Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 51:47 - Sindhi Bible

47 تنهن ڪري ڏس، اُهو ڏينهن اچي ٿو جڏهن آءٌ بابل جي اُڪريل مورتن تي فتويٰ جاري ڪندس، ۽ اُن جي ساري زمين شرمندي ٿيندي؛ ۽ اُن جا سڀ ڪُٺل اُن جي وچ ۾ ڪرندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

47 انهيءَ سبب جو اهو وقت يقيناً اچڻ وارو آهي، جڏهن آءٌ بابل جي بتن کي سزا ڏيندس. بابل جو سڄو ملڪ خوار خراب ٿيندو، ۽ ان جا سمورا ماڻهو ماريا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 51:47
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏس، اِجهو ماڻهن جو لشڪر، ۽ گهوڙي سوار جوڙو جوڙو ٿي اچن ٿا. ۽ هن ورندي ڏئي چيو تہ بابل ڪريو آهي، ڪريو آهي؛ ۽ ان جي معبودن جون سڀ اُڪريل مورتون ڀڄي زمين تي اچي پيون آهن.


تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هنن کي سزا ڏيندس: جوان ماڻهو ترار سان مرندا: هنن جا پٽ ۽ هنن جون ڌيئرون ڏڪار سان مرنديون؛


جڏهن هو تنهنجن دوستن کي حڪمران ڪندو تڏهن تون ڇا چوندين، جنهن صورت ۾ تو پاڻ هنن کي پنهنجي برخلاف سيکاريو آهي؟ ڇا تون انهيءَ زال وانگر جنهن کي سور لڳا هجن، سور ۾ نہ پوندين؟


جيڪو نبي يا ڪاهن، يا قوم مان چوندو تہ خداوند جو ڪلام، تنهن ماڻهوءَ ۽ سندس گهراڻي کي آءٌ سزا ڏيندس.


۽ جڏهن ستر ورهيہ پورا ٿيندا تڏهن خداوند ٿو فرمائي، تہ هيئن ٿيندو جو آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ انهي قوم ۽ ڪسدين جي ملڪ کي سندن بدڪاريءَ سبب سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ انهي زمين کي هميشہ لاءِ ويران ڪندس.


اوهين قومن منجهہ ظاهر ڪريو ۽ پڌرائي ڪرايو هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو ۽ مشهوري ڪرايو ۽ لڪايو نہ: چئو تہ بابل وٺجي ويو آهي، بيل شرمندو ڪيو ويو آهي، مردوڪ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪيو ويو آهي؛ اُن جا بت شرمندا ڪيا ويا آهن، انهن جون مورتون ڀڃي پرزا پرزا ڪيون ويون آهن.


اُهي باطل ۽ ٺڳيءَ جو ڪم آهن: جڏهن اُنهن جي خبر لهڻ جو وقت ايندو تڏهن اُهي ناس ٿي وينديون.


خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ بابل کي ۽ ڪسديہ جي سڀني رهاڪن کي اُهي سڀ خرابيون پهچائيندس جي هنن اوهان جي ڏسندي صيون ۾ ڪيون آهن.


اُن جا شهر ويران ۽ خشڪ زمين ۽ برپٽ ٿي ويا آهن، يعني اهڙي زمين جنهن ۾ ڪوبہ ماڻهو نٿو رهي، ۽ نہ ڪو آدمزاد اُتان لنگهي ٿو.


تنهن ڪري ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اُن جي اُڪريلن مورتن تي فتويٰ جاري ڪندس؛ ۽ اُن جي ساري زمين ۾ ڦٽيلن جي ڪنجهڪار پئجي ويندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ