Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 51:9 - Sindhi Bible

9 اسين جيڪر بابل کي ڇُٽايون ها، پر هو نہ ڇُٽو: اُن کي ڇڏي ڏيو، هلو تہ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي ملڪ ڏي هليو هلي: ڇالاءِ جو اُن جي سزا آسمان تائين پهتي آهي، بلڪ آسمانن تائين چڙهي ويئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پر اهي چوندا تہ ”اسان بابل جا زخم ڇٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان جا زخم ڇٽي نہ سگھيا. سو ڇڏي ڏيوس. هلو تہ اسين پنهنجي پنهنجي وطن موٽي هلون، ڇاڪاڻ تہ بابلين جي سزا چوٽ چڙهي ويئي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 51:9
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر خداوند جو هڪڙو نبي اتي هو، جنهن جو نالو عودد هو: ۽ هو سامريہ ڏانهن ايندڙ لشڪر کي وڃي گڏيو ۽ انهن کي چيائين تہ ڏسو، خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا يهوداہ تي ڪاوڙيل هو، تنهنڪري هن انهن کي اوهان جي هٿن ۾ ڏنو آهي ۽ اوهان انهن کي اهڙي ڪاوڙ سان ڪُٺو آهي، جا آسمان تائين وڃي پهتي آهي.


۽ چيم تہ اي منهنجا خدا آءٌ شرمندو آهيان، ۽ اي منهنجا خدا، آءٌ تو ڏانهن پنهنجي منهن کڻڻ کان لڄي ٿيو آهيان، ڇالاءِ جو اسان جا گناهہ اسان جي مٿي تي گهڻا ٿي ويا آهن، ۽ اسان جو ڏوهہ وڌي آسمان تائين چڙهي ويو آهي.


۽ هيئن ٿيندو جو ڀڄايل هرڻ وانگي، ۽ انهن رڍن وانگي جن کي ڪوبہ گڏ نٿو ڪري، هو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي قوم ڏي ورائيندا، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ملڪ ڏي ڀڄائيندا.


جن ڳالهين لاءِ تو محنت ڪئي آهي سي تنهنجي لاءِ اهڙيون ٿينديون: جن سان تو ننڍپڻ کان واپار پئي ڪيو آهي تن مان هرڪو پنهنجي جاءِ تي هليو ويندو؛ ڪوبہ توکي بچائڻ وارو ڪونہ رهندو.


هن گهڻن کي آٿڙائي وڌو، هائو، هو هڪ ٻئي تي ڪري پيا: ۽ چوڻ لڳا تہ اُٿو تہ هن ظلم ڪندڙ ترار کان نڪري وڃي پنهنجي قوم ڏي ۽ پنهنجي وطن ڏي هلون.


منجهس جيڪي ڀاڙي ڪيل ماڻهو آهن سي بہ آهري جي گابن وانگي آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي پٺ تي موٽيا آهن، اُهي گڏجي اُٿي ڀڳا آهن، اهي بيٺا ئي ڪين: ڇالاءِ جو سندن مصيبت جو ڏينهن اچي بيٺو آهي، يعني سندن سزا جو وقت.


بابل مان هاريءَ کي وڍي ڇڏيو، ۽ انهي کي بہ جو فصل لهڻ وقت ڏاٽو کڻي لابارو ڪري ٿو: ظلم ڪندڙ ترار جي ڊپ کان هنن مان هرڪو پنهنجي پنهنجي قوم ڏي ڦرندو، ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي زمين ڏانهن ڀڄندو.


فصل لهي ويا آهن، اونهارو اچي پورو ٿيو آهي، پر اسان کي ڇوٽڪارو ڪونہ مليو آهي.


ويل هجي انهن لاءِ! ڇالاءِ جو اهي مون کان گمراهہ ٿي ويا آهن؛ موت هجي انهن جي لاءِ! ڇالاءِ جو هو مون کان باغي ٿي ويا آهن: جيتوڻيڪ مون هنن کي بچائڻ گهريو تہ بہ هنن منهنجي آڏو ڪوڙ ڳالهايو آهي.


۽ مون آسمان مان هڪڙو ٻيو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ اي منهنجي اُمت، اوهين انهي مان نڪري اچو، انهي لاءِ تہ سندس گناهن ۾ شريڪ نہ ٿيو، تہ متان هن جي آفتن مان ڪا اوهان تي اچي پوي:


ڇالاءِ جو انهي جا گناهہ آسمان تائين وڃي پهتا آهن، ۽ خدا هن جي بدڪارين کي ياد ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ