Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 51:58 - Sindhi Bible

58 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ بابل جون ويڪريون ڀتيون اصل ڊهي پونديون، ۽ ان جا وڏا دروازا باهہ سان سڙي ويندا؛ ۽ ماڻهو اجاين ڪمن لاءِ پورهيو ڪندا ۽ قومون باهہ لاءِ؛ ۽ اُهي ٿڪجي پوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

58 ڏسو، بابل جي ڪوٽ جون ٿلهيون ڀتيون ڊهي پونديون، ۽ ان جا اوچا دروازا ساڙي رک ڪيا ويندا. اهڙيءَ طرح ان قوم جو پورهيو اجايو ثابت ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ باهہ جي شعلن ۾ اڏامي ويندو. اهو مون قادرِمطلق خداوند جو فرمان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 51:58
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن خداوند پاڻ گهر نہ اڏي، تہ اڏيندڙن جي محنت اجائي آهي: جيڪڏهن خداوند پاڻ شهر جي سنڀال نہ ڪري، تہ چوڪيدار جو جاڳڻ اجايو آهي.


اُگهاڙي جبل تي هڪڙو جهنڊو کڙو ڪر، هنن جي لاءِ پنهنجو آواز مٿي ڪر، هٿ لوڏي اشارو ڪر تہ هو اميرن جي درن ۾ گهڙي وڃن.


تون پنهنجين گهڻين مصلحتن منجهہ ٿڪجي پيئي آهين: ڀلي تہ هاڻي نجومي، تارا ڏسندڙ، ۽ ماهواري فالون ويجهندڙ اُٿي بيهن، ۽ جيڪي ڳالهيون توتي اچڻيون آهن، تن کان توکي بچائين.


انهن جو پورهيو اجايو نہ ويندو، نڪي سندن اولاد تي آفت ايندي؛ ڇالاءِ جو اهي پنهنجي اولاد سميت خداوند جي مبارڪ ماڻهن جو نسل آهن.


انهي جي چوڌاري مٿس هڪلون ڪريو؛ هوءَ اچي پيش پئي آهي؛ انهي جا ڪوٽ ڪنگرا ڪري پيا آهن، انهي جون ڀتيون ڊاٺيون ويون آهن: ڇالاءِ جو خداوند انهي کان وير ورتو آهي؛ اوهين بہ انهي کان وير وٺو؛ جيئن هن پاڻ ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ساڻس ڪريو.


بابل جي بهادرن جنگ ڪرڻ کان منهن موڙيو آهي، اُهي پنهنجن قلعن ۾ رهيا پيا آهن: هن جي همت هارجي ويئي آهي؛ اُهي زالن جهڙا ٿي پيا آهن: اُن جي رهڻ جي جاين کي باهہ ڏيئي ساڙيو اٿن؛ اُن جي درن جا گز ڀڃي ڇڏيا اٿن.


۽ آءٌ بابل ۾ بيل تي فتويٰ جاري ڪندس، ۽ هن جي وات مان جيڪي ڳٿو اٿس سو ڪڍي وٺندس، ۽ قومون وري اڳتي هن ڏي گڏجي ڊوڙنديون نہ وينديون: هائو، بابل جي ڀت ڪري پوندي.


۽ چئجانءِ تہ بابل بہ هيئن ٻڏي ويندو، ۽ وري نہ نڪرندو، ڇالاءِ جو آءٌ انهي تي خرابي آڻيندس: ۽ هو ٿڪجي پوندا. ايستائين يرمياہ جون ڳالهيون آهن.


اسين جيڪر بابل کي ڇُٽايون ها، پر هو نہ ڇُٽو: اُن کي ڇڏي ڏيو، هلو تہ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي ملڪ ڏي هليو هلي: ڇالاءِ جو اُن جي سزا آسمان تائين پهتي آهي، بلڪ آسمانن تائين چڙهي ويئي آهي.


۽ انهن مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي فريب ڏيندو ۽ سچ نہ چوندو: هنن پنهنجي زبان کي ڪوڙ ڳالهائڻ سيکاريو آهي؛ هو گناهہ ڪري پاڻ کي ٿڪائين ٿا.


اسان جا پٺيان پوندڙ اسان جن ڪنڌن تي آهن: اسين ٿڪجي پيا آهيون، ۽ ڪوبہ آرام ڪونہ اٿئون.


ڏس اهو لشڪرن جي خداوند جي طرفان ناهي ڇا تہ ماڻهن جو پورهيو باهہ کي ڏئي، ۽ قومون باطل شين لاءِ هلاڪ ٿين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ