Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 51:57 - Sindhi Bible

57 ۽ آءٌ ان جي اميرن ۽ ان جي ڏاهن ماڻهن کي، اُن جي حاڪمن ۽ ان جي نائبن کي، ۽ ان جي بهادر مردن کي نشئي ڪندس؛ ۽ هو هميشہ واري ننڊ ۾ سمهي رهندا ۽ نہ جاڳندا؛ ائين اهو بادشاهہ ٿو فرمائي، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

57 آءٌ بابل جي سردارن، ڏاهن، حاڪمن، سپهہ‌سالارن ۽ جنگي جوڌن کي سزا جو شراب پيئاري پيئاري مست ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي ايڏو تہ نشو چڙهي وڃي، جو هو هميشہ واري ننڊ سمهي پون ۽ وري نہ جاڳن. اُهو آءٌ بادشاهہ ٿو چوان، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 51:57
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند جي فرشتي اسورين جي لشڪر گاهہ ۾ وڃي هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهو ماريا ۽ جڏهن صبح جو سوير ماڻهو اُٿيا، تڏهن ڏسن تہ سڀيئي مئا مڙهہ ٿيا پيا آهن.


جو ڪوڙن جا نشان اجايا ٿو ٺهرائي، ۽ فال وجهڻ وارن کي چريو ٿو ڪري، جو سياڻن کي رد ٿو ڪري، ۽ انهن جي علم کي بيوقوفيءَ جهڙو ٿو ڪري.


تڏهن مون چيو تہ افسوس آهي منهنجي حال تي! ڇالاءِ جو آءٌ ناس ٿي ويس؛ هن ڪري جو آءٌ ناپاڪ چپن وارو ماڻهو آهيان، ۽ ناپاڪ چپن واري قوم جي وچ ۾ رهان ٿو: ڇالاءِ جو منهنجن اکين بادشاهہ، لشڪرن جو خداوند ڏٺو آهي.


تڏهن تون انهن کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ هن ملڪ جي سڀني رهاڪن کي، يعني جيڪي بادشاهہ دائود جي تخت تي ويهن ٿا تن کي، ۽ ڪاهنن کي، ۽ نبين کي، ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن کي، نشي سان ڀري ڇڏيندس.


۽ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ تون انهن کي چئُہ، تہ اوهين پيو ۽ مست ٿيو ۽ قئي ڪريو، ۽ ڪري پئو ۽ جيڪا ترار آءٌ اوهان ۾ موڪليندس تنهنجي سبب وري نہ اُٿو.


اُهو بادشاهہ، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي سو فرمائي ٿو، تہ منهنجي حيات جو قسم آهي، تہ جيئن تبور جبلن ۾، ۽ جيئن ڪرمل سمنڊ جي ڪناري تي، تيئن ضرور هو ايندو.


موآب ويران ٿي ويو آهي ۽ هو ان جي شهرن ۾ چڙهي ويا آهن، ۽ ان جا چونڊيل جوان مرد قتلام لاءِ لهي ويا آهن: ائين اُهو بادشاهہ ٿو فرمائي، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.


تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ جوان مرد سندس گهٽين ۾ پيا ڪرن، ۽ ان جا سڀ جنگي بهادر انهي ڏينهن ماريا ويندا.


خداوند ٿو فرمائي تہ جڏهن هو جوش ۾ ايندا تڏهن آءٌ هنن جي مهماني ڪندس، ۽ هنن کي شراب پياري مست ڪندس، تہ خوشيون ڪن، ۽ هميشہ جي ننڊ ڪرڻ لاءِ سمهي رهن ۽ وري نہ جاڳن.


خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ آءٌ يقيناً زور واري هٿ سان ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان، ۽ جاري ڪيل غضب سان اوهان تي بادشاهہ ٿيندس:


جيتوڻيڪ هو ڳتيل ڪنڊن وانگر آهن، ۽ ڄڻ تہ شراب ۾ پُسيل آهن، تہ بہ سُڪل بهہ وانگي سڙي چٽ ٿي ويندا.


اي اسور جا بادشاهہ، تنهنجا ڌنار سمهيا پيا آهن، تنهنجا امير آرام ۾ آهن، تنهنجي رعيت جبلن تي پکڙي پيئي آهي، ۽ ڪوبہ انهن کي گڏ ڪرڻ وارو ڪونهي.


پر لعنت آهي اُنهيءَ دغاباز تي، جنهن جي گلي ۾ نر هوندي بہ هو خداوند جي لاءِ عيب واري جانور جي مڃت مڃي اُها قربان ٿو ڪري: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ وڏو بادشاهہ آهيان، ۽ منهنجو نالو قومن ۾ مهيب آهي.


۽ جن زمين جي بادشاهن ساڻس زناڪاري ۽ عيش عشرت ڪئي، سي جڏهن هن جي سڙڻ جو دونهون ڏسندا، تڏهن سندس لاءِ روئندا ۽ پِٽيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ