Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 51:51 - Sindhi Bible

51 اسين شرمندا ٿيا آهيون. ڇالاءِ جو اسان طعنو ٻڌو آهي؛ لڄ اسان جا منهن ڍڪي ڇڏيا آهن: ڇالاءِ جو ڌاريا ماڻهو خداوند جي گهر جي پاڪ جاين ۾ گهڙي ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

51 اوهين پاڻ چئو ٿا تہ ’اسين ذليل ٿيا آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسان جي بي‌عزتي ڪئي ويئي آهي. جيئن تہ ڌاريا خداوند جي مقدس هيڪل اندر گھڙي ويا آهن، تنهنڪري شرم کان اسان جا ڪنڌ جھڪيل آهن.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 51:51
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل منهنجا دشمن بي عزتيءَ جي پوشاڪ پائين، ۽ پنهنجيءَ شرمندگيءَ کي چادر وانگي ڍڪين.


جيڪي منهنجيءَ جان جا دشمن آهن سي شرمندا ٿين، ۽ فنا ٿي وڃن؛ جيڪي منهنجا مٺگهرا آهن سي مهڻن ۽ بدناميءَ سان ڍڪجي وڃن.


اي خدا ڌاريون قومون تنهنجيءَ ميراث ۾ گهڙي آيون آهن: انهن تنهنجي پاڪ هيڪل کي ناپاڪ ڪيو آهي، ۽ يروشلم کي ڊاهي دڙا ڪري ڇڏيو اٿن.


اي خداوند اسان جي پاڙيسرين جي گلا جا هو تنهنجي برخلاف ٿا ڪن، سا ستوڻي ڪري مٿن آڻ.


اسان جا پاڙيسري اسان کي طعنا ٿا هڻن، ۽ جيڪي اسان جي آس پاس آهن سي اسان تي چٿرون ۽ ٺٺوليون ٿا ڪن.


اي خداوند ڪيستائين، تون هميشہ تائين پاڻ لڪائي ڇڏيندين ڇا؟ ڪيستائين تنهنجي ڪاوڙ باهہ وانگي پيئي ٻرندي؟


بابل بابت ڪلام جو يسعياہ بن آموص کي رويا ۾ حاصل ٿيو.


ڇالاءِ جو خداوند کي يعقوب تي رحم ايندو، ۽ هو اڃا بہ اسرائيل کي پسند ڪندو ۽ انهي کي پنهنجي ملڪ ۾ قائم ڪندو: ۽ پرديسي انهن سان وڃي گڏبا ۽ اهي يعقوب جي گهراڻي سان لاڳو رهندا.


سمنڊ جي بيابان بابت ڪلام. جيئن ڏکن ۾ واچوڙا ملڪ ٻهاريندا لنگهندا وڃن، تيئن هو بيابان مان، ۽ خوفناڪ زمين مان اچي ٿو.


اي بابل جي ڪنواري ڌيءَ، هيٺ لهي مٽيءَ تي ويهہ؛ اي ڪسدين جي ڌيءَ، تخت تان لهي پٽ تي ويهہ: ڇالاءِ جو تون اڳتي نازنين ۽ نازڪ نہ سڏبينءَ.


۽ انهن جا امير پنهنجا ملازم پاڻيءَ تي موڪلين ٿا: اهي کوهن تي اچن ٿا، پر پاڻي ڪونہ ٿا ڏسن: ۽ پنهنجا ٿانوَ خالي موٽايو ٿا وڃن: اُهي شرمندا ۽ لڄي آهن، ۽ پنهنجا مٿا ڍڪي ٿا ڇڏين.


۽ اُتر جي سڀني بادشاهن کي، جي ويجهو ۽ پري آهن يا هڪٻئي سان گڏ آهن؛ ۽ زمين جي سطح تي دنيا جون جيڪي بادشاهتون آهن تن کي: ۽ انهن کان پوءِ شيشڪ جو بادشاهہ پيئندو.


يقين آهي تہ پنهنجي ڦرڻ کان پوءِ مون توبهہ ڪئي؛ ۽ تعليم ملڻ کان پوءِ مون پنهنجي ران تي ڌڪ هنيو؛ آءٌ شرمندو ٿيس، هائو، بلڪ منجهي پيس، ڇالاءِ جو مون پنهنجي جوانيءَ جي خواري کنئي آهي.


۽ انهيءَ خداوند جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر ساڙيو؛ ۽ يروشلم جا سڀ گهر، بلڪ سڀڪو وڏو گهر، هن باهہ سان ساڙيو.


دشمن پنهنجو هٿ ان جي سڀني وڻندڙن شين تي ڊگهو ڪيو آهي: ڇالاءِ جو هن ڏٺو آهي تہ غير قومن وارا سندس پاڪ جاين ۾ گهڙي آيا آهن، جن جي نسبت ۾ تو حڪم ڪيو هو تہ تنهنجي جماعت ۾ داخل نہ ٿين.


اي خداوند ڏس، ۽ نظر ڪر تہ ڪنهن جو تو اهڙو حال ڪيو آهي! زالون ڪو پنهنجو ڦر کائينديون ڇا، يعني جيڪي ٻار هٿن ۾ ڪڏايا ٿا وڃن؟ خداوند جي پاڪ مڪان ۾ ڪاهن ۽ نبي قتل ڪيا ويندا ڇا؟


اي خداوند، ياد ڪر تہ اسان تي ڇا آيو آهي: نظر ڪر ۽ اسان جي خواري ڏس.


اسرائيل جي گهراڻي کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ پنهنجو پاڪ مڪان، جو اوهان جي طاقت جو فخر آهي، ۽ اوهان جي اکين جي خواهش آهي، ۽ جنهن تي اوهان جو هانءُ ٿو ڪُرڪي، تنهن کي آءٌ ناپاڪ ڪندس، ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئرون، جي اوهين پٺيان ڇڏي آيا آهيو، سي ترار سان ڪِرندا.


۽ آءٌ وڻن جو ڦر وڌائيندس ۽ ٻنيءَ جي پيدائش بہ وڌيڪ ڪندس، جنهنڪري قومن ۾ وري اڳتي اوهان کي ڏڪر جو مهڻو نہ ملندو.


هو پنهنجي چيلهہ سان کٿا بہ ٻَڌندا، ۽ خوف هنن کي ڍڪي ڇڏيندو؛ ۽ سڀني جي منهن تي شرم هوندو، ۽ انهن سڀني جا مٿا گنجا هوندا.


۽ هن انهن کي چيو تہ گهر کي ناپاڪ ڪريو، ۽ ايوان ڪُٺلن سان ڀري ڇڏيو: نڪري هلو. پوءِ هو نڪري ويا ۽ شهر ۾ ڪوس ڪرڻ لڳا.


۽ هٿيار هن جي طرفان کڙا ٿيندا، ۽ هو پاڪ مڪان جي بي ادبي ڪندا، يعني قلعي جي، ۽ مدامي سوختني قرباني کڻي ويندا، ۽ ويران ڪندڙ ڪراهت جهڙي شيءِ اُتي رکندا.


۽ اسحاق جون مٿانهيون جايون ويران ٿينديون، ۽ اسرائيل جا پاڪ مڪان غير آباد ٿي ويندا؛ ۽ آءٌ ترار سان يربعام جي گهراڻي جي برخلاف اُٿندس.


ڇالاءِ جو عمريءَ جا قاعدا، ۽ اخي اب جي گهراڻي جا سڀ ڪم اوهين ڪريو ٿا، ۽ اوهين انهن جي صلاح مصلحتن تي هلو ٿا: انهي لاءِ تہ آءٌ توکي ويران ڪريان، ۽ ان جي رهاڪن کي شوڪار جو باعث بنايان؛ ۽ اوهين منهنجي قوم جي ملامت کڻندا.


تڏهن منهنجو دشمن اهو ڏسي شرمندگيءَ سان ڍڪجي ويندو، جنهن مون کي چيو تہ خداوند تنهنجو خدا ڪٿي آهي؟ منهنجون اکيون انهي کي ڏسنديون؛ هاڻي هو گهٽين جي مٽيءَ وانگي لتاڙجي ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ