54 بابل مان دانهن جو، ۽ ڪسدين جي زمين مان وڏي تباهي جو آواز ٿو ٻڌجي!
54 خداوند فرمائي ٿو تہ ”بابل شهر مان دانهن جو، بلڪ سڄي بابل ملڪ مان وڏي تباهيءَ جو آواز ٿو ٻڌجي،
منهنجي دل موآب لاءِ دانهون ڪري ٿي؛ ان جا سردار ضغر تائين، ۽ عجلت شليشياہ ڏي ڀڄي وڃن ٿا: هو لوحيت جي چاڙهيءَ تائين رئندا مٿي وڃن ٿا؛ هو حورونايم جي رستي تي موت جي دانهن ڪن ٿا.
تون پرديسين جي هل کي خشڪ جاءِ جي گرميءَ وانگي هيٺ آڻيندين؛ جيئن ڪڪر جي ڇانوَ هيٺ گرمي گهٽجي وڃي، تيئن خوفناڪ ماڻهن جي راڳ جو آواز گهٽايو ويندو.
جنگ جو ۽ وڏي تباهيءَ جو آواز ملڪ ۾ آهي.
اُن جا سڀ ڍڳا ڪهو؛ انهن کي ڪوس لاءِ لهڻ ڏيو: ويل آهي انهن سان! ڇالاءِ جو انهن جو ڏينهن ۽ انهن جي سزا جو وقت اچي پهتو آهي.
بابل جي بادشاهہ هنن جي ناموس ٻڌي آهي ۽ انهي جا هٿ ڍرا ٿا ٿين: ڏکن ۽ سورن انهي کي آڻي ورايو آهي، جيئن سورن واري زال جو حال ٿيندو آهي.
بابل جي وٺجڻ جي هل تي زمين ڏڪي ٿي ۽ اها دانهن ملڪن ۾ پئي ٻڌجي.
۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ ڏينهن مڇيءَ واري دروازي کان رڙ جو آواز، ۽ ٻئي پاڙي مان رودن، ۽ ٽڪرن تان وڏو ڪڙڪو ايندو.