Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 51:62 - Sindhi Bible

62 ۽ چئجانءِ تہ اي خداوند تو هن هنڌ جي نسبت ۾ چيو آهي تہ اهو اهڙو وڍجي ويندو جو ان ۾ نڪو ماڻهو ۽ نہ مرون رهندو، پر اُهو هميشہ لاءِ ويران رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

62 پوءِ دعا گھرجانءِ تہ ’اي خداوند! تو ئي چيو آهي تہ تون هن شهر کي تباهہ ڪندين، انهيءَ لاءِ تہ ڪو انسان توڙي حيوان انهيءَ ۾ نہ رهي، بلڪ اهو هميشہ لاءِ ويران رهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 51:62
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن ستر ورهيہ پورا ٿيندا تڏهن خداوند ٿو فرمائي، تہ هيئن ٿيندو جو آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ انهي قوم ۽ ڪسدين جي ملڪ کي سندن بدڪاريءَ سبب سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ انهي زمين کي هميشہ لاءِ ويران ڪندس.


تنهن ڪري ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اُتر وارا سڀ قبيلا گهرائي وٺندس، ۽ آءٌ پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر کي گهرائي هن ملڪ تي ۽ ان جي رهاڪن تي، ۽ آس پاس وارن انهن سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس؛ ۽ آءٌ انهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيندس، ۽ انهن کي حيرت ۽ شوڪار جو باعث ڪندس، ۽ هميشہ ويران رکندس.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هي هنڌ، جو ويران آهي ۽ منجهس ڪوبہ ماڻهو ۽ جانور ڪونهي، اُتي ۽ اُن جي سڀني شهرن ۾ وري بہ ڌنارن جي رهڻ جي جاءِ ٿيندي، جي پنهنجن ڌڻن کي اُتي سمهاريندا.


اوهان جي ماءُ نهايت شرمندي ٿيندي، ۽ جنهن اوهان کي ڄڻيو سا لڄي ٿيندي: ڏسو، هو قومن منجهہ سڀ کان پوئين ٿيندي؛ اها بيابان، ۽ خشڪ زمين ۽ ويران ٿيندي.


خداوند جي ڪاوڙ ڪري اُها نہ وسندي، پر ويران ٿي ويندي: جيڪو بہ هن جي پاسي کان لنگهندو سو حيرت ۾ پوندو، ۽ اُن جون سڀئي آفتون ڏسي، شوڪارا ڀريندو.


ڇالاءِ جو اُتر مان اُنهي تي هڪڙي قوم ڪاهيو ٿي اچي جا ان جي ملڪ کي ويران ڪندي، ۽ ڪوبہ اُتي رهڻ وارو ڪونہ هوندو: اُهي ڀڄي ويا آهن، اُهي نڪري ويا آهن، جهڙا ماڻهو تهڙا مرون.


۽ زمين ڏڪي ٿي ۽ سورن ۾ آهي: ڇالاءِ جو خداوند جون رٿون بابل جي برخلاف قائم آهن، انهي لاءِ تہ بابل جي ملڪ کي اهڙو ويران ڪري جو ان ۾ ڪوبہ ماڻهو نہ رهي.


۽ بابل ڍير ٿيندو، يعني گدڙن جي رهڻ جو هنڌ، ۽ حيرت ۽ سوسٽ جو سبب ٿيندو، ۽ منجهس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.


اُن جا شهر ويران ۽ خشڪ زمين ۽ برپٽ ٿي ويا آهن، يعني اهڙي زمين جنهن ۾ ڪوبہ ماڻهو نٿو رهي، ۽ نہ ڪو آدمزاد اُتان لنگهي ٿو.


۽ يرمياہ سراياہ کي چيو تہ جڏهن تون بابل ۾ اچين تڏهن ياد ڪري هي سڀ ڳالهيون پڙهجانءِ.


آءٌ توکي هميشہ لاءِ ويران ڪندس ۽ تنهنجا شهر وري نہ وسندا: ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ