Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 51:55 - Sindhi Bible

55 ڇالاءِ جو خداوند بابل کي لٽي ٿو، ۽ منجهانئس وڏو گوڙ شور اصل ڪڍي ڇڏي ٿو: ۽ هنن جون لهرون گهڻي پاڻيءَ وانگي گجن ٿيون، هنن جي آواز جو گوڙ ٿو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

55 ڇاڪاڻ تہ مون خداوند بابل تي تباهي آندي آهي. دشمن سمنڊ جي ڇولين وانگر گجگوڙ ڪندي مٿن اچي ڪڙڪيا آهن. سندن گجگوڙ جو آواز بابلين جي گوڙ شور تي غالب اچي ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 51:55
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ماڻهو اسان جي برخلاف کڙا ٿيا هئا، تڏهن جي خداوند اسان جي پاسي نہ هجي ها:


انهيءَ مهل پاڻيءَ جي اُٿل اسان جي مٿان لنگهي وڃي ها، ۽ اسان جي جان وهڪري ۾ وهي وڃي ها:


موت جون رسيون مون کي ويڙهي ويون، ۽ بي دينيءَ جي لهرن مونکي ڊيڄاري ڇڏيو.


تون سمنڊن جي گجگوڙ کي ۽ لهرن جي گوڙ کي، ۽ ماڻهن جي گڙٻڙ کي بس ٿو ڪرائين.


آءٌ اونهيءَ گپ ۾ گپندو ٿو وڃان، جنهن ۾ بيهڻ جي ڪا جاءِ ڪانهي: آءٌ اونهي پاڻيءَ ۾ اچي پيو آهيان، ۽ پاڻيءَ جي اُٿل منهنجي مٿان لنگهيو ٿي وڃي.


موآب بابت ڪلام. هڪڙي ئي رات ۾ موآب وارو عار ويران ۽ نابود ٿي ويو؛ هڪڙي ئي رات ۾ موآب وارو قير ويران ۽ نابود ٿي ويو.


قومون گهڻي پاڻيءَ جي وهڪري وانگي ڪاهي اينديون: پر هو انهن کي عتاب ڏيندو، ۽ اهي ڀڄي وينديون، جيئن بُهہ واءُ جي اڳيان جبلن تي ۽ جيئن طوفان واچوڙي ۾ مٽيءَ کي اُڏائي.


اي ڪسدين جي ڌيءَ تون ماٺ ڪري اوندهہ ۾ ويهہ: ڇالاءِ جو تون اڳتي بادشاهتن جي بيگم نہ سڏبينءَ.


تنهن کان سواءِ آءٌ هنن مان سرهائي جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز، جنڊن جو آواز، ۽ ڏيئي جو سوجهرو ڪڍي ڇڏيندس.


سمنڊ بابل تي چڙهي آيو آهي: اُهو ان جي بيشمار لهرن سان ڍڪجي ويو آهي.


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي صور آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، ۽ گهڻين قومن کي توتي چاڙهي آڻيندس، جيئن سمنڊ پنهنجون لهرون چاڙهي ايندو آهي.


۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارن ۾ نشان ظاهر ٿيندا، ۽ زمين تي قومن مٿان مصيبت اچي ڪڙڪندي، ۽ اُهي سمنڊ ۽ لهرن جي گوڙ ڪري حيران ۽ پريشان ٿي وينديون.


پوءِ هن مون کي چيو تہ جيڪي پاڻي تو ڏٺا، ۽ جن تي اُها ڪسبياڻي ويٺي هئي، سي اُمتون، ميڙاڪا، قومون ۽ ٻوليون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ