Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 52:12 - Sindhi Bible

12 هاڻي پنجين مهيني جي ڏهين تاريخ، جو بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جو اوڻيهون ورهيہ هو، تنهن ۾ نبوزرادان، پهري وارن جو سردار، جو بابل جي بادشاهہ جي اڳيان بيهندو هو، سو يروشلم ۾ آيو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي بادشاهيءَ جي اوڻيهين سال، پنجين مهيني جي ڏهين تاريخ تي نبوزرادان جيڪو شاهي محافظن جو سالار هو ۽ بابل جي بادشاهہ جو عملدار هو، سو يروشلم ۾ داخل ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 52:12
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ مديانين هن کي مصر ۾ فوطيفار جي هٿ وڪڻي ڇڏيو، جو فرعون جو هڪڙو حاڪم ۽ پهريدار سپاهين جو ڪپتان هو.


۽ يهوداہ جو بادشاهہ يهوياڪين پنهنجيءَ ماءُ، ۽ پنهنجن نوڪرن، ۽ پنهنجن شهزادن، ۽ پنهنجن عملدارن سوڌو نڪري بابل جي بادشاهہ ڏانهن ويو: ۽ بابل جي بادشاهہ هن کي سندس بادشاهي جي اٺين ورهيہ ۾ گرفتار ڪيو.


هاڻي پنجين مهيني جي ستين تاريخ، جو بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جو اوڻيهون ورهيہ هو، تنهن ۾ پهري واري فوج جو سردار نبوزرادان، جو بابل جي بادشاهہ جو هڪڙو نوڪر هو: سو يروشلم ۾ آيو.


پر انهيءَ کانپوءِ جڏهن اسان جي ابن ڏاڏن آسمان جي خدا کي ڪاوڙايو، تڏهن انهيءَ هنن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ڪسديءَ جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو، جنهن هي گهر ناس ڪري ڇڏيو، ۽ ماڻهن کي بابل ۾ وٺي ويو.


۽ مون بادشاهہ کي چيو تہ شل بادشاهہ سدائين سلامت هجي: منهنجو چهرو ڇو نہ غمگين ٿئي، جڏهن اهو شهر، جنهن ۾ منهنجي ابن ڏاڏن جون قبرون آهن، سو ويران ٿي ويو آهي، ۽ ان جا دروازا باهہ سان سڙي ويا آهن؟


اي خدا ڌاريون قومون تنهنجيءَ ميراث ۾ گهڙي آيون آهن: انهن تنهنجي پاڪ هيڪل کي ناپاڪ ڪيو آهي، ۽ يروشلم کي ڊاهي دڙا ڪري ڇڏيو اٿن.


يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي ڏينهن ۾ ۽ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ بن يوسياہ جي يارهين ورهيہ جي پڇاڙيءَ تائين بہ ڪلام نازل ٿيندو رهيو؛ يعني انهي سال جي پنجين مهيني تائين جنهن ۾ يروشلم قيد ٿي کڄي ويو.


۽ جيڪي ڪسدي هن شهر سان وڙهن ٿا سي اچي هن شهر کي باهہ ڏيئي ساڙيندا، ۽ اُهي گهر بہ جن جي ڇتين تي هن بعل جي لاءِ لوبان پئي ساڙيو آهي ۽ ٻين معبودن جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون پئي هاريون آهن، جنهن ڪري مون کي ڪاوڙ ڏياري اٿن.


هاڻي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر يرمياہ جي نسبت ۾ پهري وارن جي سردار نبوزرادان کي حڪم ڏنو، تہ


انهي کان پوءِ پهري وارن جو سردار نبوزرادان، شهر ۾ جيڪي ماڻهو بچيا هئا، ۽ جيڪي ڀڄي اچي ساڻس گڏيا هئا، ۽ باقي رهيلن ماڻهن مان جيڪي بچيا هئا، تن کي قيد ڪري بابل ڏي وٺي ويو.


۽ ڪسدين جو سارو لشڪر جو پهرين وارن جي سردار سان هو، تنهن چوڌاري يروشلم جون سڀ ڀتيون ڀڃي ڇڏيون.


۽ نبوڪدرضر جي ارڙهين ورهيہ ۾ هو يروشلم مان اٺ سو ٻٽيهہ ماڻهو قيد ڪري وٺي ويو:


يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم جي بادشاهت جي ٽئين سال ۾، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر يروشلم ۾ آيو، ۽ انهي کي گهيرو ڪيائين.


تڏهن بادشاهي پهري وارن جو سردار، جو بابل جي ڏاهن ماڻهن کي قتل ڪرڻ لاءِ نڪتو هو، تنهن کي داني ايل سمجهہ ۽ سياڻپ سان ورندي ڏني؛


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ چوٿين، ۽ پنجين، ۽ ستين، ۽ ڏهين مهيني جو روزو يهوداہ جي گهراڻي جي لاءِ خوشي ۽ خورميءَ جو ڏينهن ۽ شادمانيءَ جي عيد ٿيندي؛ تنهنڪري سچائيءَ ۽ صلح سان محبت رکو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ