ جيڪي پتل جا ٿنڀ خداوند جي گهر ۾ هئا، ۽ پايا ۽ پتل جو حوض، جي خداوند جي گهر ۾ هئا، سي ڪسدين ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيا ۽ انهن جو سڀ پتل بابل ڏي کڻي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 پتل جا ٿنڀا، پتل جون ريڙهيون ۽ پتل جو حوض جيڪي خداوند جي گھر ۾ هئا، سي سڀ بابل وارن ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيا ۽ انهن جو سڀ پتل بابل ڏانهن کڻي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 52:17
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ پيالا، ۽ ڦل وڍڻ جون ڪينچيون، ۽ رڪابيون، ۽ چمچا، ۽ باهہ کڻڻ جون ٿالهيون، نج سون جون؛ ۽ نرماد اندرئين گهر جي درن لاءِ، يعني پاڪ ترين جاءِ لاءِ، ۽ گهر جي درن لاءِ، يعني هيڪل جي لاءِ، سون جا.


ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن جيڪي تنهنجي گهر ۾ آهي، ۽ جيڪي تنهنجن ابن ڏاڏن اڄ ڏينهن تائين گڏ ڪري رکيو آهي، سو سڀ بابل ڏانهن کڄي ويندو: خداوند فرمائي ٿو تہ ڪجهہ بہ پٺتي ڇڏيو نہ ويندو.


۽ خدا جي گهر جا سڀ باسڻ، وڏا توڙي ننڍا، ۽ خداوند جي گهر جا خزانا، ۽ بادشاهہ ۽ سندس اميرن جا خزانا، اهي سڀ هو بابل ڏي کڻي ويو.


ٻہ ٿنڀ، هڪڙو سمنڊ، ۽ ٻارهن پتل جا ڍڳا، جي پاين هيٺان هئا، ۽ جي سليمان بادشاهہ خداوند جي گهر لاءِ جوڙايا هئا: ۽ انهن سڀني ٿانوَن جو پتل تورڻ کان ٻاهر هو.


دشمن پنهنجو هٿ ان جي سڀني وڻندڙن شين تي ڊگهو ڪيو آهي: ڇالاءِ جو هن ڏٺو آهي تہ غير قومن وارا سندس پاڪ جاين ۾ گهڙي آيا آهن، جن جي نسبت ۾ تو حڪم ڪيو هو تہ تنهنجي جماعت ۾ داخل نہ ٿين.


اڳ واري ايوان جي ڊيگهہ ويهہ هٿ هئي ۽ ويڪر يارهن هٿ؛ يعني جن ڏاڪن تان انهي تي چڙهي وڃبو هو، تن جي پاسي کان، ۽ ٿنڀن جي ڀرسان پيلپاوا هئا، هڪڙو هِن پاسي ۽ ٻيو هُن پاسي.


۽ خداوند يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم کي ۽ ساڻس گڏ ڪي خداوند جي گهر جا ٿانوَ بہ هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا؛ ۽ اُهي هو کڻي سنعار جي ملڪ ۾ پنهنجي معبود جي گهر ۾ ويو: ۽ اُهي ٿانوَ هن پنهنجي معبود جي گهر ۾ آڻي رکيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ