Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 51:48 - Sindhi Bible

48 تڏهن آسمان ۽ زمين، ۽ جيڪي انهن ۾ آهي، سڀ بابل تي خوشيءَ مان راڳ ڳائيندا، ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو، تہ ڦرلٽ ڪرڻ وارا اُتر کان اُن وٽ ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

48 جڏهن اتر کان تباهي مچائيندڙ لشڪر بابل تي اچي ڪڙڪندو، تڏهن آسمان توڙي زمين ۽ جيڪي انهن ۾ آهي، سي سڀ انهيءَ ڪري خوشيءَ وچان راڳ ڳائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 51:48
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن سچا چڱي حال ۾ آهن تڏهن شهر خوش ٿو رهي: ۽ جڏهن شرير مرن ٿا تڏهن خوشي ٿي ٿئي.


اي آسمانو ڳايو، ڇالاءِ جو خداوند ائين ڪيو آهي؛ اي پاتال رڙيون ڪر؛ اي جبلو، اي ٻيلا ان جا سڀ وڻو، اوهين ڳائڻ لڳو: ڇو تہ خداوند يعقوب جو عيوضو ڏنو آهي، ۽ اسرائيل ۾ هو پنهنجو جلال ظاهر ڪندو.


اوهين بابل مان نڪرو، ڪسدين مان ڀڄي نڪرو؛ ڳائڻ جي آواز سان اوهين ظاهر ڪري ٻڌايو، زمين جي ڇيڙي تائين بيان ڪري ٻڌايو: اوهين چئو تہ خداوند پنهنجي بندي يعقوب کي ڇڏايو آهي.


اي آسمانو ڳايو؛ اي زمين خوش ٿي، اي جبلو گيت ڳايو: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت کي تسلي ڏني آهي، ۽ پنهنجي ڏکويلن تي رحم ڪندو.


ڇالاءِ جو اُتر مان اُنهي تي هڪڙي قوم ڪاهيو ٿي اچي جا ان جي ملڪ کي ويران ڪندي، ۽ ڪوبہ اُتي رهڻ وارو ڪونہ هوندو: اُهي ڀڄي ويا آهن، اُهي نڪري ويا آهن، جهڙا ماڻهو تهڙا مرون.


ڏس، هڪڙي قوم اُتر مان اچي ٿي؛ ۽ هڪڙي وڏي اُمت ۽ گهڻا بادشاهہ زمين جي تمام پرانهن ڀاڱن کان اُٿاريا ويندا.


ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ اُتر واري ملڪ مان وڏين قومن جي هڪڙي جماعت اُٿاري بابل تي چاڙهي ايندس: ۽ اُهي ان جي سامهون صفون ٻڌي بيهندا؛ ۽ هو وٺجي ويندو: انهن جا تير آزمودگار پهلوان جي تيرن وانگي هوندا، ۽ انهن مان ڪوبہ خالي نہ موٽندو.


ڇالاءِ جو لٽ ڪرڻ وارو انهي تي ڪاهي آيو آهي، يعني بابل تي، ۽ ان جا بهادر مرد جهلجي ويا آهن، ۽ انهن جون ڪمانون ڀڄي پرزا پرزا ٿي پيون آهن: ڇالاءِ جو خداوند انتقام وٺڻ وارو خدا آهي، ۽ هو ضرور بدلو وٺندو.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن ساري زمين خوشيون ڪندي تڏهن آءٌ توکي ويران ڪندس.


اي آسمان، ۽ سڀيئي پاڪ ٿيل، ۽ رسول، ۽ نبي، اوهين انهي تي خوشي ڪريو؛ ڇالاءِ جو خدا انصاف ڪري هن کان اهو بدلو ورتو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ