Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 51:49 - Sindhi Bible

49 جيئن بابل اسرائيل جا ڪُٺل ڪيرايا آهن، تيئن بابل ۾ ساري زمين جا ڪُٺل ڪرندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

49 هائو، جهڙيءَ طرح بابل سڄيءَ دنيا جي ماڻهن ۾ موت وجھي ڇڏيو هو، تهڙيءَ طرح هاڻ بابل جي ماڻهن ۾ بہ موت پوندو، ڇاڪاڻ تہ هنن ڪيترائي بني اسرائيل ماري ڇڏيا آهن. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 51:49
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ، جو اي منهنجي ورثي جي لٽڻ وارا، اوهين خوش آهيو، اوهين بري هلت ٿا ڪريو، ۽ انهي گابيءَ وانگي ٽپا ڏيو ٿا جا اَن لتاڙي ٿي، ۽ مضبوط گهوڙن وانگي هڻڪون ٿا؛


ڪماندارن کي بابل سان وڙهڻ لاءِ سڏي گڏ ڪريو، انهن سڀني کي جي ڪمان ڪشيندا آهن؛ انهن جي چوڌاري منزل ڪري بيهي وڃو؛ انهن جو ڪوبہ ماڻهو ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيو: سندن ڪمن موافق کين بدلو ڏيو؛ جيئن پاڻ ڪيو اٿس، تيئن ساڻس ڪريو: ڇالاءِ جو هن خداوند سان سينو ساهيو آهي، يعني اسرائيل جي پاڪ خدا سان.


خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ بابل کي ۽ ڪسديہ جي سڀني رهاڪن کي اُهي سڀ خرابيون پهچائيندس جي هنن اوهان جي ڏسندي صيون ۾ ڪيون آهن.


صيون جو رهاڪو چوندو تہ جيڪو ظلم مون سان ۽ منهنجن ماڻهن سان آهي سو شل بابل جي سر تي هجي؛ ۽ يروشلم چوندو تہ منهنجو خون شل ڪسديہ جي ماڻهن جي سر تي هجي.


ڇالاءِ جو جهڙيءَ طرح اوهين عيب جوئي ڪندا، تهڙيءَ طرح اوهان جي بہ عيب جوئي ٿيندي. ۽ جنهن ماپ سان اوهين مئي ڏيندا، تنهن سان اوهان کي بہ مئي ملندو.


ڇالاءِ جو جنهن پاڻ رحم نہ ڪيو آهي، تنهن جو انصاف بہ رحم کانسواءِ ٿيندو: رحم انصاف تي غالب ٿو پوي.


۽ انهي ۾ نبين ۽ پاڪ ٿيلن جو، ۽ زمين تي جيڪي قتل ٿي ويا آهن تن سڀني جو رت لڌو ويو هو.


تڏهن ادوني بزق چيو تہ ستر بادشاهہ هٿن پيرن جي آڱوٺن وڍيل، منهنجي دسترخاني هيٺ مانيءَ جا ڀور گڏ ڪري کائيندا هئا. جيئن مون ڪيو، تيئن خدا بہ مون کي بدلو ڏنو. پوءِ کيس يروشلم ۾ وٺي ويا، ۽ هو اُتي مري ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ