Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 51:7 - Sindhi Bible

7 بابل خداوند جي هٿ ۾ هڪڙو سونو پيالو ٿي رهيو آهي، جنهن سڄي زمين کي مست ڪري ڇڏيو آهي: قومن ان جي شراب مان پئي پيتو آهي؛ تنهن ڪري قومون ديوانيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 بابل خداوند جي هٿ ۾ مئي جي هڪڙي سوني پيالي مثل رهيو آهي، جنهن مان مئي پي سڄيءَ دنيا وارا مست ٿي پيا آهن. هائو، قومن ان مئي مان پئي پيتو آهي، تنهنڪري اهي ديوانيون ٿي پيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 51:7
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ لاءِ تہ بابل جي بادشاهہ تي تون اهو مثال لاڳو ڪرين، ۽ چوين تہ ظالم ڪيئن نہ بس ڪئي آهي! سونو شهر ڪيئن نہ بند ٿي ويو آهي!


تڏهن تون انهن کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ هن ملڪ جي سڀني رهاڪن کي، يعني جيڪي بادشاهہ دائود جي تخت تي ويهن ٿا تن کي، ۽ ڪاهنن کي، ۽ نبين کي، ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن کي، نشي سان ڀري ڇڏيندس.


تنهن ڪري ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اُتر وارا سڀ قبيلا گهرائي وٺندس، ۽ آءٌ پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر کي گهرائي هن ملڪ تي ۽ ان جي رهاڪن تي، ۽ آس پاس وارن انهن سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس؛ ۽ آءٌ انهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيندس، ۽ انهن کي حيرت ۽ شوڪار جو باعث ڪندس، ۽ هميشہ ويران رکندس.


ان جي پاڻين تي خشڪ سالي آهي، ۽ اُهي سڪي ويندا: ڇالاءِ جو اها اُڪريل مورتن جي زمين آهي، ۽ هو بتن تي مست آهن.


۽ وٽس عياش ماڻهن جو آواز هو: ۽ بيابان مان عام قسم جي ماڻهن سان شرابي آندا ويا؛ ۽ انهن هنن ٻنهي جي هٿن ۾ ڪنگڻ وڌا ۽ هنن جي مٿي تي سهڻا ڇٽ رکيائون.


انهيءَ صورت جو مٿو سچي سون جو هو، ان جو سينو ۽ ان جون ٻانهون چانديءَ جون هيون، ان جو پيٽ ۽ ان جون رانون پتل جون هيون؛


۽ جتي جتي بني آدم رهي ٿو، اُتي جهنگ جا جانور، ۽ هوا جا پکي هن تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، ۽ توکي انهن سڀني تي حاڪم ڪيو اٿس: تون اُهو سون جو مٿو آهين.


۽ هن جي پٺيان هڪڙو ٻيو ملائڪ آيو ۽ چيائين تہ ڪِري پيو، اُهو وڏو شهر بابل ڪِري پيو، جنهن پنهنجي زناڪاريءَ جي قهري شراب مان سڀني قومن کي پياريو هو.


جنهن سان زمين جي بادشاهن زناڪاري ڪئي آهي، ۽ زمين جا رهاڪو هن جي زناڪاريءَ جي شراب سان نشئي ٿي پيا آهن.


۽ انهيءَ زال کي واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جا ڪپڙا پهريل هئا، ۽ سون ۽ جواهرن ۽ موتين سان سينگاريل هئي. ۽ هٿ ۾ هڪڙو براين سان ڀريل سونو پيالو هوس، يعني سندس زناڪاريءَ جي ناپاڪ شين سان،


۽ تو ۾ وري ڏيئي جو سوجهرو ڪڏهن ڪونہ ٿيندو، ۽ تو ۾ وري گهوٽ ۽ ڪنوار جو آواز ڪڏهن بہ ٻُڌڻ ۾ ڪونہ ايندو! تنهنجا سوداگر زمين جا امير هئا ۽ سڀ قومون تنهنجي جادوگريءَ سان ٺڳجي ويون هيون.


ڇالاءِ جو هن جي ناپاڪائيءَ جي شراب جي ڪري سڀ قومون مست ٿي پيون آهن؛ ۽ زمين جي بادشاهن انهي سان زناڪاري ڪئي، ۽ دنيا جا سوداگر انهي جي عيش عشرت جي گهڻائيءَ ڪري دولتمند ٿي پيا.


ڇالاءِ جو هن جا فيصلا سچا ۽ درست آهن! ۽ جنهن وڏيءَ ڪسبياڻيءَ پنهنجي زناڪاريءَ سان زمين کي خراب ڪري ڇڏيو، تنهن جو هن انصاف ڪيو، ۽ کانئس پنهنجن بندن جي خون جو بدلو ورتو اٿس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ