Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 52:11 - Sindhi Bible

11 ۽ هن صدقياہ جون اکيون ڪڍايون؛ ۽ بابل جو بادشاهہ هن کي زنجيرن ۾ ٻڌائي بابل ڏي کڻي ويو، ۽ سندس مرڻ جي ڏينهن تائين قيد ۾ رکيائينس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 پوءِ هن صدقياہ جون اکيون ڪڍرايون ۽ کيس زنجيرن ۾ ٻڌائي بابل ڏانهن کڻي ويو، جتي هن کيس سندس مرڻ گھڙيءَ تائين قيد ۾ رکيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 52:11
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ پوءِ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي، ۽ سندس نوڪر ۽ ماڻهو، جي هن شهر ۾ مرض، ۽ ترار، ۽ ڏڪار کان باقي وڃي بچندا، تن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪد نضر جي هٿن ۾، ۽ سندن دشمنن جي هٿن ۾، ۽ جيڪي سندن حياتيءَ جا ڳولائو آهن تن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس: ۽ اهو هنن کي ترار جي ڌار سان ماريندو؛ هو انهن کي ڇڏي نہ ڏيندو، نہ انهن تي ڪو قياس ۽ نہ ڪو رحم ايندس.


تنهن کان سواءِ هن صدقياہ جون اکيون بہ ڪڍي ڇڏيون ۽ زنجيرن ۾ ٻڌايائينس انهيءَ لاءِ تہ بابل ڏي وٺي وڃيس.


۽ هو زور زبردستيءَ سان پنهنجو شاميانو کڻي ويو آهي، ڄڻ تہ اهو ڪنهن باغ جو هو؛ ۽ هن پنهنجي جماعت جي جاءِ ناس ڪئي آهي: خداوند صيون ۾ سڳوري جماعت ۽ سبت وسارائي ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي جوش ۾ بادشاهہ ۽ ڪاهن ڏانهن نفرت ظاهر ڪئي اٿس.


آءٌ پنهنجو ڄار بہ هن تي پکيڙيندس، ۽ هو منهنجي دام ۾ ڦاسي پوندو: ۽ آءٌ هن کي بابل ۾ ۽ ڪسدين جي ملڪ ۾ وٺي ايندس، تہ بہ هو انهي کي نہ ڏسندو، جيتوڻيڪ هو اُتي مرندو.


خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ يقيناً جنهن بادشاهہ هن کي بادشاهہ ڪيو، سو جنهن جاءِ ۾ رهي ٿو، جنهن جي قسم جي هن حقارت ڪئي، ۽ جنهن جو عهد اقرار هن ڀڳو، انهي سان گڏ هو بابل جي وچ ۾ مرندو.


۽ هو هٿيارن، گاڏين، ۽ گاڏن، ۽ ماڻهن جي هڪڙي ميڙ سان توتي چڙهي ايندا؛ هو ڍال، ۽ سپر، ۽ جنگي توپ سان چوڌاري توتي سنبري ايندا: ۽ آءٌ عدالت جو ڪم هنن جي ذمي ڪندس، ۽ هو پنهنجن فيصلن موجب توتي فتويٰ جاري ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ